ڀارت پاران ڊيمن جي اڏاوت لاءِ افغانستان جي مدد جو اعلان

نئين دهلي(عوامي آواز رپورٽ)ڀارت اعلان ڪيو آهي ته هو افغانستان کي آبي وسيلن جي انتظام ۽ مينيجمينٽ ۾ هر قسم جي مدد ڏيڻ لاءِ تيار آهي، پرڏيهي وزارت جي ترجمان رنڌير جيسوال چيو ته افغانستان جي پرڏيهي وزير تازو ئي ۾ انڊيا جو دورو ڪيو ۽ ان کان پوءِ اسان گڏيل  اعلاميو جاري ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته گڏيل اعلاميي ۾ واضح طور لکيل آهي ته انڊيا افغانستان کي پاڻي جي وسيلن جي مينيجمينٽ ۾ مدد ڪندو، جنهن ۾ هائيڊرو اليڪٽرڪ منصوبا پڻ شامل آهن، هن چيو ته سلميٰ ڊيم ان تعاون جو بهترين مثال آهي، جنهن کي انڊيا–افغانستان دوستي ڊيم پڻ چيو ويندو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.