سعودي عرب ويندڙ پاڪستانين لاءِ اهم هدايتون جاري، ڪهڙيون شيون کڻي وڃڻ تي پابندي؟

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ويندڙ پاڪستاني مسافرن لاءِ اهم سفري هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، جن ۾ پابند مڙهيل شين جي فهرست به ڄاڻائي وئي آهي.
بيورو آف اميگريشن اينڊ اوورسيز ايمپلائيمينٽ طرفان سعودي عرب سفر ڪندڙ پاڪستاني شهرين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته محفوظ سفر ۽ سعودي قانونن جي پاسداري لاءِ پابندڙ مڙهيل شيون پاڻ سان کڻي وڃڻ کان مڪمل طور پاسو ڪن.
اداري موجب، سعودي عرب سفر دوران شراب، هر قسم جو نشو، منشيات ۽ ٻيون بندش هيٺ دوائون، سوئر جو گوشت ۽ ان مان تيار ڪيل سموريون شيون، هر قسم جا هٿيار، بارودي مواد ۽ ٻيا خطرناڪ اوزار به ساڻ رکڻ يا کڻي وڃڻ قانوني ڏوهه آهي.
پابندي مڙهيل شين ۾ جوا کيڏڻ جو سامان، لاٽري جون ٽڪيٽون ۽ ان سان ملندڙ ٻيون شيون پڻ شامل آهن، جڏهن ته مقدس ڪتابن جون نامناسب ڪاپيون يا اهڙو مواد به کڻي وڃڻ کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
اختيارين مسافرن کي صلاح ڏني آهي ته ڪنهن به پريشاني يا قانوني ڪارروائي کان بچڻ لاءِ سفر کان اڳ سعودي ڪسٽمزجي سرڪاري ويب سائيٽ تي پابندي مڙهيل شين جي مڪمل فهرست جو لازمي جائزو وٺن.

You might also like