”سگا انسائيڪلو پيڊيا “ تي هڪ نظر

تحرير: اشرف لاريب

تاريخ جو مطالعو اسان کي سکڻ، سمجهڻ ۽ اڳتي وڌڻ جو رستو ڏيکاري ٿو، ڇو⁠ته  جيڪو پنهنجي تاريخ وساري ٿو، اهو پنهنجي سڃاڻپ به وڃائي ٿو.گذريل دور ۾ تاريخ جا وڏا وڏا داستان وڏيون وڏيون مثالون ،تاريخ  جي وسيع سمجهاڻي جيڪا پڙهندڙ لاءِ خشڪ مضمون بڻجي وئي هئي  پر جيئن جيئن وقت گذرندو ويو تيئن تيئن علم جي ميدان ۾ وڌيڪ نفاست ۽ تاريخ  مرتب ڪرڻ ۾ جدت آندي وئي آهي   تاريخ سازي مختصر ۽ ساده پر نچوڙ وارو عنصر شامل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي حوالا متعارف ڪرايا ويا آهن  انهن مان مختصر تاريخ جو جائزو وٺڻ لاءِ انسائيڪلو پيڊيا جو لفظ ايجاد ڪيو ويو جنهن جي معني عام ماڻهن کي پڻ شايد گهٽ خبر هجي نوي جي ڏهاڪي ۾ انسائيڪلو پيڊيا جو لفظ عام جام استعمال ٿيو پر انهي تاريخي حوالي انسائيڪلو پيڊيا کي سگا ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ خالد حسين چنا جون ڪاوشون قابل ستائش آهن .

انسائيڪلوپيڊيا يوناني لفظ اينڪائيڪلوپيڊيا (Enkyklopaedia) جو انگريزي اچار آهي. انسائيڪلوپيڊيا جو مطلب آهي گهيرو (گول، دائرو) يا تعليم (ڄاڻ، سکيا) جو مڪمل سرشتو يعني سڀ طرفي ڄاڻ. انسائيڪلوپيڊيا لفظ جي معنى ۾ به تاريخي اوسر سان گڏ تبديلي ايندي رهي آهي. اڄوڪا گهڻا ماڻهو انسائيڪلوپيڊيا کي سموري ميسر ڄاڻ جو گهڻ جُلدي ميڙ (مچو) سمجهن ٿا جنھن کي نقشن ۽ تفصيلي پنوتريءَ سان گڏوگڏ ڪتابِسُــڌَن (ببليوگرافيز)، تصويرن، خاڪن، ننڍاڙن (تخفيفن) ۽ پرڏيھي محاورن (اصطلاحن)، ڏيھه سُڌن (گزيٽيئرز) ۽ اهڙي ٻين شين سان سڌاريو ويو هجي.اهڙي ريت سگا جي گذريل وقتن ۾ ڪهڙا ڪهڙا  تاريخي ڪم ڪيا ويا انهن تاريخي ڪمن ۾ ڪنهن جو ڀرپور ڪردار رهيو  انهن سڀني کي سهيڙڻ لاءِ خالد حسين چنا  سگا جي تاريخ سهيڙڻ جو پڪو پهه ڪيو ،ان ڏس ۾ هن سگا جي پراڻن ساٿين سان ملاقاتون ڪيون  اهي اسان جا رهبر سگا جا پراڻا ساٿي جيڪي جسماني ۽ ّذهني  طور تي ڪمزور ٿي ويا آهن انهن جون يادون سهيڙڻ جو ڪم ڪو سَولو  ڪم نه هو ان سموري مشق لاءِ خالد حسين چنا وڏڙن سان قرب ڪچهريون ڪري مواد  گڏ ڪيو تنهن کان پوءِ پراڻن توڙي نون فائيلن ۾ موجود رڪارڊ کي Authenticated  بڻائڻ لاءِ مختلف شخصيتن ڏانهن ٽيليفون ذريعي  رابطا ڪيا جنهن سان انگ اکر درست نموني سهيڙي انهن کي پنهنجي ڪتاب سگا انسائيڪلو پيڊيا ۾ قلم بند ڪيا ، سگا ۾ ڪيل سماجي ڪمن جو عڪس ڏسڻ لاءَ انهن کاهوڙي ڪردارن   جي هٿ اکرن سان پڻ تاريخ سهيڙڻ لاءَ  خالد حسين چنا صاحب جن اهو ڪم سنجيدگي سان هٿ ۾ کنيو .

 گذريل 13 سالن جي طويل عرصي دوران خالد حسين چنا سگا جي تاريخ سهيڙڻ جو ڪم شروع ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ هن سگا  الماس،سگا اتهاس،سگا شهداد ڪوٽ،سگا گولڊن جوبلي سگا اڀياس سنڌ جن جي ساهه ۾ ان کان علاوه ٻه انگريزي ۾ ڪتاب Sindh Graduates Association,Voluntrism Above Self .  لکيا جنهن ۾ سگا جي تاريخ تفصيل سان قلم بند ڪيل آهي ،تنهن کان پوءِ هن سگا جي انسائيڪلو پيڊيا ڪتاب سهيڙڻ  شروع ڪيو جيڪو پڻ  پڙهندڙن لاءِ شاهڪار  ڪتاب آهي گهري ناسي رنگ جو ڪتاب جنهن تي هڪ پراڻي ڪتاب ڀر ۾ هڪ لالٽين رکيل آهي ڪتاب پڙهندڙ  کي پاڻ ڏانهن ڏيان ڇڪائي ٿو هي ڪتاب جڏهن پنهنجي هٿن ۾ کنيم سڀ کان پهرين منهنجي نظر ارپنا تي پئي جنهن ۾ هي عبارت انگريزي ۾ لکيل هئي جنهن جو ترجمو هن ڪالم ۾ لکيو اٿم جيڪو پڙهندڙن لاءِ يقينن دلچسپي جو سبب بڻبو . اُنهَن خواب ڏسندڙن کي، جن خواب ڏٺا، ۽ اُنهن اڳواڻن کي، جن تعمير ڪئي. اُنهن ميمبرن کي، جن سچائيءَ سان خدمت ڪئي، ۽ اُنهن نسلن کي، جيڪي هي مشعل اڳتي کڻي هلنديون. تن لاءِ  هڪ ترت جائزو وٺندڙن لاءِ هي ڪتاب سگا توڙي فلاحي ڪم ڪندڙ رضاڪارن لاءِ سگا انسائيڪلو پيڊيا ڪتاب سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن  لاءِ ڪنهن قيمتي تحفي کان گهٽ ناهي .

سگا انسائيڪلوپيڊيا ڪتاب مرتب ڪرڻ جو خيال خالد حسين چنا کي ڇو ۽ ڪيئن آيو اچو ته هن تي ٿوري نظر وجهون ٿا . مڊل ڪلاس غريب طبقي سان تعلق رکندڙ  هي نوجوان  سن 2012 ۾ جڏهن پهريون ڀيرو بين الاقوامي تنظيم سگا جي مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي ۾ بطور سيڪريٽري تعليم جو شرف مليس تڏهن کان هن جي ذهن ۾ تبديلي لاءِ  خيال ۽ نظريا هن جي ذهن ۾ ڊوڙندا رهندا هئا  جنهن ڪري هو هميشه ڪجهه نئون ڪرڻ دنيا آڏو ڪجهه نواڻ آڻڻ لاءِ بي تاب رهندو هو ڇاڪاڻ ته اهو سچ آهي ته نواڻ آڻڻ لاءِ پراڻي دور کي ڏسڻو پوندو  آهي تڏهن وڃي نواڻ جو تصور ڏئي سگهبو آهي  پنهنجي سيڪريٽري تعليم واري ٽينيوئر ۾ هن سگا جي کاهوڙي ساٿين جا پروفائل پڙهيا سگا جي تاريخ کي گِهرائي سان ڏسڻ لاءِ هن  جڏهن سگا  مرڪزي آفيس ۾ موجود ويئر هاوئس ۾ جڏهن جهاتي پائي ڏٺي ته ڄڻ سندس کي پراڻو رڪارڊ ٽڙيل پکڙيل ڏسي انهن جانثار کاهوڙي رضاڪار جيڪي ڪنهن دور ۾ سگا جي سگهه هئا  سگا جي پليٽ فارم تان سنڌ جي خدمت ڪندڙن جا چهرا ڄڻ پراڻين فائيلن مان جهاتي پائي رهيا هجن نظر آيس  . گذريل دئور جي تاريخ ۽ سگا جي طويل عرصي يعني 1970 کان 2025 تائين جي سگا جي تاريخ انهن بوسيده فائيلن ۾ محفوظ ته هيون پر وقت جي اٿل پٿل ڪري اهي فائيل مٽي ۾ ضم ٿي ويون هيون  ،پراڻين فائيلن ۾ موجود سگا جا ڪيترائي ساٿي جيڪي هن دنيا ۾ موجود نه رهيا آهن انهن جا ڪيل مثالي ڪم انهن بوسيده فائيلن مان ڄڻ  ليئو پائي رهيا هجن ،دز،مٽي ،اونداهي ۾ رکيل فائيلن کي ترتيب ڏيڻ  انهن کي صاف ڪري هر هڪ  شاخ جي   فائل کي الڳ الڳ ڪري فائيلن ۾ موجود رڪارڊ کي نيئن سري سان ترتيب ڏيڻ ڪو سولو ڪم نه هو

 سال  2012  کان وٺي 2025   تائين جي قليل عرصي تائين جي تاريخ کي سهيڙي سگا انسائيڪلو پيڊيا ترت حوالو ۽ معلومات کي يڪجا ڪري ڪتاب ترتيب ڏيڻ ڪنهن عام ماڻهو جي وس جي ڳالهه ناهي  ،سگا انسائيڪلو پيڊيا ڪتاب  سگا جي رضاڪارن توڙي ٻين  عام ماڻهن  لاءِ قيمتي دستاويز  آهي جنهن جي هر هڪ ورق اٿلائڻ سان اوهان کي ماضي جا جهروڪا نظر ايندا شروع عاتي دور کان وٺي هن مهل تائين 2025 تائين جي سگا جي صدر/جنرل سيڪريٽري،سگا جي چيئرمينن سيڪريٽري جنرل جا تفصيل،گولڊ ميڊل حاصل ڪندڙ ساٿين جا نالا تاريخ سال الفا بيٽيڪل ترتيب سان اوهان کي پڙهڻ لاءِ ترت ملندا جيڪي انسائيڪلو پيڊيا جي ڪتاب جي شروعاتي پيج جي فهرست ۾ نمبر وار ترتيب سان ڏنل آهن ان کان علاوه هن انسائيڪلوپيڊيا ۾ شاخن جي قائم ٿيڻ ،سگا جي پليٽ فارم تي ٿيندڙ بين الاقوامي ڪانفرنسون جا تفصيل،لائيف ٽايئم اچيومنٽ ايوارڊ جا تفصيل ،سگا جي حالات  حاضره توڙي تاريخي حوالا ترت ملي ويندا  ،ان انسائيڪلوپيڊيا کان پهرين سگا جو جائزو وٺڻ لاءِ ٿلها موٽا موٽا ڪتاب پڙهڻا پوندا هئا جنهن سان ڪافي وقت درڪار هوندو هو هي انسائيڪلو پيڊيا ڪتاب  Quick Reference طور پڙهندڙن کي مدد ڏيندو ۽ ڪنهن به تنظيم جي ڪاميابين ۽ ناڪامين توڙي سرگرم ڪرڻ لاءِ هي دستاويز ڪرنگهي جي حيثيت رکي ٿو.

 سچ پچ ته سگا جو انسائيڪلو پيڊيا پڙهندي اهو محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ آئون پراڻي دور ۾ هلي وئي هجان جنهن ۾ سگا جا اهي رضاڪار جيڪي زمين تي پلٿو هڻي غريبن جا دردن جا داستان ٻڌندا هجن  انهن سان ڄڻ ملاقات ٿي هجي. ڪتاب ۾ 600 ميمبرن جي صحيح ڊيٽا ، سندن عهدن ، ڪارڪردگين ۽ اداري لاءِ ڪيل خدمتن جي ڄاڻ شامل ڪئي وئي آهي .  هر نالي جي اڳيان ان جي مقرريءَ جي تاريخ ، عهدو ۽ دؤر جو حوالو ڏنل آهي ، جيڪو اداري جي مڪمل ۽ منظم تاريخ کي اجاگر ڪري ٿو . ان کان علاوه، سگا جي مختلف ڪانفرنسن ، اجلاسَن ۽ تاريخي گڏجاڻين جا تفصيلي احوال به هن ڪتاب ۾ شامل آهن ، جتي سنڌ جي علمي ۽ سماجي شخصيتن جي شرڪت ، تقريرن ۽ تجويزن جا حوالا ڏنا ويا آهن . هن  انسائيڪلو پيڊيا ڪتاب ۾  سنڌ گريجوئيٽس آئسوسئيشن جي سفر ، خدمت ۽ جدوجهد کي مڪمل طور محفوظ ڪيو ويو آهي  . ڪتاب ۾ سگا جي 129 سگا جي شاخن  جي قائم ٿيڻ  جون تاريخون ، آفيس بيئررز جون فهرستون ۽ هر برانچ جي ڪارڪردگيءَ جا تفصيلي حوالا وڏي ترتيب ۽ سچائيءَ سان شامل ڪيا ويا آهن . هر شاخ  جي بنياد وجهڻ کان وٺي ان جي خدمت تائين جو سفر ڪتاب ۾ روشنيءَ سان اجاگر ٿيل آهي . اهو ئي نه ، پر هي ڪتاب روشن تارا اسڪولن (Roshan Tara Schools) جي مڪمل رڪارڊ تي به مشتمل آهي ، جيڪي سنڌ صوبي جي مختلف ضلعن ۽ شهرن ۾ سگا جي انتظام هيٺ هلي رهيا آهن . هر اسڪول جي قيام ، ڪارڪردگي ، شاگردن جي ترقي ۽ سماجي اثر بابت تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي . ان سان گڏ پبلڪ اسڪول گڏاپ (Public School Gadap) جو به مڪمل احوال هن ڪتاب ۾ شامل آهي ، جنهن ۾ ان جي قيام ، مقصد ، اسٽاف ، شاگردن ۽ ترقياتي مرحلن جو ذڪر انتهائي محبت ۽ سچائيءَ سان ڪيو ويو آهي . هي انسائيڪلو پيڊيا ڪتاب   جڏهن به  ڪو پڙهڻ لاءِ  کوليندو ان کي هر نالو ، هر موضوع ۽ هر حوالو پنهنجي صحيح جڳھ تي ، خوبصورت ترتيب سان ملي ويندو  . سگا انسائيڪلوپيڊيا سچ پچ ۾ سگا جي تاريخ سازي جو ڪتاب  آهي ، جيڪو وقت جي هر دور ۾ سنڌ جي تعليمي ، فڪري ۽ سماجي سڃاڻپ جو علامتي يادگار  طور رهندو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.