ملڪ ۾ غير معمولي گرمي، هيٽ ويو جي وارننگ، الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ملڪ ۾ سخت گرمي جي لهر جو خدشو ظاهر ڪندي 7 کان 12 جون دوران هيٽ ويو جي وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي.
موسميات کاتي موجب، سڀاڻي کان ملڪ جي مختلف شهرن ۾ هيٽ ويو جو خدشو آهي، 8 کان 12 جون تائين ڪراچي ۾ موسم سخت گرم رهڻ جو امڪان آهي ۽ گرمي پد 40 کان 43 ڊگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رهڻ جو خدشو آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 7 کان 12 جون تائين سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪجهه ضلعن ۾ گرمي پد 48 کان 51 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو، جڏهن ته پنجاب جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ به گرمي پد 44 کان 48 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب، خيبرپختونخواهه جي ميداني علائقن ۾ گرمي پد 41 کان 46 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو.
موسميات کاتي شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته هو صبح 10 وڳي کان شام 4 وڳي تائين غير ضروري طور تي ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.