ڌرتي ماءُ رڳو پاڪستان آهي، باقي سڀ انتظامي يونٽ آهن: خالد مقبول صديقي جو حيدرآباد ۾ خطاب

متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي چيئرمين خالد مقبول صديقي چيو آهي ته اسان کي ووٽ نه ڏيو، پر پنهنجن حقن لاءِ متحد ٿي وڃو.

حيدرآباد ۾ يومِ دفاع جي تقريب کي خطاب ڪندي خالد مقبول چيو ته ڪنهن جي به ايتري حيثيت ناهي جو اسان کان حب الوطنيءَ جا سرٽيفڪيٽ گهري.

هن چيو ته اسان کي ووٽ نه ڏيو، پر پنهنجن حقن لاءِ متحد ٿي وڃو، جيڪڏهن هي وقت گذري ويو ته تاريخ اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي.

ايم ڪيو ايم چيئرمين وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي، عوام آڏو اهو فيصلو ٿيڻ گهرجي ته ڌرتي ماءُ پاڪستان آهي، جيڪا ناقابلِ تقسيم آهي، جڏهن ته باقي سڀ انتظامي يونٽ آهن.

خالد مقبول اهو به چيو ته ارڙهين ترميم ۾ اسان ان ڪري شامل ٿياسين ته جيڪڏهن اسان شامل نه به ٿيون ها ته پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) اها ترميم ڪري ڇڏين ها، اقتدار هڪ زميندار جي هٿن مان نڪري ٻئي زميندار وٽ وڃي ڦاسي پيو آهي.

هن جو چوڻ هو ته جڏهن فيصلا نه ٿي رهيا هجن ته روڊن تي فيصلا ٿيندا آهن ۽ ايم ڪيو ايم روڊ ڏٺا آهن.

You might also like