ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ھڪ با عمل شاعر

گل محمد منگي

 ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي 7- آڪٽوبر 1901 ۾ بکو ديرو ۾ پيدا ٿيوـ تمام ذھين شاگردن ۾ شمار ٿيندو ھوـ ڊي جي سنڌ ڪاليج مان بي اي پاس ڪرڻ بعد سرڪاري نوڪري ۾ آيو ۽ غريبن جي خدمت ڪندو رھيو جنھن ڪري ھن  لاءِ مسئلا به پيدا ٿياـ سندس ننڍپڻ جي دوست جمع خان جعفري کيس ڪجهه نرم رويو اختيار ڪرڻ جي صلاح ڏني ته به ڪو نه مڃيائين ۔ ترقي پسند سوچ ۽ فڪر سان سندس وابستگي قادر بخش نظاماڻي ۽ سوڀي گيانچنداڻي جي ڪري پيدا ٿي ـ نيٺ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عھدي تان استعيفي ڏيئي ڇڏي ۽ پوءِ ھاري ڪميٽي ۾ شامل ٿيو ۽ ان جو پھريان مرڪزي جنرل سيڪريٽري بڻيوـ بعد ۾ صدر ٿيو۔  1950 ۾ ھاري ڪميٽي جو منشور جوڙيائين ۽ ھاري حقدار تحريڪ شروع ڪيائين ۽ ھارين جي ايتري ته خدمت ڪيائين جو سندس ھڪ سڏ تي ھزارين لکين ھاري نڪري پوندا ھئا جن کيس "جيئي سنڌ” ترانو لکڻ تي "باباءِ سنڌ” جو لقب ڏنو ۽ اڄ به اھو لقب سندس سڃاڻپ آھي ـ اوھان باباءِ سنڌ چئو، حيدر بخش جتوئي چئو يا رڳو ھاري چئو ماڻھون سمجھي ويندا ته  ڳالهه حيدر بخش  جتوئي جي پئي ٿئي ـ ھو نه نشان پاڪستان ھو ۽ نه وري نشان امتياز ھو بس ھو صرف ھيو ته باباءِ سنڌ ھو ۽ کيس ان تي فخر ھوـ ھيڏو وڏو اديب، شاعر ۽ کاھوڙي ھاڻي سرڪاري اعزازن کان گھڻو اڳتي نڪري چڪو ھوـ مچ جيل ويو ته  نه صرف نوجوانن جو ترانو لکيائين پر قرآن پاڪ جو انگريزي ۾ ترجمو به ڪيائين ـ ھن اعلانيه چيو ته

"وڪي جنھن سنڌ پياري تنھن تي لعنت

ڪيو جنھن ڪم ڪجارو تنھن تي لعنت!

وجھي ٿو جڳ سارو تنھن تي لعنت

کيس جي ايم سيد، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، عزيز سلام بخاري، سائين عزيز الله، مولوي نذير حسين جتوئي، عبدالقادر انڍڙ ۽ قاضي فيض محمد جھڙا دوست ۽ ساٿي مليا جيڪي تمام وڏا صالح ۽ پڙھيل لکيل هئا ۽ پوءِ حيدر بخش  جتوئي جو ڪاروان وڏو قافلو بڻجي ويو ۽ ھن جي للڪار سان ايوانن ۾ ڏار پئجي ويندا ھئاـ

ھو شاعر به ھارين  نارين جو ھو ته سندس سياست جو سمورو محور به ھاري ۽ ناري هئاـ ھن ھاري حقدار اخبار جاري ڪيئي ۽ ھارين  لاءِ ھلچل ھلايئي ۽ آخر ٽيننسي ايڪٽ منظور ڪرايوـ حيدر بخش جتوئي جي پوسٽنگ جڏھن انڪم بورڊ اسٽيٽ ۾ ٿي ته ھن ادبي ڪم کي اڳتي وڌايو ۽ روسي ادب جا ڪتاب پڙھيا جنھن ڪري سندس خيالن ۾ ڦيرو آيوـ ڊارون به ھن تي وڏو اثر ڪيوـ شڪوه جھڙا شعر لکڻ تي مٿس ملن جون فتوائون به آيون ته مٿس الزام تراشي به ٿي ـ پر ھو اڳتي وڌندو ويوـ ھوـ ھن "تحفه سنڌ ۽ آزادي قوم” جھڙا لازوال طويل نظم تخليق ڪيا جيڪي پمفليٽ جي صورت ۾ ڇپجي جھر جھنگ پھتا ۽ ماڻھو  خاص ڪري ھاري سندس سچائي جا وڌيڪ قائل ٿي پياـ

جيئي سنڌ جو نعرو ڏيندڙ حيدر بخش  جتوئي جو جيئي سنڌ ۽ جيئي سنڌ لازوال نظم اڄ به اوترو ئي اثرايئتو آھي جيترو ون يونٽ ۽ ان کان پوءِ واري دور ۾ ھو پر اڄ ان جي اھميت اڳ کان به وڌيڪ آھي ـ ون يونٽ خلاف لکيل سندس ڪتاب ” سنڌ سان ناانصافي (Injustice with Sindh)” سندس تمام وڏو تحريري ڪم آھي ـ

ڀاءُ آ پنھنجو ھر انسان

پنھنجو آھي ھي ايمان

پنھنجو آھي ھي اسلام

جيئي سنڌ جيئي سنڌ

ون يونٽ دور ۾ اھو نظم لکڻ سبب حڪمرانن جي ڏاڍ جي ديوار ۾ اھڙا ڏار پئجي ويا جوظلم جا سمورا حربا ناڪام ٿي ويا ۽ پوءِ ھارين جي دلين مان وڏيرن جو خوف ۽ سندن رعب ختم ٿي ويوـ اھو ھو حيدر بخش  جتوئي ـ

سنڌي فرزند اٿي زور نظر پيدا ڪر

جو وجھي ٿرٿلو دنيا ۾ اثر پيدا ڪر

نئون چراغ نئون خوشيد پيدا ڪر

نئون گلزار ۽ نئون ھٻڪار پيدا ڪر

جو انهيءَ سان ئي ھمراز آ آزاديءَ قوم

شيخ اياز ۽ نارائڻ شيام ھن جا ساٿي ھئاـ صحيح معني ۾ ادب براءِ زندگي واري شاعري جو عملي نمونو حيدر بخش  جتوئي جي شاعري ۾ ملي ٿوـ  ھو ھر ڏاڍ، جبر ۽ استحصال کي ننگو ڪري ٿو ـ حيدر بخش انھن ماڻھن جو آواز ھو جن وٽ زبان ته ھئي پر کين پنھنجي ڳالهه سمجھائڻ ۽ ساڻن ٿيندڙ دوکن ۽ ٺڳين کي بيان ڪرڻ جو سليقو نه ھو ـ انھن کي ھاڻي پنھنجي ڳالهه بيان ڪرڻ واري زبان ملي چڪي ھئي ـ

قوم ساري ٿي ڳائي ترانو تنھنجو

اٿ ھاري اجھو آيو آ زمانو تنھنجو

ھي آھي  حيدر بخش  جتوئي  جنھن پنھنجي عملي شاعري ذريعي ھارين، مزدورن ۽ نوجوانن ۾ شعور بيدار ڪيو ۽ انھن جي زبان بڻجي کين حق ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويوـ اڄ استحصالي طبقا پاڻ ۾ متحد ٿي ٽيننسي ايڪٽ سميت سڀ قانون بدلائي ھارين جا حق ڦٻائي ويا آھن ۽ ظلم ۽ استحصال وري برپا ٿي چڪو آھي پر ھارين جي زبان بڻجي کين حق ڏيارڻ  لاءِ ڪو نه ڪو ته سندن آواز بڻجندوـ

ڀريو ڀل قيد خانن کي

ڪيو قابو جوانن کي

مرايو مھربانن کي

نھوڙيو نڪته دانن کي

اجھايو شمع دانن کي

ڇڏيو ڪاٽي زبانن کي

پڙھو قومي ترانن کي ته پاڪستان زنده آباد

حيدر بخش جتوئي پنھنجي شاعري ۽ عمل ذريعي جيڪو شعور ڦھلايو ان جو نتيجو آھي جو اڄ ناانصافين جي خلاف مزاحمتي ادب سرجي رھيو آھي ۽ ادب براءِ زندگي جو عملي نمونو ھر ادبي تنظيم ۽ تحريڪ جو شعار بڻجي چڪو آھي ـ سنڌ جو ھي کاھوڙي اديب، آزاد صحافت جو علمبردار، ھارين  نارين جو شاعر ۽ سچو جاکوڙي اديب اسان کان 21 مئي 1970 تي لاڏاڻو ڪري ويو پر سندس ڏسيل راهه تي ھلي منزل ماڻي سگھجي ٿي ـ

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.