تعليم وارو وزير استعيفيٰ ڏئي نه ته ملڪ گير احتجاج تحريڪ هلائينداسين“ ڪاڪروچ جنتا پارٽي جي بانيءَ جو ڀارت پهچڻ تي مطالبو
نئين دهلي(ويب ڊيسڪ)آن لائن تحريڪ ”ڪاڪروچ جنتا پارٽي“ جي باني اڀيجيت ديپڪي امتحاني جا پرچا ليڪ ٿيڻ خلاف هزارين شاگردن سان گڏ احتجاج ڪندي مرڪزي تعليم واري وزير ڌرميندر پرڌان کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ديپڪي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن وزير استعيفيٰ نه ڏيندو ته ملڪ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.
احتجاج ۾ مشهور سماجي ڪارڪن سونم وانگچڪ به شرڪت ڪئي، جڏهن ته ڪيترن ئي مظاهرين ڪاڪروچ وارا ماسڪ پاتا هئا.
واضح رهي ته ڪاڪروچ جنتا پارٽي هڪ طنزيه سوشل ميڊيا مهم طور شروع ٿي، جيڪا سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي هڪ تڪراري بيان کانپوءِ مقبول ٿي.
هيءَ تحريڪ دعويٰ ڪري ٿي ته لکين نوجوان ۽ شاگرد حڪومت جي پاليسين، بيروزگاري ۽ تعليمي نظام خلاف ڏمريل آهن.
ڪاڪروچ پارٽي جي وڌندڙ مقبوليت کان ڊنل بي جي پي سرڪار ڪجهه ڏينهن اڳ پارٽي جو ايڪس اڪائونٽ معطل ڪيو هو، جنهن کانپوءِ سياسي ۽ سماجي ڌرين طرفان حڪومت کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو، جنهن کانپوءِ تحريڪ جو نئون اڪائونٽ ٻيهر فعال ڪيو ويو.
ڪاڪروچ پارٽي اڳواڻ اڀيجيت ديپڪي جو چوڻ آهي ته هي رڳو هڪ آن لائن مهم نه پر نوجوانن جي مايوسي ۽ تبديلي جي خواهش جو اظهار آهي ۽ مستقبل ۾ اها تحريڪ وڌيڪ وڏي صورت اختيار ڪري سگهي ٿي.