ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو افسوسناڪ واقعو ٽيسٽ ڪيس بڻجي سگهي ٿو. هن مظلوم انسان جي وحشياڻي قتل ۾ ملوث سمورن منفي ڪردارن کي سندن ڏوهه جي سزا ڏيڻ لازمي آھي.ظاھر طور سامھون نظر ايندڙ ڪردارن ۾اهم ڪردارن پوليس آفيسر آهن جيڪي سڌي ريت ان ۾ ملوث آهن ۽ انهن کي به اهڙي ئي سزا ڏني وڃي جيڪا ٽنڊو بهاول سانحي جي ذميوارن کي ڏني پئي ھئي.
جيڪڏهن ھڪ سنڌي هارياڻي جھور پوڙهي عورت اڪيلي سر حاضر سروس فوجي آفيسر کي عبرت جو نشان بڻائي سگھي ٿي ته ڊاڪٽر شاهه نواز جي ناحق خون ۾ سڄي سنڌ ھن سان گڏ بيٺي آهي.مقتول ڊاڪٽر جي قاتلن کي گلن جا ھار پارائيندڙ ۽ مٿن گلن جي ورکا ڪندڙن توڙي انھن کي انعامن ۽ اعزازن جو اعلان ڪرڻ وارا سڀ ڏوهاري ۽ سهولتڪار آهن، انهن سڀني کي جيل ڀيڙو ٿيڻ گھرجي، سڄي سنڌ جو ئي آواز آھي.قاتلن کي خراج تحسين پيش ڪندڙن ۾ اسيمبلي ميمبر بھ شامل آھن،اھي ڪھڙي ريت عوام جي نمائندگيءَ ڪري رھيا آھن،اھو شرم جو مقام آھي جو ھڪ انسان جي قتل تي اھي خوشيون ملھائي رھيا آھن.
مذهبي انتهاپسندي جي هٿان حياتي وڃائيندڙ شهيد بينظير ڀٽو ۽ سليمان تاثير ۽ شهباز ڀٽي جھڙن اڳواڻن جي قتل جو ڏک سھندڙ پارٽيءَ جي صفن مان اڃان تائين اھڙن شدت پسندن کي ٻاھر ڇو نھ ڪڍيو ويو آھي.پوليس اهلڪارن جي خلاف ڳالهائڻ وارا وزير پنهنجي آس پاس موجود اھڙن نانگن تي خاموش ٿي ويٺا آھن. جيڪڏهن پ پ واقعي به اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ سنجيده آهي ته پوءِ ان کي پنهنجي اسيمبلي ميمبر جي پارٽي ميمبرشپ ۽ اسيمبلي ميمبرشپ ختم ڪرڻ گهرجي.
پير سرھندي،جيڪو ڪافي عرصي کان ٿر جي پر امن ۽ رواداري ماحول ۾ نفرت جو زهر ڀري رھيو آھي، اھو ھن المناڪ واقعي جو ٻيو اھم ڪردار آھي، جنھن کي عبرت واري انجام تائين پھچائڻ سان پڻ سنڌ ۾ وڌندڙ مذهبي انتهاپسندي جي روڪٿام جو اھم پاسو بڻجي سگھي ٿو.سنڌ جي انهن سڀني شهرين کي جن ڪراچي کان ڪشمير تائين خوف ۽ خاموشي جي تلاءَ ۾ پهريون پٿر اڇلايو، انهن سڀني کي ٻنهي هٿن سان سلام پيش ڪجي ٿو ۽ انھن سڀني جي لاءِ احترام ۽ عقيدت جن انتهاپسندي جي بلا کي وائکو ڪرڻ ۾ آواز بلند ڪيو ۽ نعرو ھنيو.
هڪڙي ڳالهه ضروري چوڻي آھي ۽ شايد تلخ به ٿي سگهي ٿي پر سچ اھو آهي ته سنڌ جي سيڪيولر ۽ رواداري جي روايتن تي گهڻو اڳ حملا ٿي چڪا آهن. سنڌ پنھنجي عظيم روايتن جي بنيادي عنصر سنڌي ھندن کي هندستان جي ورهاڱي ۾ وڃائي ڇڏيو ۽ رياست جي پکيڙيل مذھبي بيانيئي جي ھاڃيڪار اثرن کان پاڻ کي بچائڻ ۾ هر گذرندڙ لمحي ڏکيائي محسوس ڪندي رهي آهي. ميان مٺو، پير جان سرھندي، جماعت اسلامي، تحريڪ لبيڪ، جي يو آءِ سميت ٻين تنظيمن جا ڪٽر ۽ جامد نظريا شھرن ۽ ڳوٺن ۾ وڌندا پيا وڃن. رواداري ۽ مذهبي هم آهنگي ۽ ھڪ ٻئي جو ساٿ ڏيڻ ڪنهن زماني ۾ سنڌ جي طاقت هئي پر هاڻي اها ڪمزور ۽ دفاعي پوزيشن ۾ آهي. ڊاڪٽر شاهنواز سانحي تي به رد عمل ظاهر آيو آهي جڏهن ته وقت عمل جي گھر ڪري رھيو آھي.اھڙي واقعي ٿيڻ کي اڳواٽ روڪڻ لازمي آھي.
پرامن هم آهنگي جي سمورين روايتن جي باوجود مذهبي انتها پسندي جو ھڪ رجحان هميشه موجود رهيو آهي، ڪڏهن نائو مل جي والد سيٺ هوتچند سان ڪيل شرمناڪ سلوڪ جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو ته ڪڏهن ڊاڪٽر شاهه نواز ڪنڀر جي وحشياڻي قتل جي صورت ۾ سامھون اچي ٿو. ان رجحان خلاف جدوجهد ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.
ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو افسوسناڪ واقعو ٽيسٽ ڪيس بڻجي سگهي ٿو. هن مظلوم انسان جي وحشياڻي قتل ۾ ملوث سمورن منفي ڪردارن کي سندن ڏوهه جي سزا ڏيڻ لازمي آھي.ظاھر طور سامھون نظر ايندڙ ڪردارن ۾اهم ڪردارن پوليس آفيسر آهن جيڪي سڌي ريت ان ۾ ملوث آهن ۽ انهن کي به اهڙي ئي سزا ڏني وڃي جيڪا ٽنڊو بهاول سانحي جي ذميوارن کي ڏني پئي ھئي.