لنڊن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي انگلش اسپنر گريم سوان نوجوان ڀارتي اوپنر ويڀَو سورياونشي جي انگلينڊ دوري لاءِ اسڪواڊ ۾ شموليت تي دلچسپ تبصرو ڪيو آهي.
ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ ويڀَو سورياونشي جي شاندار فارم کي ڏسندي گريم سوان به سندس صلاحيتن بابت خدشن جو اظهار ڪيو آهي.
گريم سوان مزاحيه انداز ۾ چيو ته ”ويڀَو سورياونشي کي انگلينڊ خلاف دوري لاءِ نه چونڊيو وڃي، ڇو ته هو اسان جي بالرن کي هر پاسي ڇڪا هڻندو.“
ياد رهي ته آءِ پي ايل 2026 دوران راجسٿان رائلز جي نمائندگي ڪندي ويڀَو سورياونشي پنهنجي جارحاڻي بيٽنگ سان سڀني جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتيون هيون.
ميگا ايونٽ دوران هن 237.30 جي شاندار اسٽرائيڪ ريٽ سان 776 رنسون اسڪور ڪري نه رڳو سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيون، پر ميگا ايونٽ جو موسٽ ويليوبل پليئر ايوارڊ پڻ پنهنجي نالي ڪيو.
ويڀَو جي شاندار ڪارڪردگي کانپوءِ کيس ڀارت جي انگلينڊ ۽ آئرلينڊ دوري لاءِ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جتي سندس امڪاني ڊيبيو تي ڪرڪيٽ شوقينن جون نظرون کتل آهن.
”هي اسان جي بالرن کي ته ڌوئي ڇڏيندو “سورياونشي جي انگلينڊ خلاف شموليت تي گريم سوان جو تبصرو وائرل
You might also like