اسرائيل ايران جنگ ڇا ايٽمي جنگ ۾ تبديل ٿيندي؟

شيـراز پراچـه

اهو امڪان موجود آهي ته جيڪڏهن ايران جلد شڪست قبول نه ڪئي ۽ اسرائيل تي ميزائل حملا جاري رکيا ته اسرائيل ايران خلاف ٽيڪٽيڪل ايٽمي هٿيار استعمال ڪري سگهي ٿو. انهن ايٽمي حملن جا تباهه ڪندڙ ۽ جاني نقصان وارا اثر صرف ايران ۽ ان جي پاڙيسري ملڪن تائين محدود نه رهندا، پر سڄي دنيا تي پوندا. هزارين ۽ لکين ماڻهو ايٽمي ڌماڪن ۽ تابڪاري جي نتيجي ۾ مري سگهن ٿا يا عمر ڀر لاءِ معذور ٿي سگهن ٿا. اسرائيل جي اهڙي ايٽمي حملي کي آمريڪا ۽ مغربي ملڪن جي مدد حاصل ٿي سگهي ٿي. ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جا لڳاتار حملا اصل ۾ ايران جي مڪمل تباهي جو منصوبو آهن.

آمريڪا ۽ اسرائيل هينئر تائين ايراني شهرن تي هزارين ٽن بارود وسائي چڪا آهن، ۽ هي خونريز سلسلو اڃا جاري آهي. ايراني شهري مارجي رهيا آهن، بستيون ۽ عمارتون کنڊر بڻجي رهيون آهن، جڏهن ته ڪجهه ماڻهو ان تي خوشي جو اظهار ڪري رهيا آهن ته ڏسو ايراني ميزائل عرب ملڪن ۽ اسرائيل ۾ ڪيئن تباهي مچائي رهيا آهن. پر خوفناڪ حقيقت اها آهي ته خليجي رياستن ۽ اسرائيل کي ايراني ميزائلن سبب جيڪو نقصان پهتو آهي، اهو ان وڏي تباهي جي مقابلي ۾ ڪجهه به ناهي جيڪا ايران تي نازل ٿي رهي آهي. ايران ايندڙ ڪيترين ئي ڏهاڪن تائين برباد ٿي سگهي ٿو.

الميو اهو آهي ته ايران اڪيلو دنيا جي انتهائي طاقتور فوجي قوتن ۽ بي رحم قومن جو مقابلو ڪري رهيو آهي، جڏهن ته باقي دنيا رڳو تماشو ڏسي رهي آهي. مغربي اڳواڻن، فوجي ماهرن ۽ ميڊيا جو خيال هو ته اسرائيلي ۽ آمريڪي حملن کان پوءِ ايراني عوام پنهنجي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيندو ۽ آمريڪا پنهنجي پسند جي ۽ اسرائيل دوست حڪومت قائم ڪرائي ڇڏيندو. پر ايراني ردعمل ۽ مزاحمت انهن سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. ايران تي روزانو هزارين ٽن بارود وسائڻ باوجود آمريڪا ۽ اسرائيل اڃا تائين ايران کي اسرائيل ۽ علائقي ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن تي ميزائل حملا ڪرڻ کان روڪي نه سگهيا آهن. ساڳئي طرح ايراني عوام حڪومت خلاف بغاوت ڪرڻ بدران پنهنجي حڪومت جي پٺيان بيهي ويو آهي.

جيڪڏهن ايران مغربي سامراج ۽ آمريڪي-صهيوني توسيع پسندي جي سامهون اهڙي طرح بيٺو رهيو ته ممڪن آهي ته ايران کي ايٽمي حملي سان تباهه ڪرڻ ۽ ان جي ڪروڙين شهرين کي دردناڪ موت ڏيڻ جو منصوبو عمل ۾ آندو وڃي.اجتماعي سياسي مغرب ۽ صهيوني قوتون اهڙي تباهي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت به رکن ٿيون ۽ ممڪن آهي ته اهي اهڙو قدم کڻي به وٺن. ان جو سبب مغربي قومن ۽ صهيونين جو غرور ۽ اها حقيقت قبول ڪرڻ کان انڪار آهي ته دنيا تي مغرب جو سياسي، اقتصادي ۽ تهذيبي غلبو هاڻي ڪمزور ٿي رهيو آهي.

دنيا جي سڀ کان طاقتور ملڪ آمريڪا جي آبادي دنيا جي ڪل آبادي جو لڳ ڀڳ چار سيڪڙو آهي، جڏهن ته سڀني مغربي قومن کي گڏ ڪيو وڃي ته اهي دنيا جي ڪل آبادي جو لڳ ڀڳ ڏهه سيڪڙو ٿين ٿيون. ان باوجود، گذريل چار پنج صديون مغربي قومون ۽ مغربي تهذيب دنيا تي غالب رهيون آهن. دنيا ۾ رائج گهڻا سياسي، معاشي، سماجي ۽ ثقافتي نظام مغرب جي اثر هيٺ آهن. جيڪي سماج مغرب جو سياسي ۽ اقتصادي غلبو قبول نٿا ڪن، مغربي رياستون انهن ملڪن ۾ اهڙا متبادل نظام ختم ڪرڻ ۽ مغربي نظام مسلط ڪرڻ جي ڪوششون ڪنديون رهيون آهن. ان مقصد لاءِ جنگين ۽ فوجي حملن کان به پاسو نٿو ڪيو وڃي. سوويت يونين کي ٽوڙڻ لاءِ به سخت سازشون ڪيون ويون، ڇاڪاڻ ته سوشلسٽ نظام مغرب جي چار سئو سالن جي تسلط کي چئلينج ڪيو هو. سوويت يونين جي خاتمي کان پوءِ هاڻي مغربي دنيا چين کي نئون دشمن سمجهي ٿي. چين کي ڪمزور ڪرڻ ۽ وچ اوڀر کي صهيوني رياست جي اثر هيٺ آڻڻ انهن جو ايندڙ مقصد آهي. پر هن ڀيري مسئلو اهو آهي ته 19هين ۽ 20هين صدي جي مقابلي ۾ مغربي دنيا اقتصادي طور ڪمزور ٿي چڪي آهي ۽ صنعتي ميدان ۾ چين سان مقابلو نٿي ڪري سگهي. ڪيترن ئي ٽيڪنالاجي شعبن ۾ چين مغرب کان اڳتي نڪري رهيو آهي. تنهن هوندي به فوجي لحاظ کان آمريڪا اڃا تائين دنيا جو سڀ کان طاقتور ملڪ آهي ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ڪجهه شعبن ۾ اڃا به اڳيان آهي.

آمريڪا جا رياستي ۽ مالي ادارا صهيوني اثر هيٺ آهن، جن جو پنهنجو هڪ نظرياتي ۽ عالمي سياسي ايجنڊا آهي. ان ايجنڊا ۾ اسرائيل آمريڪا کان به وڌيڪ اهميت رکي ٿو. صهيوني قوتون هن ايجنڊا کي مڪمل ڪرڻ لاءِ آمريڪا جا مالي ۽ فوجي وسيلا استعمال ڪري رهيون آهن. ٻي عالمي جنگ کان پوءِ مغرب پنهنجي تهذيب، سياسي نظرين ۽ سماجي قدرن کي دنيا کان بهتر ۽ برتر طور پيش ڪيو. انهيءَ ذهنيت تحت سوويت يونين جي خاتمي کان پوءِ 1992ع ۾ آمريڪي مفڪر فرانسس فوڪوياما پنهنجي ڪتاب “دي اينڊ آف هسٽري اينڊ دي لاسٽ مين” ۾ اعلان ڪيو ته سوشلسزم جي شڪست ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته دنيا جو آخري ۽ بهترين نظام مغربي لبرل جمهوريت آهي، تنهن ڪري دنيا جي هر ملڪ کي اهو نظام اختيار ڪرڻ گهرجي. ان اعلان کان پوءِ آمريڪا جنگي جهازن، بمبارن ۽ فوجن سان دنيا جي ڪمزور ملڪن تي حملا ڪيا ۽ “لبرل جمهوريت” جي نالي ۾ ڪيترن ملڪن تي ظلم جا جبل ٽوڙي ڇڏيا. لکين بيگناهه ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترن علائقن ۾ رت جون نديو وهڻ لڳيون.

انهن عملن مان ظاهر ٿيو ته اجتماعي سياسي مغرب وٽ ڪو اخلاقي نظام ناهي، بلڪه ان جو نظام ظلم، ڪوڙ، منافقت ۽ خود غرضي تي ٻڌل آهي. ان باوجود دنيا جا ڪيترائي سماج اڃا به مغرب جي ظاهري چمڪ کان متاثر آهن. مسلمان معاشرا به ان کان متاثر آهن، خاص طور تي پاڪستان جو سماج. ظاهر ۾ پاڪستان ۾ اسلام جو نالو ورتو وڃي ٿو، پر حقيقت ۾ هتي مذهب گهڻو ڪري تاريخي فرقيواريت، ثقافتي روايتن ۽ مذهبي رسم رواج سان ملي جلي صورت اختيار ڪري چڪو آهي.

پاڪستاني مسلمانن جي اسلام جي سمجهه گهڻو ڪري سطحي آهي. ان تي هندو تهذيب، مغليه دور ۽ برطانوي دور جي اثرن سان پيدا ٿيل ديوبندي، بريلوي ۽ صوفي روايتن جو اثر به موجود آهي. ساڳئي طرح ڪجهه علائقن ۾ قبائلي ثقافت مذهب کي اهڙي سخت ۽ تنگ نظر شڪل ڏئي ڇڏي آهي، جيڪا اصل اسلامي تعليمات کان مختلف آهي. مثال طور رسول الله ﷺ جي دور ۾ عورتون مسجد اينديون هيون، سوال ڪنديون هيون ۽ سماجي زندگي ۾ حصو وٺنديون هيون. حضرت عائشه رضه ته سياست ۽ جنگي معاملن ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو هو. پر ڪجهه معاشرن ۾ عورتن کي سخت پابندين ۾ رکيو وڃي ٿو ۽ ان کي به مذهبي حڪم قرار ڏنو وڃي ٿو. دنيا جي ڪيترن مسلمان معاشرن ۾ سائنسي، عقلي ۽ تنقيدي سوچ جي کوٽ به موجود آهي. انهيءَ سبب مسلمان مغربي تهذيب جي فڪري بنيادن جو ڪو مضبوط متبادل پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن.

ان باوجود اها به حقيقت آهي ته مغربي تهذيب دنيا کي سائنس، ٽيڪنالاجي، جديد فڪر ۽ ترقي جا ڪيترائي تحفا ڏنا آهن. دنيا اڄ جنهن ترقي تي پهتي آهي، ان ۾ مغرب جو وڏو ڪردار آهي. پر ساڳي ترقي مغرب ۾ اهڙو غرور ۽ برتري جو احساس به پيدا ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب هو ٻين قومن تي پنهنجو تسلط برقرار رکڻ چاهي ٿو. جيڪڏهن ايران تي موجوده حملن جو هي سلسلو ايٽمي جنگ ۾ تبديل ٿي ويو ته ان جا نتيجا عالمي تباهي جي صورت ۾ نڪري سگهن ٿا. اهڙي صورت ۾ اجتماعي سياسي مغرب جي غرور کي وڏو ڌڪ لڳندو، ۽ زخمي دنيا شايد انهن ڏوهن کي ڪڏهن به معاف نه ڪري سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.