ڪراچي( پ ر) جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته جبري گمشدگيون ظلم ۽ بربريت نالو آهي جنھن سنڌ ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ پيدا ڪيو آهي، هڪ بيان ۾ هن چيو ته 26هين ترميم کانپوءِ اعلي عدالتون انصاف کان خالي ٿي ويون آهن هن چيو ته قوم پرست تحريڪ ۽ انهن سان لاڳاپيل ماڻهو انصاف جي حاصلات ۽ قومي وقار لاءِ جدوجهد ڪن ٿا سنڌ ۾ حقيقي ترقي ۽ خوشحالي ڏني وڃي ان لاءِ اها جدوجهد جاري رهندي مطالبو ٿا ڪريون ته کنڀي گم ڪيل صوبدار چانڊيو پرويز چانڊيو غني امان چانڊيو سرمد ميراڻي کان وٺي جيڪي کنڀي گم ڪيل ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي
 
			