آمريڪا ۽ اسرائيل عرب ملڪن کي جنگ ڏانهن ڌڪڻ چاهين ٿا:روس

اسلام آباد(حامد مير+عاصمه شيرازي+حبيب اڪرم)روس آمريڪا ۽ اسرائيل تي الزام هنيو آهي ته اهو عرب ملڪن کي جنگ ڏانهن ڌڪڻ چاهين ٿا ايران خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ ڇهين ڏينهن ۾ داخل ٿي چڪي آهي. هن ڇهن ڏينهن واري جنگ ۾ ايران هڪ قدم به پٺتي ناهي هٽايو، ايران جي حڪمت عملي نه صرف آمريڪا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي، پر انهن کي پريشان پڻ ڪري ڇڏيو آهي. ان جي ڪري هاڻي زميني فوج موڪلڻ جون پڻ ڳالهيون ٿي رهيون آهن، جنهن کي ڏسڻو پوندو ته ڪيئن زميني کي شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ اسرائيل ڪيئن زميني فوج  شامل ڪرڻ چاهي ٿو.ايران جي حڪمت عملي موجب، انهن فضائي بمباري سان آمريڪا کي حيران ڪيو، ۽ڪرد علائقن ۾ ماڻهن کي پٺتي ڌڪيو پيو وڃي جن کي آمريڪا هٿيار فراهم ڪري رهيو آهي. هاڻي هن جنگ کي هڪ نئين انداز ۾ ڏٺو پيو وڃي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هميشه مسلمانن جو مذاق اڏايو ويندو رهيو آهي، ۽ انهن کي “اينڊ آف ٽائيمز” سان جوڙيو ويندو رهيو آهي، يعني قيامت جي وقت جي اڳڪٿي سان. پر هاڻي آمريڪا ۾ هن معاملي کي مذهبي جنگ جي رنگ ۾ پيش ڪيو پيو وڃي.گارڊين اخبار جي رپورٽ مطابق، آمريڪي فوجي ڪمانڊرز ايران جي  خلاف جنگ کي مذهبي رنگ ڏيڻ لاءِ فوجين کي بائبل جي آخري زماني ۽ پيشنگوين سان جواز ڏئي رهيا آهن. ملٽري ريلجس فريڊم فائونڊيشن وٽ 200 کان وڌيڪ شڪايتون وصول ٿيون آهن، جن ۾ ميرينز، ايئر فورس، اسپيس فورس جا اهلڪار شامل آهن. شڪايتن ۾ چيو ويو آهي ته ڪمانڊرز ايران جي خلاف فوجي ڪارروائي کي مذهبي انداز ۾ پيش ڪري رهيا آهن ۽ ان کي بائبل جي اڳڪٿين سان جوڙي رهيا آهن،.چائنا ٽائمز موجب، ايران جي فضائي دفاع حڪمت عملي آمريڪا لاءِ حيران ڪندڙ آهي ٻئي پاسيآمريڪي سي آءِ اي ڪردن کي ايران خلاف استعمال ڪرڻ لاءِ اسلحو فراهم ڪري رهي آهي، جڏهن ته عراق جي ڪرد صدر اعلان ڪيو آهي ته هو ايران خلاف جنگ جو حصو نه بڻجندا.ايران اعلان ڪيو آهي ته آبنائي هرمز مان تيل جو هڪ ڦڙو نه گذرندو. 150 کان وڌيڪ جهاز اتي ڦاٿل آهن،دنيا هڪ ٽين عالمي جنگ جي خطري جو شڪار آهي،آمريڪا ايران خلاف مذهب جو ڪارڊ استعمال شروع ڪري ڇڏيو آهي،مسلمانن جا دشمن فرقيواراڻا بنيادن تي مسلمانن کي ورهائي مسجد اقصيٰ شهيد ڪرڻ جي رٿابندي ڪري رهيا آهن،ان سازش جو ثبوت آمريڪا مان ئي مليو آهي،ناليواري آمريڪي صحافي ٽڪر ڪارلسن انڪشاف ڪيو آهي ته نيتن ياهو جا ويجها ساٿي ميزائل حملو ڪري مسجد اقصيٰ کي شهيد ڪري ان جو الزام ايران تي لڳائي ڇڏيندا پوءِ عرب ملڪن ايران تي حملا ڪندا،ٻئي پاسي الجزيره موجب روس ۽ چين ايران جا اهم سفارتي اتحادي آهن ۽ آمريڪا-اسرائيل جي حملن تي انهن سخت تنقيد ڪئي آهي، پر فوجي مدد ڏيڻ کان پاسو ڪيو آهي. آمريڪا ۽ اسرائيل ايران جي حڪومت خلاف ڪردستاني مليشيائن کي زميني قوت طور استعمال ڪرڻ جا ارادا رکن ٿا. اهي ڪردستاني گروهه ايران ۾ "رجيم چينج” لاءِ استعمال ڪرڻ چاهين ٿا، جڏهن ته  سبق ملي ٿو ته تاريخي طور تي ڪردن  کي هميشه آمريڪا کان دوکو ئي  مليو آهي.1970 ۾ آمريڪا ۽ ايران عراق جي ڪرد جنگجوئن کي هٿيار ڏنا ته بغداد حڪومت کي ڪمزور ڪن. پر 1975 ۾ ايران پنهنجي مفادن سبب ڪردن کي ڇڏي ڏنو، 1991ع ۾ آمريڪا عراق ۾ ڪردن کي ٻيهر استعمال پر جڏهن بغداد جا وفادار فوجي ٻيهر منظم ٿيا، آمريڪي فوج انهن  جي مدد نه ڪئي ۽ هزارين ڪرد ۽ عام شهرين جو قتل ٿيو،شام ۾ به آمريڪا ڪردن کي استعمال ڪري کين بي يارومددگار ڇڏي ڏنورپورٽن موجب هزارين ڪرد عراق مان ايران ۾ داخل ٿي ڪري زميني آپريشن شروع ڪرڻ تي تيار آهن، ۽ سي آءِ اي انهن کي هٿيار فراهم ڪري رهي آهي.عراق جي ڪرڊستان علائقائي حڪومت ۽ ان جي صدر نچيروان بارزاني هن ۾ شريڪ ٿيڻ کان انڪار ڪيو آهي. هو زور ڏئي ٿو ته علائقو ڪنهن به فوجي ٽڪراءَ جو حصو نه بڻجي. ايران ۽ ترڪي، ڪنهن به مزاحمت کي سختي سان روڪڻ لاءِ تيار آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.