ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي وومين ڪرڪيٽ ٽيم ورلڊ ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ آسٽريليا کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.
ٻئي سيمي فائنل ۾ آسٽريليا طرفان مليل هدف ڀارتي ٽيم 48.3 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي ماڻي ورتو.
ڀارت طرفان جيميما 127 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي، جڏهن ته ڪپتان هرمن پريت ڪور 89 رنسون ٺاهيون.
ان کان اڳ آسٽريلوي ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي 49.5 اوورن ۾ 338 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.
آسٽريليا طرفان فوبي لچفيلڊ 119 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته ايشلي ڪيٿرين گارڊنر 63 رنسون ٺاهيون هيون.
وومينز ورلڊ ڪپ جو فائنل 2 نومبر آچر تي ڀارت ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ کيڏيو ويندو.
You might also like