پيونگ يانگ (ويب ڊيسڪ) اتر ڪوريائي سربراهه ڪم جونگ ان 5000 ٽن وزني جديد ترين خطرناڪ بحري جهاز جو دورو ڪيو ۽ جهاز مان ڪيل ميزائل تجربي جو پاڻ معائنو ڪيو.
اتر ڪوريا جي سرڪاري ميڊيا موجب بحري جهاز مان ڪيل ميزائل تجربي جي موقعي تي ڪم جونگ ان اعلان ڪيو ته اسان جي بحريا هاڻ طاقتور جارحاڻي صلاحيت رکندڙ بڻجي وئي آهي.
ڪم جونگ ان آمريڪا ۽ ان جي اتحادين جي مبينا شرپسندي جو حوالو ڏيندي ملڪ جي بحري طاقت کي وڌيڪ جديد بڻائڻ جو عزم ورجايو.
هن نئين قومي حڪمت عملي جي روشني ۾ هدايتون جاري ڪيون ته نئين 5 سالن جي منصوبي تحت هر سال ان ڪلاس جا يا ان کان به وڏا ٻه جنگي بحري جهاز تيار ڪيا ويندا.
اتر ڪوريا جي سرڪاري ميڊيا موجب ڪم جونگ ان، ان ئي بحري جهاز مان هلايل هڪ اسٽريٽجڪ ڪروز ميزائل تجربي جي نگراني به ڪئي.
هن واضح ڪيو ته ان جو مقصد ملڪي خود مختياري جو دفاع ۽ سامونڊي حدن ۾ دشمن کي ڀرپور جواب ڏيڻ آهي.
You might also like