مائيڪل: هڪ دؤر جو پڙاڏو

ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي

مان معمول جيان پنهنجي آفيس جو ڪم ڪار ڪري رهيو هوس ته اوچتو دروازو کليو ۽ منهنجي آفيس جا ٻه ويجها دوست، منور ٻگهيو (گرافڪس انجنيئر) ۽ جمال شاهد (سينيئر ٽي وي انجنيئر)، واءُ مينهن ڪندا داخل ٿيا. سندن چهرن تي هڪ عجيب  تڪڙ ۽ اکين ۾ ڪنهن خوشگوار مهم جو اشتياق جهلڪي رهيو هو. اچڻ سان ئي هڪ دوست ڪمپيوٽر بند ڪيو ۽ ٻئي ميز تي ٽڙيل پکڙيل ڪاغذ  پٽ  فائيلن ۾ رکندي  ٻڌايو  ته جلدي  ڪريو، ڪٿي هلڻو آهي؟” مان وائڙن وانگر ٻنهي کي ڏسندو رهيس، پر  ٻنهي ڪو نه ٻڌايو هو ته هلڻو ڪيڏانهن آهي. مان هلڻ کان انڪار ڪونه ڪيو، ڇو ته سندن حجت ۾ محبت  هئي پندرهن ويهن منٽن جي پنڌ کان پوءِ اسان هڪ سينيما گهر تي پهتاسين. جتي هڪ فلم نه، جذبن، يادن ۽ انيڪ حيرتن سان ڀريل هڪ نئين دنيا اسان جي اوسيئڙي ۾ هئي. اها نئين دنيا هڪ فلم هئي، جنهن جو نالو هو "مائيڪل”  مون کي بنهه اندازو ڪونه هو ته مان اڳلا ٻه ڪلاڪ رڳو هڪ انگريزي فلم ڏسندس، پر اهي ٻه ڪلاڪ مون کي شهرت، ننڍپڻ، اڪيلائي، ڪاميابي ۽ انساني ڪمزورين جي باري ۾ سوچڻ تي مجبور ڪندا.

فلمون رڳو اسڪرين تي هلندڙ تصويرون ناهن هونديون، پر اهي ڪڏهن ڪڏهن يادن، خوابن ۽ انساني جذبن جي هڪ اهڙي ڳڙکي بڻجي وينديون آهن، جنهن مان جهاتي پائيندي اسان پنهنجي ئي اندر ۾ وڃائجي ويل ڪنهن دنيا ۾ پهچي ويندا آهيون. مائيڪل به منهنجي لاءِ رڳو هڪ فلم ڪونه هئي، پر هڪ اهڙو تجربو ثابت ٿي، جنهن موسيقي، مشهوري، ڪاميابي ۽ انسان جي داخلي ڇڪتاڻ کي منهنجي آڏو اچي بيهاريو.

سينيما هال جي اونداهه ۾ جڏهن فلم شروع ٿي ته ايئن لڳو  ڄڻ وقت پوئتي سفر ڪرڻ شروع ڪيو هجي. اسڪرين تي اڀرندڙ ڪردار، رڳو هڪ راڳي جو قصو ڪونه ٿي ٻڌايو، پر اهو هڪ اهڙي انسان جو داستان ٻڌائي رهيو هو، جيڪو غير معمولي صلاحيتن جو مالڪ هيو. جنهن جي آواز جي ڪروڙين دلين تي جادو ڪري ڇڏيو هو ۽ جنهن جي رقص  سڄي دنيا جي اسٽيجن کي هڪ  نئين سڃاڻپ ڏني هئي  پر پوءِ به سندس دل ۾ عام ماڻهن جهڙيون خواهشون، ڊپ ۽ اڪيلايون موجود هيون.

هالي ووڊ ۾ ڪيتريون ئي فلمون گلوڪارن ۽ موسيقارن جي زندگيءَ تي ٺهيون آهن، اها ڪا نئين ڳالهه ڪانهي. پر مائيڪل جي اهميت ان ڪري مٿانهين آهي، جو اها فلم انساني تاريخ جي شايد سڀ کان وڌيڪ گهڻو سڃاڻپجندڙ گلوڪار جي زندگيءَ کي سينيما جي ٻوليءَ ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. هيءَ فلم مائيڪل جيڪسن جي ننڍپڻ، ابتدائي شهرت، خاندان ۽ فن ۽ عالمي مقبوليت جي سفر تي ٻڌل آهي. اها فلم رڳو واقعا ڪونه ٿي ٻڌائي، پر سوال به اٿاري ٿي ته  ڪاميابيءَ جي قيمت ڇا هوندي آهي؟  عالمي شهرت انسان کان ڇا ڇا کسي وٺندي آهي؟  ۽ ڇا هڪ مهان فنڪار جي اندر ۾ هڪ  ڊنل ۽ هيسيل ٻار به موجود هوندو آهي؟

مائيڪل فلم جو هدايتڪار انتوان فوڪوا هالي ووڊ جو هڪ مڃيل ۽ ذهين هدايتڪار آهي. سندس هدايتڪاريءَ ۾ اڪثر ڪري شدت، تيزي ۽ جذباتي دٻاءُ نظر اچي ٿو. پاڻ هي فلم ٺاهي هڪ وڏو ڪم ڪيو اٿس، يعني هڪ اهڙي انسان جي زندگيءَ کي فلمائڻ، جنهن جي باري ۾ دنيا پهرين ئي گهڻو ڪجهه ڄاڻي ٿي. تنهنڪري، جنهن شخصيت کي دنيا اڳ ۾ ئي سڃاڻي ٿي، تنهن کي ٻيهر ڪيئن  ڏيکاريو وڃي؟ هڪ غلط ڏيک  به  سڄي  فلم کي جڙتو يا هٿراڌو  بنائي  ٿي سگهيو ۽ ڪو ڪمزور  فيصلو فلم کي هڪ دستاويزي  فلم جو روپ ڏئي سگهيو .  ان ڪري ڊائريڪٽر ٽن مکيه شين تي وڌيڪ زور ڏنو آهي. هڪ انساني پاسو  يعني هيءَ فلم رڳو اسٽار نه ٿي ڏيکاري، پر هڪ انسان کي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، ٻيو ته شهرت ۽ اڪيلائيءَ جي وچ ۾ هڪ توازن ڏيکاريو ويو آهي. ان جو ٽيون پاسو آهي رفتار، يعني ڪهاڻي جذباتي به رهي ته تجارتي پڻ. اهي سڀ پاسا ان فلم ۾ هر هنڌ ڏسجڻ ۾ اچن ٿا تنهنڪري فلم جي هدايتڪار وڏي ذهانت وارو ڪم ڪيو آهي. هونئن به سٺي هدايتڪاري اها هوندي آهي، جنهن ۾ ڏسندڙ ڊائريڪٽر کي محسوس نه ڪن.

فلم جو اچرج ۾ وجهندڙ پاسو پاسو ان جو مرڪزي ڪردار جمفر جيڪسن آهي. ان فلم ۾ سندس اداڪاري ڪنهن خوشگوار حيرت کان بنهه گهٽ ڪونهي. مائيڪل جيڪسن جي ڀائيٽي هجڻ ڪري سندس اڳيان سڀ کان وڏو چيلنج  اهو هو ته هو رڳو ظاهري مشابھت تائين محدود نه رهي، پر ان عظيم گلوڪار جي روح، اسٽائل ۽ جذباتي ڪيفيت کي به اسڪرين تي جيئرو ڪري. جمفر جيڪسن، سچ ته ان امتحان ۾ غير معمولي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. سندس چال ڍال، چرپر، رقص  جو انداز، چهري جا تاثرات ۽ خاص ڪري اکين جي ٻولي ڏسي اهو گمان ٿو گذري ته ڄڻ پاڻ مائيڪل جيڪسن اسڪرين تي موجود آهي.  تنهن هوندي به سندس اصل ڪاميابي رڳو نقل ڪرڻ ۾ ڪونهي، پر ڪردار جي اندر ۾ لڪل اڪيلائي، حساسيت ۽ داخلي پيڙا کي پڌرو ڪرڻ ۾ سمايل آهي. جڏهن هو اسٽيج تي هوندو آهي ته هڪ عالمي سپر اسٽار لڳندو آهي، پر ڪيمرا جڏهن سندس نجي زندگيءَ جي گهڙين کي قيد ڪندي آهي ته پوءِ هو هڪ اهڙي انسان جي روپ ۾ نظر ايندو آهي، جنهن کي رڳو محبت، سڪون ۽ پنهنجائپ جي ڳولا هوندي آهي. اهوئي توازن جمفر جيڪسن جي اداڪاريءَ کي رڳو مشابھت کان مٿانهون ڪري هڪ يادگار فنڪاراڻي ڪارڪردگيءَ ۾ بدلائي ٿو ڇڏي. سندس اداڪاريءَ کي ڏسندي هر هنڌ  اهو ٿو محسوس ٿئي ته هو اداڪاري نه پيو ڪري پر پنهنجي چاچي جي جسماني تاثر، چرپر، اکين جي جهجڪ، رقص جي رواني ۽ خاموشيءَ کي ٻيهر جيئرو ڪري رهيو هجي. بايو پڪ  فلمن جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو هوندو آهي جو منجهن نقالي ۽ اداڪاريءَ ۾ فرق مٽجي ويندو آهي، پر هن فلم ۾ هڪ سنهڙي لڪير قائم رکڻ جي ڪوشش ڏسڻ ۾ اچي ٿي. سندس باڊي لينگويج ، آواز  جي جوڙ جڪ، اسٽيج تي اعتماد ۽ ذاتي زندگيءَ جا ڏک  ويک- سڀ حيران ڪندڙ آهن. اهو ئي سبب آهي جو هن فلم جي باري ۾ نقادن جي راءِ ورهايل هجڻ جي باوجود به جمفر جيڪسن  جي اداڪاريءَ کي ساراهيو ويو آهي.

موسيقي هن فلم جو روح آهي. هر ڏيک سان هلندڙ ڌنون رڳو ڪنن کي ئي نه، پر دل کي به متاثر ڪن ٿيون. ڪجھه  هنڌن تي ته ايئن لڳي ٿو ته موسيقي لفظن کان وڌيڪ سگهاري ٻولي بڻجي وئي آهي. اهي جذبا، جن کي ڊائلاگ بيان ناهن ڪري سگهيا، سي موسيقيءَ خاموشيءَ سان بيان ڪري ڇڏيا آهن.

مائيڪل جي ٽيڪنيڪي خوبين جو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي. ڪيمرا جو استعمال، روشنين جي ترتيب، ويس وڳا سيٽ ڊيزائن ۽ پس منظر جون ٻيون ڳچ  شيون اهڙي انداز سان پيش ڪيون ويون آهن، جو هڪ ڏسندڙ پاڻ کي ان زماني جو حصو محسوس ڪرڻ لڳي ٿو. تنهنڪري ڪيترا ئي ڏيک اهڙا آهن، جيڪي فلم ختم ٿيڻ کان پوءِ به ذهن ۾ رهجي وڃن ٿا. اها ئي ڪنهن سٺي فلم جي سڃاڻپ هوندي آهي ته اها سينيما هال کان ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ به اوهان جي ڪڍ لڳي رهي.

مائيڪل اصل ۾ هڪ فن ۽ انسان جي زندگيءَ جي سهڻي تعبير آهي. اها اسان کي ياد ڏياري ٿي ته عظيم فنڪار به اسان وانگر گوشت پوست جا ٺهيل انسان هوندا آهن. سندن چهرن تي به مرڪ هوندي آهي، پر سندن دلين ۾ زخم پڻ هوندا آهن. عام ماڻهو سندن ڪاميابين تي تاڙيون وڄائيندا آهن، پر سندن اڪيلائين جو شور  بنهه گهٽ ماڻهو ٻڌي سگهندا آهن.

فلم ڏسندي بار بار اهو احساس ٿئي ٿو ته ماڻهو جيترو وڏو هوندو آهي، اوترو ئي ماڻهن جي اميدن جو بار به سندس ڪلهن تي اچي پوندو آهي. دنيا کيس هڪ علامت ، هڪ ليجينڊ ۽ غير معمولي شخصيت طور ڏسڻ لڳندي آهي، جڏهن ته سندس اندر ۾ ڪنهن ڪنڊ ۾ هڪ عام ماڻهو به جيئرو ويٺو  هوندو آهي، جيڪو پيار، ٻاجهه ۽ مڃتا جو طلبگار هوندو آهي.

هن فلم جي هڪ خوبي اها به آهي ته اها رڳو ماضيءَ جو بيان نٿي ڪري، پر حال سان پڻ مخاطب ٿئي ٿي. اڄوڪي سوشل ميڊيا جي دور ۾، جڏهن شهرت چند گهڙين ۾ حاصل ۽ ختم ٿي سگهي ٿي ته اتي مائيڪل اسان کي ياد ڏياري ٿو ته اصل اهميت انسان جي ذات، سندس تخليقي صلاحيت ۽ سندس ڪردار جي هوندي آهي، نه ڪي رڳو سندس شهرت ۽ مقبوليت جي.

سينيما هال کان ٻاهر نڪرڻ مهل منهنجي ذهن ۾ فلم جا ڪيترا ئي ڏيک گردش ڪري رهيا هئا. منهنجا دوست منور ٻگهيو ۽ جمال شاهد فلم جي مختلف پاسن تي ڳالهائي رهيا هئا، پر مان ماٺ ٿي ويو هئس. ڪجھه فلمون اهڙيون هونديون آهن، جن تي تڪڙو تبصرو نه ڪري سگهبو آهي. انهن کي فقط محسوس ڪبو آهي، انھن جي باري ۾ سوچبو آهي ۽ پوءِ هوريان هوريان انهن جي معنيٰ کلندي ويندي آهي. مائيڪل به منهنجي لاءِ هڪ اهڙي ئي فلم ثابت ٿي.

هيءَ فلم رڳو هڪ مهان گلوڪار جي زندگيءَ جي جهلڪ ناهي، پر انساني جذبن، خوابن، ڪاميابين ۽ محرومين جو هڪ اهڙو داستان آهي، جيڪو هر حساس دل تي گهرو اثر ڪري ٿو. شايد اهو ئي سبب آهي جو فلم ختم ٿيڻ جي باوجود به ان جو پڙاڏو دير تائين دل ۽ دماغ ۾ گونجندو رهي ٿو.

مائيڪل ڏسڻ کان پوءِ مون کي اهو احساس ٿيو ته اصل عظمت رڳو شهرت ۾ ناهي هوندي، پر ان صلاحيت ۾ هوندي آهي ته انسان پنهنجي فن جي وسيلي ٻين جي ذهنن ۽ دلين ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي. وقت وهامي ويندو آهي، اسٽيج خالي ٿي ويندي آهي، تاڙين جا ڦهڪا ۽ ٽهڪ بيهجي ويندا آهن، پر سچو فن ۽ سچا جذبا سدائين جيئرا رهندا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.