اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) پاڪستاني ڪرڪيٽر محمد رضوان ۽ امام الحق کي طلب ڪري ورتو آهي.
رپورٽ موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ٻنهي ڪرڪيٽرن جا موبائل فون پنهنجي تحويل ۾ وٺي لاڳاپيل اداري ڏانهن موڪلي ڇڏيا هئا، جنهن کانپوءِ اين سي سي آءِ اي طرفان کين نوٽيس جاري ڪيا ويا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته امام الحق ۽ محمد رضوان کانسواءِ هڪ ٻئي ڪرڪيٽر کي پڻ اين سي سي آءِ اي نوٽيس جاري ڪيو آهي، جڏهن ته رانديگرن جي موبائل فونز مان حاصل ٿيل معلومات جي جاچ ڪئي پئي وڃي.
رپورٽ موجب ٻنهي ڪرڪيٽرن کي سومر ڏينهن جاري ڪيل نوٽيس ۾ جمعي تي اين سي سي آءِ اي لاهور آفيس ۾ طلب ڪيو ويو آهي. ٻنهي رانديگرن جا موبائل فون ان لاڪ ڪرايا ويندا.
ذريعن ٻڌايو ته ڪرڪيٽرن کان انگلينڊ سيريز دوران ڊريسنگ روم مان معلومات ليڪ ٿيڻ بابت پڻ جاچ ڪئي ويندي، جڏهن ته موبائل فونز تحويل ۾ وٺڻ جو سبب پي سي بي طرفان اڃا تائين سامهون نه آندو ويو آهي.