ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ٺٽو ۾ يوٿ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو تہ اياز لطيف پليجي چيو تہ دنيا جي جن علائقن ۾ سامونڊي پٽي ۽ درياء ھوندا آھن اتان جو عوام خوشحال ھوندو آھي پر افسوس ٺٽي ضلعي وٽ سمنڊ، درياھ، انيڪ قدرتي وسيلا ھجڻ باوجود ھتان جو عوام بک، بدحالي، بيروزگاري ۽ عذاب واري زندگي گذاري رهيا آهن، هن چيو تہ تڪليفن، چيلينجن ۽ خطرن کي منھن ڏئي، جستجو ۽ جدوجھد ڪندا رھو، سرڪاري نوڪرين تي پنھنجي حق ۽ ميرٽ لاءِ بہ لڙندا رھو، قومي حقن، وطن ۽ وسيلن لاءِ بہ سياسي ميدان ۾ رھو، پرائيويٽ، اين جي او، ميڊيا ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽر ۾ نوڪرين لاءِ بہ ڪوششون ڪيو، پروفيشنل ڊاڪٽر، وڪيل، ٽيچر ۽ انجنيئر بہ ٿيو، پرڏيھي اسڪالرشپس ۽ نوڪريون بہ ڳوليو. هن چيو تہ پبلڪ سروس ڪميشن کي ڪمائي جو ذريعو بنائي ميرٽ کي قتل ڪيو ويو آھي. ادو ۽ ادي ڪروڙين روپيا ايڊوانس وٺي پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي نوڪريون وڪرو ڪري رھيا آھن. سنڌ کي علم، ادب، سائنس جي ضرورت آھي. جھالت جون ڳالھيون ڪندڙ سنڌ کي اونداھي ۽ بربادي ۾ ڏسڻ چاھين ٿا. سنڌ جي لکين عورتن کي انڪم سپورٽ جي نالي ۾ پنايو پيو وڃي، اسان کي سڀني انسانن سان پيار آھي پر اسان کي پنھنجي وطن سان سڀني کان وڌيڪ پيار آھي. سنڌ اسان جي آھي. سنڌ جي وحدت کي تڪراري بنائڻ وارين ڳالھين کي رد ڪريون ٿا. هن چيوته سرڪاري تعليمي ادارن ۾ تعليم جي حالت خراب ھجڻ ڪري پرائيويٽ تعليمي ادارا وڌي ويا آھن، جتي حڪمران طبقي، سردارن، ميرن، جاگيردارن، آفيسرن ۽ وڏن ماڻھن جا ٻار پڙھن ٿا، باقي جن وٽ پئسا ناھن انھن جا ٻار معياري تعليم کان محروم آھن، جديد علم ۽ ٽيڪنالاجي کان سواءِ اڳيان نہ ٿو وڌي سگهجي استادن ۽ ڊاڪٽرن کي جديد تحقيق ڏانهن ڌيان ڏيڻو پوندو، هن چيو ته سنڌ جي تعليم، صحت ۽ گورننس تباھ ٿي چڪي آهي نوجوان ملڪ ۾ ڪرپشن ۽ جهالت جو رستو روڪين، سڄي سنڌ منشيات ۽ ڏوھن جو ڳڙھ بڻجي وئي آھي، ھن چيو تہ پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ غير قانوني افغانين خلاف آپريشن نظر اچي ٿو، لکين افغاني واپس ٿي چڪا آھن ۽ سنڌ ۾ اڃا تائين پنج سئو افغاني بہ گرفتار ناھن ڪيا ويا. سنڌ ۾ آپريشن جي نالي ۾ ڊرامو ڪيو پيو وڃي. افغاني، برمي، بنگالي، بھاري ۽ ٻين غير قانوني پرڏيھين کي فوري طور تي واپس پنھنجن ملڪن ڏانھن موڪليو وڃي، هن چيو ته پنجاب ۽ خيبر پختونخواھ جي حڪومتن ۾ انتظامي ۽ ترقياتي منصوبن جو مقابلو آھي ۽ سنڌ ۾ ڪرپشن، ڏوھن، اغوائن، ڦرن ۽ ماڻھن کي فقير بنائڻ جو مقابلو ھلي رھيو آھي. ھن چيو تہ پيپلز پارٽي جي 18 سالن جي حڪمراني سنڌ جي سمورن ادارن جي کوکلو ڪري ڇڏيو آھي، ڪرپشن جا نوان نوان طريقا ايجاد ڪري سنڌ کي تباھ ڪيو ويو آهي.
 
			