ڪراچي (ويب ڊيسڪ) کنڊ ۽ ٽماٽي کانپوءِ بصر به ڊبل سينچري ڪراس ڪري ويو.
پاڪستان ۾ مهانگائي جو جن بي قابو ٿي ويو ۽ عام واهپي جي شيون به عوام جي پهچ کان پري ٿينديون پيون وڃن.
اڳ ۾ کنڊ، پوءِ ٽماٽي ۽ هاڻ بصر به ڊبل سينچري ڪراس ڪري ورتي آهي.
بصر جنهن جي بنا ڪنهن به کاڌي جو تصور اڻپورو آهي، ڊبل سينچري ڪراس ڪرڻ سان هاڻ حقيقت ۾ عوام جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا آهن.
رپورٽ موجب بصر جي اگهه ۾ مسلسل واڌ جاري آهي ۽ ڪراچي ۾ في ڪلو بصر جو اگهه 200 رپين کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته ڪوئيٽا، پشاور، لاهور سميت ٻين شهرن ۾ به ان جي غير معمولي قيمت عوام کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي.
You might also like