”ويلڪم بيبي گرل!“ دپيڪا پاڊڪون ۽ رنوير سنگهه جي گهر ڌيءَ جي پيدائش

ممبئي (ويب ڊيسڪ(بالي ووڊ جي مشهور جوڙي دپيڪا پڊوڪون ۽ رنوير سنگهه جي گهر ڌيءَ جي پيدائش ٿي آهي.
دپيڪا پڊوڪون سماجي رابطن جي ويب سائيٽ انسٽاگرام تي پنهنجي مداحن سان اها خوشخبري شيئر ڪئي.
اداڪارا ٻار جي پيرن جي نشان واري تصوير شيئر ڪئي، جنهن تي ”ويلڪم بيبي گرل“ لکيل هو.
دپيڪا پڊوڪون ۽ رنوير سنگهه 19 اپريل 2026ع تي گڏيل انسٽاگرام پوسٽ ذريعي پنهنجي ٻئي ٻار جي آمد جو اعلان ڪيو هو ۽ ٻڌايو هو ته هو پنهنجي ٻئي ٻار جي اميد ڪري رهيا آهن.
تازو دعا جي سالگرهه جي موقعي تي به دپيڪا ۽ رنوير هڪ دلڪش تصوير شيئر ڪئي هئي، جنهن جي ڪيپشن ۾ لکيو هو ته ”بيبي دعا ۽ اسان جون دليون وڌيڪ وڏيون ٿي رهيون آهن! توهان جي دعائن لاءِ مهرباني.“

You might also like