اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي نيب ترميمي بل 2026 منظور ڪري ورتو، جڏهن ته بل جي منظوري وقت اپوزيشن پاران ايوان ۾ سخت احتجاج ڪيو ويو.
منظور ڪيل بل هاڻي صدر ڏانهن صحيحون ڪرڻ لاءِ موڪليو ويندو.
بل ۾ وفاقي حڪومت کي نيب چيئرمين جي مدي ۾ وڌيڪ 3 سال واڌ ڏيڻ جو اختيار ڏيڻ ۽ احتساب عدالتن جي اختيارن جي دائري ۾ اپيلون شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
بل جي متن موجب نيب ڪيسن ۾ مالي حد هر سال مهانگائي موجب ايڊجسٽ جي تجويز پڻ شامل آهي، پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس جي انفليشن انڊيڪس موجب مالي حد مقرر ٿيندي.
ان کان اڳ سينيٽ اجلاس دوران سينيٽر عبدالقادر پنهنجو نجي بل پيش ڪرڻ لاءِ اٿي بيٺو ۽ چيو ته منهنجو هڪ ٻيو بل به آهي، جيڪو مان ايوان ۾ پيش ڪري رهيو آهيان، ان کي فوري طور منظور ڪيو وڃي.
هن نيب ترميمي بل منظوري لاءِ پيش ڪيو ته اپوزيشن احتجاج شروع ڪري ڇڏيو، سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته هي بل نه ايجنڊا ۾ شامل آهي ۽ نه ئي ان کي ضمني ايجنڊي طور پيش ڪيو ويو آهي.
سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني بل پيش ڪرڻ جي رٿ ايوان ۾ پيش ڪئي، جنهن کي اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو.
بل ۾ چيو ويو آهي ته نيب چيئرمين جي مدي ۾ ٽي سال تائين واڌ ٿي سگهندي، نيب عدالت يا هاءِ ڪورٽ کي ضمانت ڏيڻ يا جوابدار کي آزاد ڪرڻ جو اختيار به حاصل هوندو، نيب عدالت ۽ هاءِ ڪورٽ، ڪوڊ آف ڪرمنل پروسيجر جي سيڪشن 439، 496، 497 ۽ 498 تحت جوابدار کي ضمانت ڏئي يا بري ڪري سگهنديون.
بل موجب جوابدار يا نيب چيئرمين جي هدايت تي پراسيڪيوٽر جنرل احتساب عدالت يا هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف 30 ڏينهن اندر وفاقي آئيني عدالت ۾ اپيل داخل ڪري سگهندو.
You might also like