سنڌ ۾ برقي چالان جي فيس پنجاب جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڇو رکيل آهي؟

سنڌ ۾ برقي چالان جو نظام، بظاهر ٽريفڪ جي ضابطن ۾ نظم آڻڻ ۽ حادثن کي گهٽائڻ لاءِ هڪ جديد قدم آهي، پر حقيقت ۾ اهو سنڌ جي انتظامي ذميوارين، حڪومتي شفافيت ۽ شهري شعور جو هڪ نئون امتحان به آهي۔ ٽيڪنالاجيءَ تي ٻڌل هيءَ تبديلي، جيڪڏهن صحيح نموني سان لاڳو ڪئي وڃي، ته نه رڳو روڊن جي بي ترتيبي کي گهٽائي سگهي ٿي، پر شهري تهذيب ۽ قانون جي احترام کي به نئون روح ڏئي سگهي ٿي۔

پر افسوس، سنڌ ۾ هن سسٽم جي لاڳو ٿيڻ سان گڏ ئي ڪيترن ئي سوالن ۽ خدشن جا در کلي پيا آهن، جيڪي انتظامي سستي، عوامي بيزاري ۽ حڪومتي بيحسي جي عڪاسي ڪن ٿا۔ سنڌ جا روڊ، جيڪي اڳي ئي ٽريفڪ جي بي ترتيب وهڪري، غير تربيت يافته ڊرائيورن ۽ بغير قانوني اجازت نامن جي گاڏين سان ڀريل آهن، اتي برقي چالان جو نظام هڪ اهڙو قدم آهي، جيڪو بظاهر ته قانوني عملداريءَ جو نئون دور آڻڻ لاءِ کنيو ويو آهي، پر عملي سطح تي ان جي ڪاميابي ان وقت تائين ممڪن نه ٿيندي، جيستائين حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا ان کي هڪ منظم، شفاف ۽ عوام دوست نظام ۾ تبديل نه ڪن۔

سنڌ ۾ روزانو هزارين گاڏيون روڊن تي هلن ٿيون، جن مان وڏي اڪثريت ٽريفڪ قانونن کان بي پرواهه آهي۔ سگنلن جي ڀڃڪڙي، هلندڙ ٽريفڪ ۾ موبائل فون جو استعمال، بغير هيڊ لائٽ هلندڙ موٽر سائيڪلون، ۽ بغير لائسنس گاڏين جي ڊرائيونگ، روز جو معمول بڻيل آهي۔ اهڙي صورتحال ۾ برقي چالان جو مقصد، ٽريفڪ جي ضابطن تي سختي سان عمل ڪرائڻ آهي، جيڪو قانوني پاسداريءَ کي وڌائڻ سان گڏ، ماڻهن ۾ ذميواريءَ جو احساس به پيدا ڪري ٿو۔ جڏهن ڪنهن شهر ۾ قانون جي ڀڃڪڙيءَ تي سزا يقيني بڻائي وڃي ٿي، تڏهن ماڻهو پاڻمرادو قانون جي پابندي ڪرڻ شروع ڪن ٿا، ۽ اها ڳالهه ڪنهن به مهذب سماج جي ترقيءَ جو بنيادي اصول آهي۔

پر افسوس، سنڌ ۾ هن سسٽم جي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ شهرين ۾ بيچيني ڏسڻ ۾ آئي آهي۔ ڪيترن جو چوڻ آهي ته چالان غير ضروري يا غلط وقت تي جاري ڪيا وڃن ٿا، ۽ انهن کي پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪنهن به مؤثر فورم تي وڃڻ جو موقعو نٿو ملي۔ ڪيترائي ماڻهو ان ڳالهه تي به اعتراض ٿا ڪن ته سنڌ ۾ برقي چالان جي فيس پنجاب جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ رکيل آهي، جڏهن ته آن لائين ادائيگيءَ جو نظام اڃا مڪمل طور تي مؤثر ۽ سولو ناهي۔ نتيجي ۾ عام شهريءَ کي هڪ قانوني سهولت بدران هڪ اضافي پريشانيءَ جو تجربو ملي رهيو آهي۔ اهو سچ آهي ته برقي چالان سان حڪومت کي تمام وڏي آمدني حاصل ٿيندي، جيڪا جيڪڏهن ٽريفڪ انتظام، روڊ سيڪيورٽي ۽ ٽيڪنالاجي جي بهتريءَ تي خرچ ڪئي وڃي ته عوام کي به ان جو سڌو فائدو پهچي سگهي ٿو۔ پر جيڪڏهن اها رقم صرف ريونيو وڌائڻ جو ذريعو بڻجي وڃي، ته پوءِ هن نظام جو مقصد ئي فوت ٿي ويندو۔ حڪومت کي اهو يقيني بڻائڻو پوندو ته برقي چالان مان حاصل ٿيندڙ هر روپيو عوامي سهولتن تي ئي خرچ ٿئي، جيئن ته نون سگنلن، سي سي ٽي وي ڪئمرائن، روڊ سائن بورڊن ۽ ٽريفڪ عملدارن جي تربيت تي۔

سنڌ ۾ ٽريفڪ جو انتظام اڳ ئي غير منظم ۽ سياسي مداخلت جو شڪار رهيو آهي۔ ٽريفڪ پوليس وٽ وسيلن جي کوٽ آهي، ۽ ڪيترائي اهلڪار پنهنجو ڪم ايمانداريءَ سان ڪرڻ بدران ڏنڊن مان ذاتي فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن۔ برقي چالان جو نظام، جيڪڏهن شفافيت سان هلائجي، ته اهو اهڙي رشوت خوريءَ کي به گهٽائي سگهي ٿو.

پنجاب ۾ برقي چالان سسٽم، سنڌ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ منظم ۽ عوام دوست آهي۔ اتي نه صرف آن لائين ادائيگي جو نظام سولو آهي، پر شهري پنهنجي چالان بابت تفصيل به آسانيءَ سان ڏسي سگهن ٿا۔ ان جي مقابلي ۾ سنڌ ۾ نه صرف فيس وڌيڪ آهي، پر انٽرنيٽ ذريعي ادائيگيءَ ۾ به مشڪلاتون آهن، جيڪي عام شهري لاءِ هڪ ذهني ۽ مالي بوجهه بڻجي چڪيون آهن۔ حڪومت کي گهرجي ته اها پنجاب جي ماڊل مان سکندي، سنڌ ۾ به ساڳيو سولو ۽ شفاف نظام لاڳو ڪري، جيئن عوام جو اعتماد بحال ٿي سگهي۔

برقي چالان، پنهنجي جوهر ۾ هڪ مثبت تبديلي آهي، جيڪا سماج کي قانون جي تابع بڻائي ٿي۔ پر هر ٽيڪنالاجيءَ جيان، هي نظام به تڏهن ڪارگر ٿي سگهي ٿو، جڏهن ان جي پويان انتظاميه ايمانداريءَ سان ڪم ڪري۔ جيڪڏهن ٽريفڪ پوليس ۽ روڊ کاتو ان کي محض آمدني وڌائڻ جو ذريعو بڻائين، ته پوءِ عوام ۾ بيزاري وڌندي، ۽ نظام پنهنجو مقصد وڃائي ويهندو۔ اسان کي اهو به نه وسارڻ گهرجي ته سنڌ ۾ ٽريفڪ حادثن جو انگ هر سال وڌي رهيو آهي۔ انهن مان ڪيترائي حادثا سگنل جي ڀڃڪڙي، غلط رخ تي هلڻ يا تيز رفتاريءَ جي نتيجي ۾ ٿين ٿا۔ برقي چالان، انهن عادتن کي روڪڻ جو هڪ بهترين اوزار ٿي سگهي ٿو، بشرطيڪه حڪومت ان کي عوامي اعتماد سان ڳنڍي۔

حڪومت کي گهرجي ته برقي چالان مان حاصل ٿيندڙ رقم جو تفصيلي حساب ڪتاب عوام اڳيان پيش ڪري۔ جيڪڏهن عوام ڏسي ته سندن ڏنل جرمانا روڊن جي مرمت، ٽريفڪ سگنلن جي سڌاري، يا پوليس جي جديد تربيت تي خرچ ٿي رهيا آهن، ته پوءِ هو به ان نظام جو حامي بڻجي ويندو۔ شفافيت ئي هر نظام جي طاقت آهي، ۽ سنڌ ۾ اها ئي کوٽ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي۔ اهو چوڻ بيجا نه ٿيندو ته برقي چالان سنڌ جي روڊن تي قانون ۽ نظم جو نئون باب کولڻ جي صلاحيت رکي ٿو۔ پر اها صلاحيت تڏهن ئي حقيقت بڻبي، جڏهن حڪومت ان کي عوام دوست، شفاف، ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي مڪمل استعمال سان لاڳو ڪري۔ جيڪڏهن سنڌ حڪومت سنجيدگيءَ سان هن نظام کي مضبوط ڪري، ته نه صرف حادثن ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي، پر ٽريفڪ جي دنيا ۾ هڪ مهذب ۽ ذميوار سماج جي تمثيل به قائم ٿي سگهي ٿي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.