هي جو ڪجهه به آءُ لکان ٿو، ڪنهن تي ڪو احسان نه آهي،
ڌرتيءَ جو آ قرض سو جيڪو، آءُ چڪائڻ چاهيان ٿو.
هي سٽون سهڻي شاعر ۽ سنڌي شاعريءَ جي ڀاڳ ايازگُل جي سموري تخليقي سفر جو نچوڙ آهن. شاعر لاءِ شاعري ڪو ڏيکاءُ يا شهرت جو ذريعو نه، پر ڌرتيءَ جو قرض لاهڻ جي ڪوشش آهي. اياز گل جي شاعريءَ ۾ محبت جا نرم رنگ، انساني احساسن جي گرمي، سماجي شعور جي جهلڪ ۽ ڌرتيءَ سان بي پناهه وابستگي نمايان نظر اچي ٿي. سندس لفظن ۾ سنڌ جي ماڻهن جي خوشين، اميدن ۽ ڏکن جو عڪس صاف نظر اچي ٿو. هو ذاتي تڪليفن کي پوئتي رکي سنڌ جي درد کي پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بڻائي ٿوڄڻ شاعر جي دل سڄي سماج جي احساسن سان ڌڙڪي ٿي.
هونئن ته پاڻ ۾ پورا هوندا هن،
ديس ڏکيو ٿئي ته شاعر جاڳي پوندا هن.
اياز گل وجود ۾ سادگي، حساسيت ۽ فڪر جي گهراين جو حسين ميل نظر اچي ٿو. سهڻو ۽ وڻندڙ سڀاءُ، خُمار سان ڀريون اکيون، لبن تيبانسريءَ جي مٺڙي سُر جهڙي هلڪي مرڪ، متوازن اٿڻي ويهڻي ۽ گهٽ ڳالهائڻ واري طبيعت، اهي سڀ خوبيون گڏ ٿي اياز گل جي شخصيت کي هڪ اهڙو دلڪش رنگ ڏين ٿيون، جيڪو کيس ٻين شاعرن کان الڳ سڃاڻپ عطا ڪري ٿو. هن جي مزاج ۾ سڪون به آهي ۽ سوچ جي اُٿل به؛ ڄڻ ڪنهن پرسڪون درياهه جي گهراين ۾ به لڪيل لهرون هجن. سندس شاعريءَ جي وڏي خوبي لفظن جي خوبصورت اڻت، دلڪش تشبيهون ۽ احساسن جي نرمي آهي. جديد فڪر سان گڏ سنڌي شعري روايتن جي خوشبو به سندس ڪلام ۾ رچي وئي آهي. انهيءَ ڪري سندس شاعري پڙهندڙ کي رڳو لفظن جي حسن جو مزو نه پر سوچ ۽ احساس جي نئين دنيا سان به روشناس ڪرائي ٿي. شيخ اياز جي ادبي روايت کي اڳتي وڌائيندي اياز گل پنهنجي منفرد لهجي، حساس احساسن ۽ فڪري پختگيءَ سان شاعريءَ جي ميدان ۾ پنهنجو الڳ مقام قائم ڪيو آهي.
ڇهين مارچ جي بهار ڀري صبح ۾، جڏهن سکر جي ڌرتيءَ تي فضا گلن جي خوشبو سان مهڪي رهي هئي، تڏهن اياز گل جنم ورتو. بسنت جي اها رت، جنهن ۾ ڌرتيءَ تي پيلا گل ٽڙن ٿا، وڻن تي نوان گونچ کلن ٿا ۽ هوا ۾ تازگي ۽ اميد جا رنگ پکڙجي وڃن ٿا، سا ئي رت اياز گل جي زندگيءَ جي شروعات بڻي. وقت گذرڻ سان اهو ٻار سنڌي ادب جي باغ ۾ اهڙو گل بڻيو، جنهن جي خوشبو پڙهندڙن جي دلين تائين پهچي وئي. اياز گل کي ننڍپڻ کان ئي علم ۽ ادب سان لڳاءُ رهيو. هُن 1980ع ۾ ايم. اي (سنڌي ادب) ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. 1981ع ۾ ايم. اي (بين الاقوامي تعلقات) ۽ 1984ع ۾ ايل ايل بي جون ڊگريون پڻ حاصل ڪيون. 1983ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ليڪچرر مقرر ٿيو. ساڍا ستَ سال سنڌ جي مختلف ڪاليجن ۾ نوڪري ڪرڻ کانپوءِ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرر مقرر ٿيو. جتان هُو 5 مارچ 2019ع تي سنڌي شعبي جي سربراهه ۽ سچل چيئر جي ڊائريڪٽر جي عھدي تان رٽائرڊ ٿيو. هُن 1971ع کان شاگردي واري دور ۾ شاعريءَ جو آغاز ڪيو، سندس شروعاتي شعرَ 1973ع ۾ ”اديُون“، ”سوجهرو“، ”هوشو“۽ ”ماروئڙا“ رسالن ۾ شايع ٿيا. اراڻي ادب ۾ پڻ اياز گل جو نالو نمايان رهيو آهي. هُو سٺو فوٽوگرافر پڻ آهي، موسيقيءَ سان گهڻي دلچسپي اٿس. سندس گهر ۾ آڊيو، وڊيو ڪئسيٽن ۽ تصويرن جي لائبريري آهي. اياز گل 1996ع کان 1998ع تائين سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو. ميمبر سينڊيڪيٽ، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ، ميمبر بورڊ آف گورنرس، تعليمي بورڊ، سکر ، ميمبر بورڊ آف گورنرس سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سيڪريٽري ۽ ميمبر بورڊ آف اسٽڊيز (سنڌي)، شاهه عبداللطيف، يونيورسٽي، ميمبر صلاحڪاري بورڊ، شيخ اياز چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، انچارج ’تنوير عباسي‘ چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، ميمبر بيدل يادگار ڪاميٽي، روهڙي / سکر.، جنرل سيڪريٽري سکر هسٽاريڪل، سوسائٽي. سنڌ پڻ رهيو. اياز گل ڪجهه عرصو ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ سان گڏ سچل چيئر ۾ به ڪم ڪيو. سنڌي شعبي، شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي مخزن ”ڀٽائي“ جو ايڊيٽر ۽ معاون به رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت جي رسالي ”سنگت“ جو بنياد وڌائين.
اياز گل جديد سنڌي غزل کي به نئون احساساتي ۽ فڪري رنگ ڏنو. روايت جي خوبصورتي کي برقرار رکندي هن ان ۾ پنهنجي دور جي درد، سوالن ۽ خوابن کي شامل ڪيو. نتيجي ۾ سندس شاعري روايت ۽ جدت جو اهڙو سنگم بڻجي وئي، جيڪو پڙهندڙ کي جمالياتي لطف سان گڏ فڪري تحرڪ به ڏئي ٿو. حقيقت ۾ اياز گل جي شاعري سنڌي ادب جي انهيءَ روايت کي اڳتي وڌائي ٿي، جنهن ۾ لفظ رڳو اظهار جو ذريعو نه پر احساسن جي دنيا جا دروازا به کولين ٿا. سندس ڪلام پڙهندڙ کي سوچڻ، محسوس ڪرڻ ۽ زندگيءَ جي نون معنائن کي ڳولڻ تي مجبور ڪري ٿو. سنڌي ادب جي باغ ۾ اياز گل اهڙو مهڪندڙ گل آهي، جنهن جي خوشبو وقت سان گڏ وڌيڪ پکڙجندي رهي ٿي. سندس شاعري ۽ فڪر ايندڙ نسلن لاءِ به الهام، شعور ۽ حوصلي جو سرچشمو رهندا. شال هي سُرهو گل هميشه مهڪندو رهي ۽ سنڌي ادب جي باغ کي پنهنجي خوشبو سان آباد ڪندو رهي.