واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) چيني صدر شي جن پنگ جو هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي کانپوءِ ايندڙ هفتي آمريڪا جو سرڪاري دورو متوقع آهي، جتي هو صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان اهم ۽ حساس معاملن تي ڳالهين سان گڏ غير رسمي رابطن کي به وڌائيندو.
رپورٽن موجب، شي جن پنگ جي جهاز جي واشنگٽن ڀرسان جوائنٽ بيس اينڊريوز تي لهڻ وقت صدر ٽرمپ پاڻ سندس آڌرڀاءُ ڪندو، جڏهن ته خميس ڏينهن وائيٽ هائوس ۾ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ اهم ملاقات ۽ بند ڪمري ۾ ڳالهين جو امڪان آهي.
دوري دوران واپار، ٽيرف، مصنوعي ذهانت (اَي اءِ ) ۽ ناياب معدنيات سميت مختلف معاشي ۽ اسٽريٽجڪ معاملن تي ڳالهيون ٿينديون. آمريڪي اختيارين موجب، ڪجهه غير اسٽريٽجڪ شين تي لاڳو ٽيرف ۾ گهٽتائي تي اتفاق جا امڪان آهن، جڏهن ته ناياب معدنيات جي فراهمي بابت آمريڪي برآمدي پابندين ۾ وڏي نرمي جو امڪان گهٽ آهي.
ياد رهي ته شي جن پنگ جي آخري آمريڪي سرڪاري دوري جو وقت سيپٽمبر 2015ع هو، جڏهن بارڪ اوباما آمريڪا جو صدر هو.