انسان، جيڪو ڪڏهن تخليق جو تاجدار سڏبو هو، اڄ آهستي آهستي پنهنجي ئي تخليق جو قيدي بڻجي رهيو آهي. جنهن عقل ۽ علم سان مشينون پيدا ڪيون، اڄ انهن ئي مشينن جي رحم ڪرم تي آهي. ٽيڪنالاجي، جيڪا انسان جي سهولت لاءِ ٺهي هئي، هاڻي انساني شعور جي حڪمرانيءَ تي قبضو ڪري رهي آهي. دنيا، جيڪا ڪڏهن فڪر، احساس ۽ روحانيت جو مرڪز هئي، اڄ سرورز، ڊيٽا سينٽرز ۽ مشيني منطق جي غلام ٿي وئي آهي. انسان جي تاريخ ۾ شايد اهو پهريون دور آهي، جتي علم، طاقت ۽ فڪر جو سرچشمو انسان نه، پر مشين بڻجي وئي آهي. اڄ انسان پنهنجي فيصلن ۾ آزاد نه رهيو آهي، بلڪه الگورٿم، ڊيٽا ۽ آٽوميٽڪ تجزئي جي حڪم هيٺ آهي. هو هر صبح پنهنجي موبائل اسڪرين سان جاڳي ٿو، ۽ هر رات مصنوعي روشنيءَ ۾ سُمهندو آهي. سندس جذبات، پسند، ناپسند، ۽ سوچ جون حدون هاڻي سوشل ميڊيا ۽ مصنوعي ذهانتون طئي ڪري رهيون آهن. اها غلامي جسماني نه، پر ذهني ۽ فڪري غلامي آهي، جيڪا سڀ کان خطرناڪ آهي. انسان کي پنهنجي زنجيرن جو احساس به نٿو رهي، ڇو ته هو انهن زنجيرن کي ترقي ۽ سهولت جو نالو ڏئي سڃاڻي ٿو.
ٽيڪنالاجيءَ جي وڌندڙ حڪمرانيءَ سان دنيا هڪ اهڙي دور ۾ داخل ٿي رهي آهي جتي انساني اختيار محدود ۽ مشيني حڪم لامحدود ٿي رهيا آهن. اڳي مشين انسان جي مددگار هئي، هاڻي انسان مشين جي مددگار بڻجي چڪو آهي. خودڪار نظام، مصنوعي ذهانت (AI) روبوٽڪس، ۽ ڊيٽا اينالائيٽڪس ــ اهي سڀ اوزار نه رڳو انساني مزدوري کي مٽائي رهيا آهن، پر انساني سوچ ۽ جذبات کي به بدلائي رهيا آهن ۽ ان تبديليءَ جو سڀ کان ڏکوئيندڙ پاسو اهو آهي ته ماڻھو ڪمزور ۽ مجبور ٿي ويندو.
جيڪو ڪڏهن پنهنجي تقدير جو خالق هو، سو هاڻي پنهنجي ئي ٺاهيل نظامن جي رحم ڪرم تي هوندو.جڏهن روزگار، علاج، تعليم، قانون، ۽ رشتا سڀ مشين طئي ڪندي، تڏهن انسان جي قوتِ فيصلو وڃائي ويهندي.هو ڏسندو ته سندس زندگيءَ جا سڀ دروازا صرف تڏهن کُلن ٿا، جڏهن ڪو الگورٿم اجازت ڏئي.هو محبت ڪرڻ چاهي به نه ڪري سگهندو بغير اجازت جي، اظهار ڪرڻ چاهي ته سسٽم روڪي ڇڏيندو.اهڙي دنيا ۾ انسان پنهنجي خواهشن ۾ قيد ٿي ويندو، ۽ آزادي صرف هڪ خيال رهجي ويندي.اهو ئي اهو مقام آهي، جتي انسان جي مجبوريءَ جي انتها ظاهر ٿيندي.هو ڏسندو ته سندس عقل، سندس جدوجهد، سندس دعائون به ڪو اثر ن ٿيون ڇڏين، ڇو ته هر شيءِ جو فيصلو ڪو مشيني دماغ ڪري رهيو آهي. انسان جو ڪم صرف حڪم مڃڻ رهجي ويندو، ۽ سندس وجود هڪ ڊيٽا پوائنٽ کان وڌيڪ اهم نه رهندو. ان وقت جو انسان ايترو ڪمزور ٿي ويندو جو نه روئي سگهندو، نه بغاوت ڪري سگهندو، ڇو ته سندس احساس به مشينن جي ضابطي ۾ هوندا. جڏهن انسان سوچڻ ڇڏي ڏئي ٿو ۽ هر فيصلي لاءِ مشين جي مدد وٺي ٿو، تڏهن هن جو شعور زوال پذير ٿي وڃي ٿو. مستقبل جو انسان شايد پڙهيل، ڄاڻو ۽ ڊجيٽل هوندو، پر احساس، وجد ۽ روحانيت کان خالي هوندو.
هاڻي انسان وٽ علم ته آهي، پر حڪمت نه؛ ٽيڪنالاجي ته آهي، پر سڪون نه؛ لا محدود رابطا آهن، پر اڪيلائي وڌيڪ وڌي وئي آهي. هن جي زندگيءَ جا سڀ لاڳاپا ڊيٽا ۾ بدلجي ويا آهن، ۽ محبت به نوٽيفڪيشن جي صورت ۾ اچي ٿي.جيئن جيئن ٽيڪنالاجي وڌندي پئي وڃي، انسان جي اندروني دنيا سُڪندي پئي وڃي. هو هاڻي فڪر جي بجاءِ سافٽ ويئر اپڊيٽس تي ڀاڙيندو آهي. سندس اميد به ڊجيٽل ٿي چڪي آهي، ۽ سندس خوف به ورچوئل دنيا جو پيداوار آهي.
فلسفيانه لحاظ سان ڏٺو وڃي ته ٽيڪنالاجيءَ جي غلامي سڀ کان خطرناڪ آهي، ڇو ته اها غلامي انسان جي روح کي برباد ڪري ٿي بغير شور شرابن جي. اها بغاوت جو موقعو به ن ڏيندي ڇو ته انسان کي اهو محسوس ئي ن ٿيندو ته هو غلام آهي. هو سمجهندو ته هو آزاديءَ ۾ جي رهيو آهي، جڏهن ته هر فيصلي ۾ ڪنهن نه ڪنهن ڪمپني، نظام، يا مصنوعي ذهانت جو اثر موجود ھوندو.اهڙي دنيا ۾ انسان جي نيڪي، برائي، محبت، نفرت، حتّىڪہ سندس تقدير به مشين طئي ڪندي. اها دنيا مشيني عدالتن ۽ ڊجيٽل حڪمرانن جي هوندي، جتي رحم ۽ انصاف جي جاءِ تي الگورٿم جو منطق ڪم ڪندو.
جيڪڏهن مستقبل جي انسان کي پنهنجو روح بچائڻو آهي، ته کيس ٽيڪنالاجيءَ تي حڪمراني حاصل ڪرڻي پوندي، ان جي حڪمرانيءَ ۾ رهڻ نه. انساني تاريخ جو سڀ کان وڏو سبق اهو آهي ته جيڪو پنهنجي تخليق کي ڪنٽرول نه ٿو ڪري، اهو آخرڪار پنهنجي تخليق جو شڪار ٿي وڃي ٿو.
ٽيڪنالاجيءَ جي ترقي کي روڪڻ ممڪن نه آهي، پر ان کي اخلاق، انسانيت ۽ شعور جي دائري ۾ رکڻ ضروري آهي. ٻي صورت ۾، ايندڙ دور جو انسان ايترو ته ذهين هوندو جو مشينون ٺاهي سگهندو، پر ايترو بي وس هوندو جو انهن کان بچي نه سگهندو. شايد اهو ئي وقت آهي، جتي انسان کي پاڻ کان سوال ڪرڻ گهرجي: ڇا مون مشين ٺاهي آهي، يا مشين مون کي؟ ڇا مان ٽيڪنالاجيءَ جو حڪمران آهيان، يا صرف ان جو صارف؟ جيڪڏهن انسان هن سوال جو جواب شعور سان نه ڏنو، ته ايندڙ دور ۾ انسانيت هڪ ڊجيٽل غلاميءَ جي عذاب ۾ مبتلا، ڪمزور ۽ مجبور نسل بڻجي ويندي. ۽ ان وقت نه محبت بچندي، نه احساس، نه روح صرف سسٽم، ڊيٽا، ۽ ڪنٽرول باقي رهندو.