پرڏيهي امير ماڻهو دبئي مان فرار ٿيڻ لڳا،لکين ڊالر ڏيڻ لاءِ به تيار

اسلام آباد(حبيب اڪرم)جنگ جي ڇهن ڏينهن دوران، ايران دبئي تي 800 ڊرونز ۽ 200 ميزائل موڪليا آهن. دبئي، جيڪو دنيا جي اميرن لاءِ هڪ تفريحي مرڪز سمجهيو ويندو آهي، هن وقت ماڻهن لاءِ ٻاهر نڪرڻ مشڪل بڻجي ويو آهي. فضائي حدون ٿوري دير لاءِ کوليون وڃن ٿيون ۽ پوءِ بند ٿي وڃن ٿيون، جنهن سبب رڳو ڪجهه ماڻهو ئي ٻاهر وڃي سگهن ٿا،برطانيا ۽ جرمني پنهنجي شهرين لاءِ جهازن جو انتظام ڪري رهيا آهن، پر لکين ماڻهو ٻاهر نڪرڻ ۾ انتظار ۾ آهن. ڪيترائي ماڻهو جلد نڪرڻ لاءِ 2-2 لک ڊالر ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهن. اهي ماڻهو اعليٰ درجي جي گاڏين ۾ ويهي عمان جي مسقط شهر تائين پهچايا وڃن ٿا. مسقط کان يورپ تائين جيڪڏهن ڪمرشل فلائيٽ ملي وڃي ته ٺيڪ، نه ته چارٽر فلائيٽ ذريعي پنهنجن ملڪن تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.عمان جي سرحد تي پڻ وڏي رش آهي، جتي عام طور تي 4-5 ڪلاڪن بعد داخل ٿيڻ جي اجازت ملندي آهي. دبئي ۾ جهاز چارٽر ڪرڻ، جيڪو اڳ آسان ڪم هو، هاڻي انتهائي مشڪل ٿي چڪو آهي ٻئي پاسي قطر جي راڄڌاني دوحه ۾ پڻ ڪيترن ئي ڌماڪن جا آوازون ٻڌا ويا،. ميزائل فضائي ۾ ئي تباهه ڪيا ويا، بحرين ۾ پڻ ايراني ميزائل ڪرڻ جون رپورٽون آهن.آزربائيجان جي نخچيواڻ ۾ ڊرون ڪريو، جنهن سبب انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي ٽرمينل متاثر ٿيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.