حيدرآباد (رپورٽر) سنڌياڻي تحريڪ 16 نومبر تي حيدرآباد ۾ رٿيل سنڌ جو وجود ۽ وسيلا بچايو مارچ لاءِ سموري سنڌ ۾ عوامي سجاڳي مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. مرڪزي صدر عمرا سمون، جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر ماروي سنڌو ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته هزارين سنڌياڻيون سٽي گيٽ کان پريس ڪلب تائين مارچ ڪنديون. هنن چيو ته 27هين آئيني ترميم وسيلي وفاق کي نوان صوبا ٺاهڻ جو اختيار ڏنو پيو وڃي، 27هين ترميم ون يونٽ کان وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿيندي. هنن چيو ته سنڌي قوم پنهنجي ڌرتي جو ورهاڱو برداشت نه ڪندي، 27هين ترميم ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ سميت سمورن سنڌ دشمن منصوبن خلاف جدوجهد ڪئي ويندي. تنظيم ضلعي دورن جو تفصيلي شيڊول جاري ڪيو؛ پهرين ۽ ٻي نومبر تي بدين ۽ نوشهري فيروز، 31 آڪٽوبر ۽ نومبر جي شروعات ۾ ميرپورخاص، ۽ 2 کان 9 نومبر تائين حيدرآباد جي ڳوٺن ۽ ڪالونين جو دورو ڪيو ويندو. تنهن کانپوءِ سکر، لاڙڪاڻي، دادو، ٺٽي، سجاول، ڪراچي ۽ ٻيا ضلعا به شامل ٿيندا.
 
			