ڪراچي (رپورٽر: عرفان بلوچ)شاگرد اڳواڻ ڪامريڊ غني امان چانڊيو جي گمشدگي خلاف ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران لڳل احتجاجي ڪئمپ ٽئين ڏينهن به جاري رهي، جتي مختلف سياسي، سماجي ۽ انساني حقن جي تنظيمن جا اڳواڻ، ڪارڪن، شاگرد ۽ عورتون وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندي ڪامريڊ غني امان جي فوري بازيابي جو مطالبو ڪيو.احتجاجي ڪئمپ تي بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي اڳواڻ سمي دين بلوچ، سورٺ لوهار، سنڌو امان، وڪيل رحمان ڪورائي، الاهي بخش بڪڪ سميت مختلف تنظيمن جا اڳواڻ ۽ انساني حقن جا ڪارڪن پهتا. شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي “غني امان کي آزاد ڪيو”، “شاگردن جي آواز کي بند نه ڪيو” جا نعرا هنيا.ان موقعي تي ڳالهائيندي سميع دين بلوچ چيو ته بلوچستان ۾ گذريل ڪيترن سالن دوران هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو جبري طور تي گم ڪيا ويا آهن ۽ هاڻي اهو سلسلو سنڌ تائين وڌي آيو آهي. هن چيو ته سنڌ جي شاگرد اڳواڻ ڪامريڊ غني امان چانڊيو کي به جبري طور کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جيڪو افسوسناڪ ۽ ناقابلِ برداشت عمل آهي.سمي دين بلوچ وڌيڪ چيو ته اسان سنڌ جي ماڻهن سان گڏجي هي آواز بلند ڪنداسين ۽ جيستائين غني امان کي آزاد نه ڪيو ويندو، احتجاج جاري رهندو.سورٺ لوهار، سنڌو امان ۽ رحمان ڪورائي پڻ ڳالهائيندي چيو ته سنڌ مان شاگرد اڳواڻن ۽ سياسي ڪارڪنن کي گم ڪرڻ جا واقعا وڌي رهيا آهن، جيڪا انساني حقن جي کليل ڀڃڪڙي آهي.غني امان چانڊيو جي ڀيڻ سنڌو امان جو چوڻ آهي ته رينجرز ۽ سادن ڪپڙن ۾ ملبوس اهلڪارن اسان جي ڀاءُ کي اسپتال مان کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، ٽي ڏينهن گذري ويا آهن پر اڃا تائين ڪا به معلومات نٿي ڏني وڃي، سندس چوڻ هو ته اسان کي فقط انصاف ۽ ڀاءُ جي بازيابي گهرجي.اڳواڻن چيو ته جيستائين غني امان چانڊيو کي بازياب نه ڪيو ويندو، احتجاجي ڪئمپ جاري رهندي. انهن سنڌ حڪومت، هوم ڊپارٽمينٽ ۽ وفاقي ادارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور شاگرد اڳواڻ کي ظاهر ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن کيس ڪنهن قانوني ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي ته ان بابت عدالت کي آگاهه ڪيو وڃي.ٻئي پاسي عوامي راڄ تحريڪ جي اڳواڻي ۾ هڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي خليل شاهه، اياز قمي ۽ وحيد ابڙو ڪئي. ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته غني امان جهڙا شاگرد اڳواڻ سماج جو شعور آهن، انهن کي غائب ڪرڻ سان فڪر ۽ سوچ کي دٻائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. اڳواڻن چيو ته سنڌ اندر ڪيترائي سياسي ڪارڪن ۽ شاگرد اڳواڻ گم ڪيا ويا آهن، پر اڃا تائين ڪنهن کي انصاف نه مليو آهي.
 
			