ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل سنڌين نيشنل ڪانگريس اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي آرگنائيزر غني امان چانڊيو جي بازيابي لاءِ سندس ڪٽب، مائٽن، وڪيلن، شاگردن ۽ قومپرست ارڪنن جو قومي شاهراهه نسيم نگر باءِ پاس وٽ لڳل ڌرڻو ٻئي ڏينهن ايس ايس پي حيدرآباد ڳالهين ذريعي ختم ڪرائي ڇڏيو، 36 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين لڳل ڌرڻي سبب قومي شاهراهه تي ٽريفڪ معطل رهي، گاڏين جون وڏيون قطارون لڳي ويون. احتجاجي ڌرڻي ۾ وڪيلن، سول سوسائٽي اڳواڻن قومپرست پارٽين جي ڪارڪنن جو وڏي انگ ۾ شريڪ هو، ڌرڻي ۾ غني امان چانڊيو سميت سنڌ جي کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي بازيابي جي لاءِ سخت نعريبازي ٿيندي رهي. يڪجهتي طور ڌرڻي ۾ شهري به شامل ٿيندا رهيا. ان موقعي تي کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ غني امان چانڊيو جي پيء امان الله چانڊيو، ايڊوڪيٽ محب آزاد، جسقم شهيد بشير خان جي اڳواڻ پنهل ساريو، ناميارو وڪيل سجاد چانڊيو، ايڊووڪيٽ اندرجيت لوهاڻو، ايڊوڪيٽ اياز تنيو، ايڊووڪيٽ مير احمد مڱريو، جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻ سورهيه سنڌي، ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ روشن علي ٻرڙو، قومي راڳي وقار، ڪبير ڀيل ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته پنهنجي نئين ڄاول معصوم نياڻي جو علاج ڪرائڻ دوران پرامن سياسي ڪارڪن غني امان چانڊيو کي وردي ۽ سادا ڪپڙا پهريل اهلڪارن پاران کنڀي گم ڪرڻ وڏي ناانصافي ۽ ظلم آهي، اهڙي ڏاڍ ۽ جبر کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نٿو ڪري سگهجي. ظلم ۽ بربيت جو ماحول پيدا ڪري پرامن سياسي ڪارڪنن کي خاموش ڪرڻ جي هر ڪوشش ۽ حربو ناڪام ٿيندو. هنن چيو ته غني امان جو ڏوهه صرف اهو آهي ته هو سنڌ جي قومي حقن، جاگرافي ۽ وسيلن جي مالڪي لاءِ جدوجهد ڪري رهيو هو. هنن چيو ته وڏي عرصي کان سنڌ جي پرامن سياسي ڪارڪنن کي سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد کان پري رکڻ جي لاءِ سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، ڪيترن ئي قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جا چچريل لاش مليا آهن، سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزي آهي، انساني حقن جون تنظيمون ۽ ادارا ان جو نوٽيس وٺن. هنن چيو ته غني امان چانڊيو سميت ڪيترائي قومي ڪارڪن بنا ڪنهن ڏوهه جي کنڀي گم ڪيا ويا آهن، جيڪڏهن ڪو به قومپرست سياسي ڪارڪن ڏوهي آهي ته ان کي هن ملڪ جي قانون موجب عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي، ان موقعي تي غني امان چانڊيو جي والد امان الله چانڊيو چيو ته ايس ايس پي حيدرآباد ۽ ٻين عملدارن غني امان چانڊيو جي واپسي جي خاطري ڪرائي آهي، پر جيڪڏهن غني امان کي آزاد نه ڪيو ويو ته ٻيهر احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ويندو، ٻئي پاسي جسقم ۽ جساف ٺٽي پاران غني امان چانڊيو، سرمد ميراڻي، ڏاڏا جکراڻي ۽ ٻين کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ پريس ڪلب ٺٽو اڳيان سيد اياز شاھ جيلاني، مسرور الله خشڪ، دلدار ھالو، اسد خشڪ، زين بروھي، صداقت خشڪ، ارباز بلوچ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ھالاڻي ۾ جسقم پاران سنڌين اڳواڻ غني امان ۽ قومپرست ڪارڪن سرمد ميراڻي جي آزادي لاءِ سلطان گھانڱھرو، مقصود سھتو، جميل رضا، عمران گھانگھرو، نجف چانگ، دانيال ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ غوثپور ۾ جساف جي عبدالله اوڳاھي ايس يو پي جي صفي الله لاشاري عبدالرزاق اوڳاهي جي اڳواڻي ۾ ميرو خان ۾ جسقم جي محمد حسن جتوئي ڪوٽ غلام محمد ۾ قومي ڪارڪنن جي جبري گمشدگين خلاف سنڌ شاگرد سڀا مرڪز جي سڏ تي اياز ڪالرو، زاھد خاصخيلي، ايڊوڪيٽ کيمچند لوھاڻو جسقم بشير خان جي جميل ڌونڪائي ، پورھيت مزاحمتي اڳواڻ علي حسن کوسو جي اڳواڻي ۾ جاتي ۾ سنڌين نيشنل ڪانگريس جي علي اڪبر هنڱورجو، سيد علي وارث شاھ ۽ سماجي اڳواڻن ذوالفقار علي ترڪ، عبدالرزاق ٿهيم جي اڳواڻي ۾ موري ۾ جيئي سنڌ محاذ ڊويزنل اڳواڻ ابرار مورائي تعلقا اڳواڻ دانش ميمڻ، طٰحيٰ ڍلو، مور ملاح، ايڊووڪيٽ گلزار احمد عالماڻي، نياز سنگراسي، غلام حسين مبيجو، ڪامريڊ فري جي، ممتاز علي ميمڻ راجا دونگھ ڪيف محمد سنڌي حسنين ڀٽي سني ديوان ڪشور باغي گلزار لنڊ جي اڳواڻي ۾ شهدادپور ۾ سجاد سنڌي اويس ٽالپر ڪامريڊ وقار لغاري جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ٽنڊو محمد خان ۾ سول سوسائٽي جي ايڊووڪيٽ علي شير جانوري ، قومپرست اڳواڻ سليم هاليپوٽو، زوهيب جمالي عنايت ڪنڀار، دودو هاليپوٽو ۽ ٻين چيو ته سنڌ مان قومپرست شاگرد اڳواڻن کي بنا ڪنهن جواز کنڀي کڻي گم ڪري کين تشدد جو نشانو بڻايو وڃي پيو، هوڏانهن سکر عوامي اتحاد پاران ايڊووڪيٽ آغا صورت علي خان، الطاف شاه، شاهنواز صديقي، سرتاج حيدر شر، سرفراز شيخ، نجيبُ الله ڦلپوٽو، شاهزيب وسير، توحيد نظير ميراني، علي رضا شيخ ۽ ثناءُ الله مهر جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن چيو ته سنڌ جي بي گناھ شاگردن ۽ ڪارڪنن کي زبردستي کنڀي گم ڪرڻ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي، ڪنڊيارو ۾ سنڌين نيشنل ڪانگريس يونٽ پاران مرڪزي سڏ تي شاگرد تنظيم اڳواڻ غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي جي آزادي لاء شيراز آڳرو، عذير گهانگهرو، امين گهانگهرو ۽ ذوالفقار ميربحر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي قومي شاهراه تي احتجاجي مظاهري بعد ڌرڻوهنيو ويو۔ڌرڻي سبب ڪيترائي ڪلاڪ ٽريفڪ معطل رهي، دادو ۾ شاگرد اتحاد جي سڏ تي ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل يونيورسٽي جي شاگرد نوجوان غني امان چانڊيو جي بازيابي لاء شاگردن هٿن ۾ غني امان چانڊيو جون تصويرون کڻي دادو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهري جي اڳواڻي حسين ڀنڊ، فراز لغاري، شمن سنڌي، سرفراز لغاري، علي رضا چارڻ ۽ ٻين ڪئي
 
			