نه ڏسجندڙ وبا: اسان جي ذهني سڪون جو اجتماعي موت

عزيز احمد جمالي

اڄ ڪلهھ اوهان ڪٿي به وڃو ڪنهن گڏجاڻيءَ ۾ هجو غور سان ڏسو چاهي اهو گهر ۾ مانيءَ جو وقت هجي يا ڪنهن هوٽل تي ويٺل دوستن سان گڏ تڪڙي ملاقات هجي توهان کي پنهنجي فئملي يا دوستن جي گروپ ۾ هڪ اهڙو فرد  ضرور نظر ايندو  جيڪو جسماني طور تي ته اتي موجود هوندو آهي پر ذهني طور ڪوهين ڏور هوندو آهي.  هو پنهنجي فون ۾  بي مقصد نهاريندو رهوندو ۽ اجايو پيو مختلف  چرپر ڪندو  پنهنجي اندر ئي منفي سوچن جي هڪ اڻکٽ ڄار ۾ ڦاٿل هوندو! دنيا لاءِ هو رڳو خاموش  بدمزاج يا سست هوندو پر سندس اندر ۾ دماغ سوين ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان ڊوڙي رهيو هوندو آهي.

هو اڻڄاتل مستقبل معاشي پريشاني  ۽ ڪيريئر جي خوف واري هڪ دٻيل دهشت هيٺ هوندو آهي

اهو اڄ جي سڀني پاڪستاني نوجوانن جو مرجهايل مايوس ٿيل چهرو آهي. هو رڳو پڙهائيءَ جي عام دٻاءُ مان نٿا گذرن پر هو خاموشيءَ سان ڪلينيڪل ڊپريشن ،شديد اينگزائٽي (بي چيني) ۽ نفسياتي موڊ سوئنگز (مزاج جي تيز تبديلين) جي هڪ خطرناڪ لهر ۾ ٻڏي رهيا آهن.! جڏهن ڪو نوجوان هن نفسياتي بيماري ۾ آخري حد تي پهچندو آهي ته اهو نقصان رڳو سندس دماغ تائين محدود ناهي رهندو پر سندس روزاني زندگيءَ ۾ زهر بڻجي  پوندو آهي. گهر ۾ سندس رويو مڪمل بدلجي ويندو آهي. هو چڙچڙو، تيز ۽ سڀني کان ڌار ٿي ويندو آهي، جنهن جي ڪري والدين ۽ ڀائرن سان روزاني بنياد تي تلخيون وڌنديون آهن. اهي شيون جيڪي ڪڏهن هن لاءِ اهم هيون

جهڙوڪ تعليم، ڪيريئر جا مقصد، يا ذاتي ترقي اهي سڀ پنهنجي معنيٰ وڃائي ويهنديون آهن هو پڙهائيءَ تي ڌيان نٿو ڏئي سگهي، سندس ڪم ڪرڻ جي سگھ زيرو ٿي ويندي آهي. جڏهن هڪ انسان پنهنجي ذهن تان ڪنٽرول وڃائي ويهندو آهي ۽ پنهنجي اندر جي آنڌ مانڌ کي سنڀالي ناهي سگهندو ته هو مڪمل لاچاريءَ جي ڪري برائين ۽ غلط رستن ڏانهن وڌڻ لڳندو آهي. ان خالي پڻي کي تيزيءَ سان غلط عادتون بري صحبت ۽ سڀ کان وڌيڪ خوفناڪ خودڪشيءَ جا خيال ڀرڻ لڳندا آهن. هو رڳو پنهنجي زندگي ختم ڪرڻ ناهي چاهيندو پر هو  پنهنجي دماغ جي اندر هلندڙ ان اڻکٽ عذاب کي روڪڻ چاهيندو آهي.

افسوس اسان جو سماج ان کي هڪ طبي بحران مڃڻ لاءِ تيار ئي ناهي.  ڪنهن جو ڪو جوڙ يا هڏو ٽٽي پوي يا بيمار ٿي پوي، ته مٿس علاج ۽ فوري توجھ ڏنو ويندي آهي. پر جيڪڏهن ڪنهنجي دماغ جي ڪيمسٽري خراب ٿي پوي، ته سماج فوراً مٿس چريو جو جاهلاڻو ليبل هڻي ڇڏيندو آهي اسان ذهني تڪليف کي ڪردار جو عيب يا نخرا چئي ان جو مذاق اڏائيندا آهيون. اسان اهو وساري ويهندا آهيون ته مايوسي ۽ نااميدي ته اسان جي دين اسلام ۾ به ڪفر آهي. جڏهن اسان جو دين پاڻ فرمائي ٿو ته الله جي رحمت مان ڪڏهن به مايوس نه ٿيو، ته پوءِ هڪ مسلمان سماج هجڻ جي ناتي اسان پنهنجي نوجوانن کي ان مايوسيءَ جي اونداهيءَ ۾ اڪيلو ڇو ٿا ڇڏي ڏيون؟ اسان کين اهو ماحول ڇو نٿا ڏيون جتي سندن ايمان سان گڏ سندن ذهنن کي به سڪون ملي سگهي؟

اسان کي اها کري حقيقت مڃڻي پوندي ته پاڪستان هڪ معاشري جي حيثيت ۾ اجتماعي ڊپريشن جو شڪار ٿي چڪو آهي. اسان جا رستا، گهر ۽ آفيسون هڪ عجيب فرسٽريشن سان ڀرجي ويا آهن. ماڻهن کي هن ذهني دٻاءُ کي سنڀالڻ جي ڪا به آگاهي ناهي تنهن ڪري اهي هلندڙ ڦرندڙ ٽائم بم بڻجي ويا آهن، جيڪي ننڍيون ننڍيون ڳالهين تي پنهنجو اندر جو غبار هڪ ٻئي تي ڪڍندا رهن ٿا. هي ملڪي مايوسي ايئن ئي هوا مان ناهي آئي ان جا ڪافي سبب آهن جيڪي اسان جي سماجي ۽ معاشي سسٽم ۾ آهن. ڪو به عوام ذهني طور تي صحتمند ڪيئن ٿو رهي سگهي جڏهن هو روزاني بنياد تي تيز مهانگائي، غربت، ميرٽ جي قتل عام، لوڊشيڊنگ جي ڪري بجليءَ جو نه هجڻ، پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي کوٽ ۽ ماني پچائڻ لاءِ گئس جو نه هجڻ جي مستقل عذاب مان گذرندو هجي؟

هيءَ مسلسل بقا جي جنگ جسم ۾ ”ڪورٽيسول“ (Cortisol) نالي هڪ زهريلي اسٽريس هارمون جي پيدائش کي حد کان وڌيڪ وڌائي ڇڏيندي آهي. هي ڪيميائي سيلاب دماغ جي اندروني نظام کي تبديل ڪري ڇڏيندو آهي، جنهن سان سيروٽونين Serotonin) جيڪو موڊ کي سنڀالي ٿو اور ڊوپامين (Dopamine) (جيڪو انسان کي ڪم جو جذبو ۽ فوڪس ڏئي ٿو) جي مقدار سخت متاثر ٿيندو آهي. جڏهن اهي نيوروٽرانسميٽرز گهٽجي ويندا آهن، ته انساني جسم لاءِ بايولوجيڪل طور تي اهو ممڪن ئي ناهي ته هو ”مثبت سوچي“ يا ”مڙس ٿي بيهي“.

ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (WHO) جي رپورٽن مطابق، پاڪستان جي تقريباً 34% کان 40% آبادي اينگزائٽي يا ڊپريشن جو شڪار آهي. پر 24 ڪروڙن کان وڌيڪ جي آباديءَ لاءِ سڄي ملڪ ۾ صرف 500 کان به گهٽ رجسٽرڊ سائڪائٽرسٽ آهن. يعني 5 لک ماڻهن لاءِ صرف هڪ ماهر. اسان کي هاڻي رڳو ڳالهين جي ضرورت ناهي، پر عملي طور تي سوشل-سائڪالوجيڪل حلن (Socio-Psychological Solutions) جي سخت ضرورت آهي.

ان سلسلي ۾ گورنمينٽ ۽ غير سرڪاري تنظيمن (NGOs) جي ادارن کي گڏجي اڳتي اچڻو پوندو. انهن ادارن کي گهرجي ته اهي شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ خاص سيمينار، ورڪشاپ ۽ باقاعدي ڪائونسلنگ سينٽرز (Counseling Centers) قائم ڪن، جيڪي عوامي سطح تي موجود هن سوشل ۽ نفسياتي ٽراما (Trauma) ۽ ذهني مسئلن کي حل ڪري سگهن. جڏهن اهي ادارا گڏجي گهر گهر آگاهي پهچائيندا، تڏهن ئي سماج مان هي نفسياتي بيماريون ختم ٿينديون

علاج لاءِ پنهنجي جسم کي متحرڪ رکڻ، جهڙوڪ روزاني صبح جو پنڌ ڪرڻ يا باغن ۾ جوگنگ ڪرڻ، ڪورٽيسول جي سطح کي گهٽائي ٿو ۽ مثبت انرجي پيدا ڪري ٿو. ڪلينيڪل سائڪالوجسٽ سان ڪوگنيٽو بهيويئرل ٿراپي (CBT) جي ذريعي منفي سوچن کي ٽوڙڻ گهرجي، اور حيدرآباد جي سول هسپتال (LUMHS) جهڙن سرڪاري ادارن ۾ مفت ۽ باوقار ڪائونسلنگ جا شعبا قائم ٿيڻ گهرجن. پر سڀ کان وڏي تبديلي اسان کي پنهنجن گهرن جي اندر آڻڻي پوندي. والدين ۽ ڀائرن کي اهو سمجهڻو پوندو ته ڪنهن نوجوان جو غصو، اڪيلائي يا پڙهائيءَ تان ڌيان هٽي وڃڻ ”خراب رويو“ ناهي، پر اهو مدد لاءِ هڪ دانهن آهي. اسان کي پنهنجي ڀائرن ۽ دوستن کي ”مرد ٿي“ چئي سندن تڪليف کي دٻائڻ جو رواج ختم ڪرڻو پوندو. سچي طاقت همدرديءَ ۾ آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن جي زندگي بچائڻ لاءِ مهانگي علاج جي ضرورت ناهي هوندي، صرف بغير ڪنهن ملامت جي سندس ڳالھ ٻڌڻي هوندي آهي ۽ چوندو آهي: ”مان تنهنجو درد سمجهان ٿو. تون اڪيلو ناهين، تون چريو ناهين، ۽ اسان گڏجي هن مشڪل مان نڪرنداسين.

اسان جا نوجوان پنهنجي مرضيءَ سان رستو ناهن ڀلجي رهيا هو صرف هن ظالم سماج سان اڪيلي سر وڙهندي وڙهندي ٿڪجي پيا آهن. جيڪڏهن اسان پنهنجي سنڌ کي بچائڻ چاهيون ٿا ته سڀ کان پهرين اسان کي انهن ذهنن جو احترام ڪرڻو پوندو ۽ انهن کي شفا ڏيڻي پوندي، جن کي اسان پاڻ ٽوڙيو آهي!

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.