لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي سان اڳوڻن پي ٽي آءِ اڳواڻن لاهور ۾ اهم ملاقات ڪئي آهي.
ذريعن موجب، شاهه محمود قريشي کي طبي معائني لاءِ پاڪستان ڪڊني اينڊ لِوَر انسٽيٽيوٽ (پي ڪي ايل آءِ) اسپتال لاهور آندو ويو، جتي پي ٽي آءِ جي اڳوڻن اڳواڻن فواد چوڌري، مولوي محمود ۽ عمران اسماعيل ساڻس ملاقات ڪئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف جي اڳوڻن ليڊرن شاهه محمود قريشي جي عيادت ڪئي، ملاقات دوران موجودا سياسي صورتحال تي پڻ تفصيلي ڳالهيون ٿيون.
شاهه محمود قريشي سان اڳوڻي پي ٽي آءِ اڳواڻن جي ڊگهي ملاقات، اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ
					You might also like
		
	
	
					 
			