فيصل آباد مان چار هزار شهرين سان آن لائين فراڊ ڪندڙ ٻه جوابدار گرفتار

فيصل آباد ۾ آن لائين سيڙپڪاري جي نالي تي فراڊ جي الزام هيٺ 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري هڪ ڪروڙ 30 لک رپيا روڪ رقم ۽ 3 ڪلو کان وڌيڪ چاندي هٿ ڪئي وئي.

ايف آءِ اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد سفيان موجب جوابدارن جي گروهه جو پتو لڳائي ٻنهي جوابدارن کي ديپالپور مان گرفتار ڪيو ويو.

هن ٻڌايو ته جوابدارن وٽان هڪ ڪروڙ 30 لک رپيا ۽ 3 ڪلو چاندي به هٿ ڪئي وئي آهي.

ايف آءِ اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته گرفتار ٻنهي جوابدارن 4 هزار شهرين کي فراڊ جو نشانو بڻايو.

هن چيو ته جوابدار شهرين کان ورتل رقم غريب ماڻهن جي نالن تي کولرايل اڪائونٽن ۾ منتقل ڪرائيندا هئا.

محمد سفيان اهو به ٻڌايو ته 14 ڄڻن تي ٻڌل گروهه جي باقي 12 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.

You might also like