ڪراچي: سچل ڳوٺ ۾ سخت گرمي جي موسم دوران ڊگهي لوڊشيڊنگ عوام لاءِ وڏي پريشاني جو سبب بڻجي وئي آهي. مئي ۽ جون مهينن دوران ڪيبل فالٽ جي ٻن وڏن واقعن سبب علائقي ۾ ٻه ڀيرا لڳاتار ويهه ويهه ڪلاڪ بجلي بند رهي، جڏهن ته روزاني بنيادن تي ڏهه کان ٻارهن ڪلاڪ لوڊشيڊنگ معمول بڻيل رهي آهي.
عوامي جمهوري پارٽي جي وفد، جنهن ۾ حريف چانڊيو، غلام قمبر حاجاڻو ۽ ٻين ساٿين شرڪت ڪئي، ڪي اليڪٽرڪ جي ڊپٽي جنرل مينيجر سان ملاقات ڪري سچل ڳوٺ واسين جا خدشا ۽ مطالبا پيش ڪيا. وفد ڪي اليڪٽرڪ جو موقف به معلوم ڪيو ۽ مسئلي جي حل بابت ڳالهيون ڪيون.
ڪي اليڪٽرڪ جو موقف
ڪي اليڪٽرڪ اختيارين موجب سچل ڳوٺ ۾ بجلي جي وصولي (Recovery) تقريباً 73 کان 78 سيڪڙو جي وچ ۾ آهي، جڏهن ته ماضي ۾ اها شرح 85 سيڪڙو تائين رهي آهي. اداري جو چوڻ آهي ته لڳ ڀڳ 20 ڪروڙ رپين جا رهيل بل موجود آهن، جيڪي وصول نه ٿيڻ سبب لوڊشيڊنگ جي دورانيي تي اثر پون ٿا.
ڪي اليڪٽرڪ موجب رهيل بلن جي ادائيگي لاءِ آسان قسطن جي سهولت فراهم ڪئي ويندي.
– رهيل ۽ موجوده بلن جي وصولي لاءِ خاص ڪيمپون لڳايون وينديون.
– وصولي ۾ بهتري اچڻ جي صورت ۾ لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي آندي ويندي.ڪيبل فالٽ واري مسئلي جو متبادل انتظام ڪيو ويو آهي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙي ڊگهي بندش کان بچي سگهجي.
– ننڍن وڏن مسئلن جي حل لاءِ علائقي جي رهواسين سان رابطي جو موثر نظام قائم ڪيو ويندو.
سچل ڳوٺ واسين جو موقف
علائقي واسين جو چوڻ آهي ته 78 سيڪڙو کان وڌيڪ وصولي هوندي به ڏهه کان ٻارهن ڪلاڪ لوڊشيڊنگ انصاف تي ٻڌل پاليسي نٿي لڳي. سندن مطابق جيڪڏهن 20 کان 27 سيڪڙو ڊفالٽ موجود آهي ته ان جي سزا 80 سيڪڙو کان وڌيڪ بل ادا ڪندڙ صارفين کي ڏيڻ مناسب ناهي. عوام جو چوڻ آهي ته گرمي جي شدت دوران ڊگهي لوڊشيڊنگ بزرگن، ٻارن ۽ مريضن لاءِ عذاب بڻيل آهي.
– پاڻي جي فراهمي، تعليم، ڪاروبار ۽ روزگار سخت متاثر ٿيا آهن.
– رات جو آرام ۽ روزمرهه زندگي جو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي.
– سچل ڳوٺ جي وڏي اڪثريت باقاعدگي سان بل ادا ڪري ٿي، تنهنڪري انهن کي به ساڳئي سزا ڏيڻ ناانصافي آهي.
تنقيدي جائزوڪي اليڪٽرڪ جي انگن اکرن کي درست مڃي به ورتو وڃي ته 20 کان 27 سيڪڙو ڊفالٽ جي بنياد تي روزانو 10 ڪلاڪ يا ان کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ جو جواز پيدا نٿو ٿئي. هڪ پاسي وصولي جي شرح 78 سيڪڙو کان مٿي آهي، ٻئي پاسي 40 سيڪڙو کان وڌيڪ وقت بجلي بند رکڻ عوامي مفاد جي خلاف نظر اچي ٿو.
حقيقت اها آهي ته ماضي ۾ وصولي 85 سيڪڙو رهي آهي، تنهن هوندي به اڄ بل ادا ڪندڙ وڏي اڪثريت کي تڪليفون برداشت ڪرڻيون پئجي رهيون آهن. اها صورتحال ڪجهه اهڙي آهي جيئن ڪنهن بينڪ ۾ ماڻهن جا پئسا جمع هجن ۽ بينڪ تي ڌاڙو لڳي وڃي، پوءِ بينڪ پنهنجن باقاعده اڪائونٽ هولڊرن کي چوي ته پهرين ڦريل رقم واپس ڪرائي اچو، پوءِ توهان جا چيڪ پاس ٿيندا يا توهان کي سهولتون ملنديون. اهڙي منطق کي ڪو به قبول نه ڪندو. ساڳي طرح بجلي جا بل باقاعدگي سان ادا ڪندڙ صارفين کي ٻين جي رهيل بلن جي سزا طور ڊگهي لوڊشيڊنگ ڏيڻ به انصاف جي تقاضائن سان هم آهنگ نظر نٿو اچي.
تجويزون
- ڪي اليڪٽرڪ سچل ڳوٺ ۾ خصوصي وصولي ڪيمپون قائم ڪري آسان قسطن جي سهولت فراهم ڪري.
- رهواسي به موقعي جو فائدو وٺندي پنهنجا رهيل واجبات ادا ڪري پنهنجون ذميواريون نڀائين.
- فوري طور تي ڊگهي لوڊشيڊنگ ختم يا نمايان حد تائين گهٽائي وڃي.
- سچل ڳوٺ جا علمي، ادبي، سماجي، سياسي ۽ ڪاروباري حلقا گڏيل جدوجهد ذريعي مسئلي جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪن.
- ڪي اليڪٽرڪ ۽ علائقي جي نمائندن وچ ۾ مستقل رابطا قائم ڪري مسئلن جو بروقت حل يقيني بڻايو وڃي.
سچل ڳوٺ جو مسئلو صرف بجلي جي فراهمي جو نه پر هزارين شهرين جي زندگي، صحت، تعليم ۽ روزگار سان لاڳاپيل آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪي اليڪٽرڪ ۽ مقامي نمائندا گڏيل ذميواري سان ڪم ڪري اهڙو حل ڳولين، جنهن سان وصولي به بهتر ٿئي ۽ عوام کي غير ضروري تڪليفن کان به نجات ملي.