مڪي کان مصر تائين 21 هين صديءَ جو سڀ کان ڊگهو ترين سج گرهڻ، پاڪستان ۾ به ناياب منظر ڏٺو ويندو، ڪڏهن ۽ ڪٿي ڄاڻيو

ايندڙ سال ٻه آگسٽ 2027ع تي ٿيندڙ مڪمل سج گرهڻ دوران چنڊ سج کي مڪمل طور ڍڪي ڇڏيندو، جنهن سان ڏينهن جو آسمان اونداهو ٿي ويندو ۽ سج جي ٻاهرين فضا ”ڪورونا“ نمايان ٿي سگهي ٿي.
هي ايڪويهين صديءَ جو ڊگهي ۾ ڊگهو مڪمل سج گرهڻ هوندو، جنهن دوران مڪمل اونداهي جو مرحلو وڌ ۾ وڌ 6 منٽ 23 سيڪنڊن تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي.
سج گرهڻ جو رستو بحر اوقيانوس کان شروع ٿي اسپين، مراڪش، الجزائر، تيونس، ليبيا، مصر، سوڊان، سعودي عرب، يمن ۽ صوماليا جي ڪجهه علائقن مان گذرندي هندي سمنڊ ۾ چاغوس ٻيٽن ڀرسان ختم ٿيندو.
مصر هن فلڪي منظر لاءِ اهم هنڌن مان هڪ هوندو، جتي اقصر ڀرسان مڪمل سج گرهڻ لڳ ڀڳ 6 منٽ 19 سيڪنڊن تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي.
مڪي شريف ۾ مڪمل گرهڻ جو دورانيون اٽڪل 5 منٽ 10 سيڪنڊ هوندو، جڏهن ته جدي سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ به مڪمل سج گرهڻ ڏسي سگهجي ٿو.
پاڪستان ۾ سج گرهڻ جزوي هوندو
پاڪستان ۾ به 2 آگسٽ 2027ع تي سج گرهڻ ڏسي سگهجي ٿو، پر هتي مڪمل بدران جزوي سج گرهڻ هوندو.
ٽائم اينڊ ڊيٽ موجب، ملڪ ۾ گرهڻ منجهند 2 لڳي 43 منٽن تي شروع ٿي شام 4 لڳي 51 منٽن تائين جاري رهندو.
اسلام آباد ۾ اهو 3:14 وڳي شروع، 3:47 وڳي عروج تي ۽ 4:19 وڳي ختم ٿيندو، جڏهن ته ڪراچي ۾ لڳ ڀڳ 3 وڳي شروع ٿي 4:48 وڳي تائين جاري رهندو.
ماهرن موجب، جزوي سج گرهڻ دوران سج کي بنا حفاظتي چشمي جي سڌو ڏسڻ اکين لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿو، تنهنڪري مشاهدي لاءِ معياري سولر ايڪليپس گلاسز يا مناسب سولر فلٽر استعمال ڪرڻ ضروري آهي، عام سن گلاسز سج گرهڻ ڏسڻ لاءِ محفوظ ناهن.

You might also like