پرديسي پکين جي غير قانوني شڪار تي انتظاميا جي خاموشي

غلام حسين جوڻو

هر، سال وانگر هن سال به پرديسي پکين جي سنڌ ۾ آمد شروع ٿي ويئي آهي. اهي پکي دنيا جي مختلف ٿڌن ملڪن مان هتي ايندا آهن. خاص ڪري اهي روس، چين ۽ سائيبيريا جي ملڪن مان اڏامي هتي اچي پناهه وٺندا آهن ۽ مهمان بنجي رهندا آهن. پوءِ جڏهن سردي جي موسم مٽبي آهي. ان ۾ تبديلي ايندي آهي ته اهي پنهنجن ملڪن ڏانهن روانا ٿيو وڃن ٿا. پر، جيئن ئي اهي هت پهچن ٿا ته، گھڻا تڻا شڪارين جي ور چڙهيو وڃن. شڪاري ڪيترائي پرديسي پکي ڦاسائي وڪرو ڪن ٿا ۽ لکين روپيه ڪمائيندا رهندا آهن. ڪي ته وري ذبح ڪري انهن جو گوشت وڪرو ڪندا آهن. باقي ڪي ٿورا پکي بچندا آهن سي سلامتي سان پنهنجي ملڪن ڏانهن روانا ٿيو وڃن ٿا. پکي مارڻ يا ڦاسائڻ سان انهن جي نسل ڪشي ٿئي ٿي. عرب شهزاده به مذڪوره شڪار ڪرڻ لاءِ اچيو خيما کوڙين ۽ پکين جي زندگين سان پيا کيڏين. حڪومت طرفان کين مڪمل آزادي حاصل آهي. جنهن ڪري اهي به هتي من مستيون ڪندا رهندا آهن. جيئن ته هاڻ پرڏيهي پکين جي اچڻ جو وقت آهي ته عرب شهزاده به هتي پهچڻ ۾ دير ئي ڪونه ڪندا. جيستائين اهي عرب هتي پهچن. سندن اچڻ کان اڳ ۾ هتان جا مقامي ۽ علائقائي شڪاري ۽ بااثر پکين جو شڪار ڪرڻ لاءِ پيا ڪوششون ڪن. نتيجي ۾ ڪيترائي پکي مارجي چڪا آهن

تازو بدين جي نمائندي رپورٽ ڏني آهي ته، بدين ضلعي جي ساحلي علائقن ۾ پرديسي پکين جي غيرقانوني شڪار جو سلسلو زور شور سان جاري آهي. وائيلڊ لائيف (جهنگلي جيوت) کاتي جا ذميوار عملدار مڪمل طور تي خاموش آهن. لاڙ جي شهرن ۾ پکين جو وڪرو جاري آهي. بدين سميت لاڙ جي سامونڊي علائقن جي ڍنڍن نريڙي ۽ ٻين ڍنڍن ۽ تلائن ۽ ساحلي علائقن ۾ سياري جي موسم ايندي ئي هزارن جي تعداد ۾ پرديسي پکي روس، چين سائيبيريا ۽ ٻين ٿڌن ملڪن مان لڏپلاڻ ڪري، سنڌ جي ڍنڍن، تلائن ۽ ساحلي پٽن تي اچي لهن ٿا. جتي انهن جو وڏي پئماني تي شڪار ڪيو وڃي ٿو. مقامي ۽ غير مقامي شڪارين ۽ اثر سوخ وارن ماڻهن پاران ڄار، بندوقن ۽ ٻين ڪيترن ئي طريقن سان پکين جو شڪار ڪيو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ ضلعي انتظاميه طرفان پکين جي نسل ڪشي روڪڻ لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا ويا آهن. جنهن ڪري ڪونج، چيڪلو، ڊگھوش، آڙي، نيرڳي ۽ ٻين پکين جي نسل کي سنگين خطرو پيدا ٿي ويو آهي. علائقي جي رهواسين جو چوڻ آهي ته جهنگلي جيوت کاتو صرف ڪاغذن ۾ ڪارروائي ڏيکاري ٿو پر، عملي طور پکين جو ڪوس جاري رهندو آيو آهي ماحول دوست تنظيمن ۽ رهواسين ڄاڻايل کاتي ۽ ضلعي انتظاميه کان مطالبو ڪيو آهي ته، فوري طور تي غير قانوني شڪار خلاف مؤثر ڪارروائي ڪئي وڃي. جيئن ناياب ۽ پرديسي پکين جو تحفظ ممڪن ٿي سگھي. سندن وڌيڪ چوڻ آهي ته، بدين شهر ۾ دعوتن جو پڻ پرديسي پکي خاص طعام بڻيل آهن. آفيسرن کي پڻ مذڪوره پکي تحفي طور پهچايا وڃن پيا.مٿين رپورٽ ته تازو اخبارن ۾ ڇپي آهي. جيڪا هتي هوبهو لکي اٿم. پر، ان کان اڳ ۾ به ٻڌايو پئي ويو ته سياري جي مند اڃا مڪمل طرح پنهنجا پير ڪونه ڄمايا آهن. سردي ڪونه آئي آهي شڪارين هاڻي کان شڪار ڪرڻ  لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ڪافي شڪارين ته پکين مارڻ ۽ ڦاسائڻ جي سلسلي جو آغاز ڪيو آهي. اهي، ويجهن شهرن ۾ پکي وڪرو ڪري ناڻو ڪمائيندا وتن. جن کان ڪير به پڇڻ وارو ڪونه آهي. ائين ٿو لڳي ته جهنگلي جيوت کاتي وارا اگھور ننڊ ۾ ستل آهن يا سندن کيسن ۾ رشوت جو پئسو اچي ويو آهي. جنهن ڪري خاموش آهن. هو ڪجهه به چوڻ لاءِ تيار ڪونه آهن ۽ مذڪوره شڪارين کي ڇوٽ ۽ رعايت ڏني ويئي آهي. جنهن ڪري شڪارين جو من وڌندو پيو وڃي ۽ هو پنهنجي ڪارروائي ڪرڻ کان باز نه ٿا اچن. جيڪڏهن پکين جو ائين غيرقانوني شڪار جاري رهيو ته، پکين جي نسل ڪشي ٿي ويندي ۽ انهن جو نسل ختم ٿيڻ جو خدشو آهي. پوءِ ان کي وڏو قومي نقصان چئي سگھجي ٿو. جنهن جو ازالو به هرگز ڪونه ٿي سگهندو.

اسان هر سال ان عمل جي مذمت ڪندا رهيا آهيون ۽ حڪومت کان مطالبو ڪندا رهيا آهيون ته غير قانوني شڪار تي پابندي لڳائي وڃي. شڪارين جي خلاف سخت قدم کنيا وڃن ته جيئن پکين جي نسل کي ختم ٿيڻ کان بچائي سگھجي. هن سال به اهو ساڳيو مطالبو ڪريون ٿا ته شڪارين کي لغام ڏنو وڃي ۽ پرڏيهي توڙي ڏيهي پکين جي تحفظ لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن. ياد رهي ته پکي ڌرتي جي سونهن آهن پکي جتي هوندا اتي رنگيني ۽ رونق لڳل نظر ايندي. اهي هميشه پاڻي وارن هنڌن تي ايندا آهن. جتي وڻڪار ۽ ساوڪ به هوندي آهي . اتي پکين جون مٺڙيون ٻوليون ٻڌي دل خوش ٿئي ٿي. پکي ڪڏهن به رڃ ۾ ڪونه ويندا آهن. پر، پاڻي جي ڍنڍن، تلائن ۽ کڏن تي اچي خوبصورتي پيدا ڪندا آهن. اتي شڪارين جي قهري ڪارروائين جي ڪري اها رونق ختم ٿيندي پئي وڃي. اتي ويرانگي پيدا ٿي رهي آهي. جيڪا بربادي ۽ تباهي جي نشاني آهي. اهو وڏو نقصان آهي.

مسٽر سليمان موچي ويٺل ڳوٺ مجيد ڪيريو، کي پکين سان پيار ۽ دلي لڳاءَ اٿس. هو، پکين جي باري ۾ وڏي ڄاڻ رکي ٿو. ڪافي پکين جي ٻولي به سمجهندو آهي. جنهن سان هڪ دفعو تفصيلي ڪچهري ٿي. جنهن ٻڌايو ته، پرڏيهي پکي ته اسان هر سال سردين ۾ ڏسندا آهيون. پر مقامي پکي ته سڄو سال ڏسندا رهندا آهيون. هاڻ اهي ته اکين کان غائب ٿيندا پيا وڃن. ڪافي پکي ڏسڻ ۾ ڪونه ٿا اچن جن ۾ ڳجهه، جهرڪي، طوطو ۽ ٻيا کوڙ سارا پکي شامل آهن. جيڪي اڳ ۾ ڏسندا هئاسون. پر، هاڻ اهي مورڳو ئي نظر ڪونه ٿا اچن. اسان کان غائب ٿي ويا آهن. تنهن کان سواءِ ٻيا ڪيترائي پکي اڳ ۾ هزارن جي تعداد ۾ ڏسڻ ۾ ايندا هئا. هاڻ اهي به گھٽجي ويا آهن ۽ گھٽ ٿيندا پيا وڃن. ٿوري ٿوري تعداد ۾ وڃي بچيا آهن. جيڪڏهن اهو سلسلو ائين رهيو ته اهي به اسان کان موڪلائي ويندا. اسان صرف انهن جا نالا ٻڌنداسون پيا. پر، کين ڏسي ڪونه سگھنداسون. انهن پکين جو ذڪر ڪندي چيائين ته، جهنگ ڪڪڙ، ڳيرو يا ڪبوتر ۽ ٻيا ڪيترائي پکي ڪافي تعداد ۾ گھٽ ٿي ويا آهن. اهي قسمت سان نظر اچن ٿا. خبر ناهي ته اهي ڪيڏانهن هليا ويا آهن. ان جو هڪ خاص سبب اهو به ٻڌايو اٿس ته اسان فصلن کي زهريليون دوائون ڏيون ٿا. پکي اهي دوائن لڳل پن ۽ جيت کائين ٿا. جنهن ۾ مري رهيا آهن. ٻيو سبب اهو آهي ته، شڪاري به پکين کي ڦاسائي ڪهي رهيا آهن. ان ڪري به انهن جي نسل ڪشي ٿي رهي آهي. حقيقت ۾ اهي پکي اسان جو قومي ورثو ۽ دولت آهن. جهنگلي جيوت انهن کي تحفظ ڏيڻ ۾ بلڪل ناڪامياب ٿي ويئي آهي. صرف ڪاغذي ڪارروائي ڪري خانه پري ڪئي پئي وڃي ۽ سرڪاري خزاني مان ناڻو يعني بجيٽ وٺي خردبرد ڪئي پئي وڃي. ان عمل تي به واڳ ڌڻي خاموش آهن. البته سماجي ڪارڪن ۽ ساڃاهه وند شخصيتون ان جي خلاف آهن. اهي سدائين پنهنجو موقف ڏيندي پکين جي نسل ڪشي جي مخالفت ڪندا آهن. پر، سندن ڪير به ٻڌڻ وارو ڪونه آهي.

مون پرديسي پکين جي ڳالهه پئي ڪئي. پر، وچ تي مقامي پکين جي يادگيري اچي ويئي جنهن ڪري چند سٽون لکجي ويون. انهن کي به ياد ڪرڻ گھرجي. پرڏيهه مان هر سال هزارين پکي سنڌ جي ڍنڍن، تلائن ۽ کڏن تي ايندا آهن. پر، انهن مان ڪيترائي پکي شڪارين جي عتاب ۽ عذاب ۾ اچڻ ڪري پنهنجي ولر کان وڇڙيو وڃن ٿا. اهي ايندا وڏي ولر سان آهن ۽ واپس ولر کان وڇڙي ٿورائي ۾ هليا ويندا آهن. بس واپس ٿيندڙ پکي پنهنجا سر بچائي واپس ٿيندا آهن. خبر ناهي ته جهنگلي جيوت جو عملو ڪهڙي ڌنڌي سان لڳو پيو آهي جو، کين واندڪائي ڪونه ٿي ٿئي ۽ مذڪوره پکين جي حفاظت لاءِ قدم کڻي. اهڙي ته خاموشي اختيار ڪئي اٿن ڄڻ ته کين شڪارين جي ڪرتوتن جي خبر ئي ڪونه ٿي پوي. واڳ ڌڻي به ان کاتي کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ ڪوبه قدم ڪونه ٿا کڻن پکين سان اهو حشر هر، سال ٿي رهيو آهي. پر، اسان کي احساس ئي ڪونه ٿو ٿئي. ياد رهي ته دنيا جون سڌريل قومون هميشہ پنهنجي جهنگلي جيوت جي حفاظت ڪنديون رهن ٿيون. انهن جي نسل ڪشي کان پاسو ڪنديون آهن ۽ بيان ڪيل پکين جي واڌ ويجهه لاءِ ضروري اپاءَ ۽ قدم کڻنديون رهن ٿيون. پکين جي حفاظت تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ٿو. پکين جي ترجيحي بنيادن تي حفاظت ڪئي ويندي آهي. پر، اسان وٽ ايئن ڪونه ٿو ٿئي. هتي چرخو ابتو ٿو ڦري. شڪاري پکي مارڻ کي عيب، گناهه ۽ ڏوهه ڪونه ٿا سمجهن. هونئن ته اهي سڄو سال شڪار ڪندا رهندا آهن. پر، سياري ۾ ٻاهرين ملڪن کان به پکي اچن ٿا ۽ ان موسم ۾ پکين جو تعداد وڌيو وڃي. جنهن ڪري شڪاري ٻيو ڪوبه ڪم ڪونه ڪن رڳو پکين کي ڦاسائڻ لاءِ ڄار، رڇ، ڪنڊيون کنيو گھمندا وتن. هن موسم ۾ شڪارين جي تعداد ۾ به خاصي واڌ اچيو وڃي ٿي. اهي ٻيو ڪوبه ڪاروبار ڪونه ٿا ڪن صرف شڪار تي گذران ڪري رهيا آهن. جيستائين انهن کي سزا نه ملندي تيستائين اهي ڪڏهن به ان ڌنڌي مان هٿ ڪونه ڪڍندا.

اچو ته عهد ڪريون. پکي قومي ورثو آهي. جنهن کي هٿ وٺي ضايع ڪرڻ کان پاسو ڪريون. پکين جو ذڪر قرآن شريف ۾ به اچي ٿو ۽ ٻين مذهبي ڪتابن ۾ به ڪيو ويو آهي. انسان ذات سان پکين جو تعلق ڳوڙهو ۽ قريبي آهي. جنهن تعلق کي نظرانداز نه ڪرڻ گھرجي. انتظاميه کي به پنهنجي خاموشي ختم ڪرڻ گھرجي ۽ پکين جي اهميت جي باري ۾ آگاهي، سجاڳي ۽ بيداري مهم هلائڻ گھرجي. جنهن سان ماڻهن کي پکين جي فائدن بابت ڄاڻ ڏني وڃي. ان سلسلي ۾ وائيلڊ لائف (جهنگلي جيوت)، ٻيلو کاتو، صحت کاتو ۽ ٻين کاتن جي عملدارن کان ان مهم جي ڪم وٺڻ جي پڻ ضرورت آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.