”ميڊم مايا“ سان لاڳاپا، اڪشي، روينا ۽ شلپا جي محبتن جو ماضي ۽ قصا!

بالي ووڊ اداڪار اڪشي ڪمار ۽ ريکا ماضي ۾ فلمي پردي جي مشهور جوڙي رهيا آهن، ٻنهي جي فلم ’کلاڙيون ڪا کلاڙي‘ ۾ اداڪاري ۽ جوڙي کي شوقينن پسند ڪيو، تنهن هوندي به ان دوران ٻنهي وچ ۾ مبينا ويجهن لاڳاپن جون خبرون به سامهون آيون هيون.

رپورٽن موجب، ريکا ان وقت اڪشي ڪمار سان ويجهڙائپ وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن هو روينا ٽنڊن سان مڱڻي ڪري چڪو هو. روينا ٽنڊن به ريکا جي اڪشي ۾ دلچسپي کان واقف هئي ۽ هن ان معاملي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو.

هڪ انٽرويو ۾ روينا ٽنڊن کان اڪشي ڪمار ۽ ريکا جي مبينا لاڳاپن بابت سوال ڪيو ويو ته هن افواهن کي رد ڪندي چيو ته اڪشي رڳو فلم خاطر ريکا کي برداشت ڪيو ۽ سندس طرفان ريکا لاءِ ڪا به رومانوي دلچسپي نه هئي.

روينا موجب، هوءَ ان معاملي ۾ ان وقت تائين مداخلت نه ڪندي هئي، جيستائين صورتحال قابو ۾ هئي، پر جڏهن ريکا اڪشي لاءِ گهر جو ٺهيل کاڌو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس لڳو ته معاملو حد کان اڳتي وڌي رهيو آهي.

روينا ٽنڊن چيو ته مون کي نٿو لڳي ته اڪشي جو ريکا سان ڪڏهن ڪو لاڳاپو رهيو، پر هو ته ريکا کان پري ڀڄندو هو. اڪشي فلم خاطر ريکا کي برداشت ڪيو، پر جڏهن ريکا سندس لاءِ گهر مان کاڌي جا دٻا آڻڻ چاهيا ته مون مداخلت ڪئي.

هڪ ٻئي انٽرويو ۾ روينا چيو ته مون کي اڪشي تي ڀروسو هو ۽ هو اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ ڄاڻندو هو.

واضح رهي ته روينا ۽ اڪشي جي مڱڻي باوجود سندن لاڳاپو شاديءَ تائين نه پهچي سگهيو. انکانپوءِ اڪشي ڪمار تي روينا ٽنڊن ۽ شلپا شيٽي سان هڪ ئي وقت لاڳاپا رکڻ جا الزام به لڳا، جنهن کانپوءِ ٽئي پنهنجي پنهنجي زندگيءَ ۾ اڳتي وڌي ويا.

You might also like