ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ۾ ” ڌُڪا“ هڻندڙ شاگردياڻي فيل

ڄامشورو (ويب ڊيسڪ) ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ کانپوءِ وائرل ٿيندڙ شاگردياڻي عميزه چانڊيو فيل ٿي وئي.
ڪجهه ڏينهن اڳ ڄامشورو سان واسطو رکندڙ عميزه چانڊيو ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته هن ٽيسٽ دوران ڌُڪا هنيا آهن، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي هئي.
هاڻي خبرون سامهون آيون آهن ته عميزه چانڊيو ميڊيڪل ٽيسٽ ۾ 180 مان رڳو 54 مارڪون کڻي سگهي.
سموريون خبرون ۽ اڳڪٿيون ڪوڙيون ثابت ٿيون، ايم ڊي ڪيٽ ۾ ڌُڪا سُڪا هڻڻ واري ڳالهه ڪري مشهوري ماڻيندڙ عميزه چانڊيو 167 نه پر رڳو 54 مارڪس کنيون.
آءِ بي اي سکر جي سيبا ٽيسٽنگ سروس پاران جاري ڪيل حتمي نتيجن موجب ڄامشورو سان واسطو رکندڙ عميزه چانڊيو ايم ڊي ڪيٽ جي ٽيسٽ ۾ رڳو 54 مارڪس کنيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.