ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ سرحدي ڇڪتاڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن کي گڏيل احترام سان ڳالهين ذريعي مسئلو حل ڪرڻ تي زور ڏنو آهي.
روسي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ افغان سرحد تي جاري جهڙپن ۽ ويڙهه جا اطلاع ڳڻتيءَ جوڳا آهن.
روسي پرڏيهي وزارت چيو ته گذريل ڏينهن ۾ سرحدي علائقن ۾ جهازن ۽ ڳرن هٿيارن جي استعمال سان هٿياربند جهڙپن جا اطلاع آهن، پاڪستان ۽ ايران مان واپس ايندڙ افغان پناهگير به سرحدي ڇڪتاڻ سبب متاثر ٿي رهيا آهن.
پرڏيهي وزارت چيو ته ڪابل ۽ اسلام آباد کي اپيل آهي ته فوجي تڪرار کان پاسو ڪن، ٻئي ملڪ گڏيل احترام سان ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪن.
You might also like