سنڌ جي جاگرافي سان پيپلزپارٽي جو تعلق ناهي، ”سنڌوديش“ جو نعرو نه هلندو: حافظ نعيم الرحمان جو لاهور ۾ خطاب

لاهور(ويب ڊيسڪ)جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي کي سنڌ گهرجي ۽ شريف خاندان کي پنجاب گهرجي. پيپلز پارٽي جو سنڌ جي جاگرافيءَ سان ڪو به واسطو ناهي، اها رڳو ڦرلٽ ڪري ٿي.

پيٽروليم ليوي خلاف فيصل چوڪ مال روڊ لاهور تي ڌرڻي جي 22هين ڏينهن شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته سنڌ ۾ بدترين وڏيراشاهي نظام آهي، ماڻهن کي جيئڻ جو حق به ناهي. سنڌ ۾ جيڪو وڏيري جي سامهون ڳالهائيندو آهي، ان کي ماريو ويندو آهي.

هن چيو ته صوبن جي ڳالهه ڪريو، پر عوام کي پاڻ ۾ نه وڙهايو. اوهان روزگار ۽ نوڪريون نٿا ڏيو، تنهنڪري ماڻهو آزادي چاهين ٿا. پيپلز پارٽي اوچتو وار ڪري ميئرشپ تي قبضو ڪري ورتو. ماڻهن جي راءِ کي چيڀاٽي ڇڏيو، جڏهن ڪو پنهنجي حق جي ڳالهه ڪري ٿو ته نسل پرستي شروع ڪري ڇڏين ٿا. سنڌو ديش جو نعرو نه هلندو، اسان اهڙي ڪنهن به طبقي کي نٿا مڃون جيڪو پاڪستان جي نظريي جي نفي ڪري.

حافظ نعيم الرحمان چيو ته هي ڌرڻو عوام جي دانهن کي آواز ۾ بدلائڻ جو عمل آهي، اوهان مخلوق لاءِ ظلم خلاف آواز اٿاري رهيا آهيو، مون کي يقين آهي ته اوهان جي جدوجهد انجام تائين پهچندي. هي سمورو عمل شعور کي وڌائڻ جو عمل آهي، اسان ظلم خلاف آواز اٿاري رهيا آهيون، اسان جي تحريڪ نظام بدلائڻ جي تحريڪ آهي.

هن چيو ته حڪومت اهڙو ڳٺ جوڙ ٺاهي رکيو آهي، جيڪو زميندارن ۽ وڏيرن تي ٻڌل آهي. مارشل لا هجي يا نالي ماتر جمهوريت، اهو ئي طبقو هر هنڌ نظر اچي ٿو. اهي اسان کي حڪمرانيءَ جي حق کان محروم ڪن ٿا، بندوق جي طاقت تي اچن ٿا، اهڙي طبقي جو پاڪستان ۽ پاڪستان جي نظريي سان ڪو به واسطو ناهي.

جماعت اسلامي جي امير چيو ته مريم نواز جي ناپسنديده بيان جي مذمت ڪريون ٿا. مريم نواز پنجاب جي تعليم جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي. پنجاب جا 11 هزار اسڪول وڪرو ڪري ڇڏيا. هن دانش اسڪول ٺاهي عوام کي دوکو ڏنو ۽ عوام جا اربين رپيا هڙپ ڪري ڇڏيا. اڄ استاد، ڊاڪٽر، هاري ۽ سمورا ماڻهو سراپا احتجاج آهن، شريف خاندان جي ذهنيت سرمائيداراڻي آهي، ملڪ جي زراعت کي به شريف خاندان ئي تباهه ڪيو آهي.

حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ هو ته سڀاڻي اسلام آباد ۾ ڳالهيون ٿينديون، اسان جي ٽيم مڪمل تياري ڪري ورتي آهي. حڪومت سنجيده آهي ته اسان به معاملن کي اڳتي وڌائينداسين. معاشي دهشتگردي ختم ٿيڻ گهرجي، ليوي جي نالي تي ڀتو نه هلندو، آءِ پي پيز جي مافيا کي به لغام اوهان ئي وجهندا. هن ڳريل سڙيل نظام ۾ عوام لاءِ ڪجهه به ناهي، ڪجهه ماڻهن لاءِ سڀ ڪجهه آهي، جماعت اسلامي قوم کي مافيا کان ڇوٽڪارو ڏياريندي.

You might also like