ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ اڄ هڪ ڀيرو وري وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون 5300 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 4 لک 24 هزار 162 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته 10 گرام سون 4544 رپيا واڌ سان 3 لک 63 هزار 650 رپين وڪرو ٿي رهيو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون 53 ڊالر اضافي سان 4018 ڊالرز جو ٿي ويو .
Next Post
					You might also like
		
	
	
					 
			