آمريڪي رياست اليناءِ جي شهر بريڊووڊ جي هڪ رهواسي جي سالگرهه ان وقت سندس زندگيءَ جي سڀ کان يادگار سالگرهه بڻجي وئي، جڏهن سندس زال پاران منعقد ڪيل دعوت ۾ هڪ دوست کيس لفافي ۾ سورتي جون ڪجهه ٽڪيٽون تحفي طور ڏنيون.
سورتي جي 8 آگسٽ واري پُڙڻي ۾ ان شخص جي ٽڪيٽ جا سڀ انگ ملي ويا، جنهن سان کيس 10 لک ڊالرن، يعني 27 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ، جو انعام ملي ويو.
جڏهن ان شخص ۽ سندس دوست ٽڪيٽ چيڪ ڪئي ته غلط فهمي سبب سمجهيائون ته رڳو هڪ هزار ڊالرن جو انعام نڪتو آهي. اهي ايتري رقم ملڻ تي به تمام گهڻو خوش ٿيا.
جڏهن مڙس ۽ زال انعام جي رقم وٺڻ لاءِ سورتي مرڪز پهتا ۽ عملي کي ٻڌايائون ته اهي هڪ هزار ڊالرن جي انعام جي دعويٰ ڪرڻ آيا آهن، تڏهن آفيس جي هڪ اهلڪار مرڪندي کين ٻڌايو ته اوهان هڪ هزار نه، پر پورا 10 لک ڊالر کٽيا آهن.
اهو ٻڌندي ئي ٻئي ڄڻا صدمي ۽ خوشيءَ وچان روئڻ لڳا.