وڻ وڍڻ خلاف درخواست تي ڪراچي جو ميئر سنڌ هاءِ ڪورٽ طلب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ بي آر ٽي لائن جي تعميرات لاءِ وڻ وڍڻ تي ڪراچي جي ميئر ۽ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ کي طلب ڪري ورتو.
عدالت ۾ ٻڌڻي دوران ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري آگاهه ڪيو ته شهر اندر وڻن جي ذميواري ڪي ايم سي جي آهي، ٻيلي کاتي جون حدون شهر کان ٻاهر شروع ٿين ٿيون.
جسٽس صلاح الدين پنهور پڇاڻو ڪيو ته ڪي ايم سي جي رپورٽ ڪٿي آهي؟ توهان وڻ ڇو نه پوکيا؟ گرين سٽي جو تصور ڇا آهي؟
ڪي ايم سي جي وڪيل عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻ لاءِ وقت گهري ورتو.
جسٽس امجد سهتي ريمارڪس ڏنا ته سموري ذميواري ميئر جي آهي، هو سربراهه آهي.
ڪي ايم سي جي وڪيل اپيل ڪئي ته ميئر بدران ڊي جي پارڪ کي طلب ڪيو وڃي.
عدالت ميئر ۽ ٽرانسپورٽ سيڪريٽري کي طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 22 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته درخواستگذار بي آر ٽي لائن جي تعميرات دوران وڻ وڍڻ تي عدالت سان رابطو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.