هر سوچيندڙ ھڪ خيالي دنيا ٺاهي رکي ھوندي آهي، اڪثر پنهنجي خيالي دنيا ۾ ايترو ته مگن ۽ خوش رھن ٿا ان دنيا کان ٻاهر جي حقيقي دنيا ۾ ڏسندا بھ نھ آھن.ايئن اھي انڌي کوھ ۾ قيد ھئڻ باوجود سمجھن ٿا تھ اھا ئي حقيقي دنيا آهي، ڇاڪاڻ ته حقيقي دنيا جون حقيقتون تلخ ھوندين آهن، جيڪي نظرين تي چوٽ لڳائين ٿيون. خيالن کي جھنجھوڙين ٿيون، دل ۽ دماغ کي تڪليف ڏين ٿيون ۽ جيڪو ڪجھھ توهان سڄي عمر سوچي ڪري پنهنجي ذهن ۾ پختو ڪري رکيو آھي، ان کي غلط قرار ڏين ٿيون. ان ڪري اسين حقيقي دنيا کان نظرون ُچرائي، پنهنجي سڪون جي دنيا ۾ رهڻ چاهيون ٿا.
ياد رکو تھ ھر ترقي نھ ڪندڙ قوم جو اھو ئي شيوو رھيو آھي تھ اھا پنھنجي تصوراتي دنيا ۾ بند رھي ٿي ان تصوراتي دنيا ۾ تازي ھوا بھ ٻاھران اندر اچي تھ ان کي نھ وڻندي آھي . برٽريينڊ رسل ۽ اڄ جي فلسفين ۽ سائنسدانن مسلمانن ۽ عيسائين جي جنھن دور کي ”اونداهو دور“ قرار ڏنو ھو، سو اھو ئي زمانو ھو جنھن ۾ تازو فڪر ۽ نوان خيال پيش ڪندڙ کي باغي يا ڪافر قرارا ڏئي ڪري ان کي يا ته حڪومت سزا ڏيندي هئي يا وري چرچ يا مفتي ھن خلاف فتويٰ جاري ڪري ڇڏيندا ھئا جي نھ تھ انڌي کوھ ۾ رھندڙ سماج ھن مٿان پٿر وسائيندو ھو.
گليلو کي عيسائي دنيا جي مذهبي انتهاپسندي کي منهن ڏيڻو پيو، تھ ابن رشد کي اسلامي دنيا جي انتهاپسندي کي راس نھ آئي. اهو سلسلو رڳو مذهب، سائنس يا سماجي روين تائين محدود نھ آھي، ان جو اثر سياست تي به پوندو آهي، اڄ جي تضادستان جي سياست پڻ ٻن دنيائن ۾ ورھايل آھي، ڪو بھ تصوراتي دنيا کان حقيقي دنيا ۾ اچڻ نٿو چاھي.
تحريڪ انصاف ھجي يا نون ليگ هجي، پيپلز پارٽي هجي يا مولانا فضل الرحمان جي پارٽي، اهي سڀ پنهنجي پنهنجي خيالي دنيا ۾ قيد آهن ۽ ٻيا تھ ٺھيو پر مقتدرا ۽ نون ليگ، جيڪي هاڻوڪي هائبرڊ حڪومت جا اتحادي آهن ۽ هٿ ۾ هٿ ڏئي اڳتي وڌي رهيا آهن، انهن ۾ بھ اتفاق راءِ کان علاوه ڪيترائي اختلاف موجود آهن. اھو ئي سبب آهي ته ٻنهي جي تصوراتي دنيا جدا جدا آهي. آءِ ايم ايف جي پيڪيج ملڻ کانپوءِ بقول شخصي حڪومت کي ساهه کڻڻ جو موقعو ملي ويو آهي، حڪومتي نظام هلي پيو آهي پر ترقياتي خرچن لاءِ اڃان پڻ ڪي پئسا ناهن، ان ڪري حڪومت نه ته ڪو وڏو رليف ڏئي سگهي ٿي ۽ نه ئي اسيمبلي ميمبرن کي ڪا بجيٽ ڏئي خوش ڪري سگهي ٿي. ٻئي طرف شهباز حڪومت کان اڃا تائين ٻه شڪايتون گردش ۾ آهن، پهرين شڪايت اها آهي ته ڊليوري نه ٿي رهي آهي ۽ ٻي اها آهي ته شهباز حڪومت نه سياست ڪري ٿي ۽ نه ئي سياست تي ڳالھائي ٿي ۽ نھ ئي ان جي سياسي حمايت سان مقتدرا کي ڪا مدد ملي رهي آهي. وفاقي وزير هر وڏي فيصلي ۾ رڪاوٽون وجهڻ جو ذڪر ڪري دليوري نھ ڪرڻ جو جواز پيش ڪري ٿا ڇڏين.وزيراعظم جي هڪ ساٿي بيوروڪريسي جي پيچيدگين کي ديليور نھ ٿيڻ جو اصل سبب قرار ڏنو.ظاھري طور انھن ٻنھي خرابين جي ختم ٿيڻ جو ڪو تڪڙو امڪان بھ ڪو نھ آھي.ٻئي پاسي مقتدرا وٽ شھبازسريف کان بھتر في الحال ڪا چوائس بھ نھ آھي، ان ڪري ھي نظام اھري طرح ئي ھلندو.نظام جي چوڪڙين ڀرڻ جو پڻ ڪو پري پري تائين ڪو امڪان نھ آھي.ڪڇون جي رفتار کان ٿورو وڌيڪ بس .حڪومت پنهنجي طاقت کان وڌيڪ پٽي تي رکيل بار کڻندي ڪميءَ جي رفتار سان ھلندي رھندي. ادارن جي نظام ۾ ھڪ وڏي تبديلي کانپوءِ. پنجاب حڪومت کي جيڪو فري هينڊ حاصل هو، هاڻي ان جي سخت نگراني شروع ٿي ويندي، اڳ پنجاب ڪيترن ئي ادارن ۽ ماڻهن جي دائري کان ٻاهر هو، هاڻي ائين نه رھندو.
ٻئي طرف مخالف ڌر جي سڀ کان وڏي جماعت تحريڪ انصاف به پنهنجي خيالي دنيا ۾ قيد آهي، ان کي حقيقي دنيا ۾ آيل تبديلين جو ڪو نھ ادراڪ آھي ۽ نه ئي وري اھا ڪوشش ڪري رھي آھي تھ انھن تبديلين کي ڄاڻي ڪري پنھنجي پاليسين ۾ ان موجب تبديليون آڻي.تحريڪ انصاف جي قيادت جا اندازا مسلسل غلط ثابت ٿي رھيا آھن.نھ فوج جي اندر بغاوت ٿي آھي نھ ئي وري عدليھ عمران خان جي ازادي جي لاءِ ڪي نوان قدم کنيا آھن ۽ نھ وري عوام جو اھڙو جٿو نڪتو آھي جيڪو حڪومت ۽ مقتدرا کي جھڪائي وجھي، نھ ئي حڪومت سان عدم تعاون جي اپيلن ڪو ڪم ڪيو آھي.جي نھ تھ ٻاھر نڪري ڪري احتجاج ڪرڻ ڪو ايترو اثرائتو ٿيو جو حالتون بدلجي وڃن.نھ ئي پارليامينٽ جي اندر موجود ڀاري اڪثريت جي موجودگيءَ حڪومت ۽ مقتدرا کي ڳالھين تي آمادھ ڪري سگھي آھي.نھ ئي ان جي ڪري عمران خان کي ڪا ھڪڙي بھ رعايت ملي آھي.
اوورسيز پاڪستانين جي ڀرپور حمايت جي باوجود دنيا جي ڪنهن به ملڪ جي گادي واري ھنڌ اڃا تائين مقتدره يا اسلام آباد تي ايترو دٻاءُ نه وڌو بھ ناھي وڌو، هو ڪنھن پرڏيهي سفارتڪار سان ملاقات ڪري سگهي، ياد رکو ته جڏهن نوازشريف قيد ٿيو ھو تھ برطانيه دٻاءَ وجھي ڪري جنرل پرويز مشرف کي مجبور ڪيو ھو تھ ايم پي چوڌري سرورکي نوازشريف سان ملاقات ڪرائي وڃي ۽ اهڙيءَ طرح اها ملاقات ممڪن ٿي سگهي ھئي، ھن وقت تائين تحريڪ انصاف جي حق ۾ چند عدالتي فيصلن کانسواءِ ڪو معجزو نه ٿيو آهي ۽ جيڪڏهن آئيني ترميم منظور ٿي وڃي ٿي ته تحريڪ انصاف جون عدالتي چيمبرز مان اميدون بھ ٽٽي وينديون. تحريڪ انصاف پنهنجي خيالي دنيا مان نڪري حقيقتن جي دنيا ۾ ڇو نٿي اچي ؟ آءِ ايم ايف پيڪيج منظور ٿيڻ بعد تحريڪ انصاف جون اکيون کلي وڃڻ گھرجن تھ ڊگھي پرامن جدوجھد کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي. جيترو جلدي هو هن رستي تي ھلڻ شروع ڪندي، اوتروئي بهتر آھي.
اڄڪلهه مولانا جي سياست جو شور آھي، اندر جا حلقن چون ٿا تھ نمبر تھ پورا آھن مولانا جي مھر جي ضرورت آهي.ان ڪري جو ملڪي توڙي ٻاهرين ملڪن ۾ ان ترميم جي قبوليت بھتر طور تي ٿي سگھي.لڳي ٿو تھ مولانا کي بھ ڪنھن ھڪ يعني مقتدرا يا اپوزيشن ٻنھي مان ڪنھن ھڪ کي پنھنجو ڪرڻو پوندو، جيڪڏھن ھو اپوزيشن ڏانھن مڪمل طور جھڪي ٿو وڃي تھ مقتدرا جي الفت کان محروم ٿي ويندو ۽ جيڪڏهن مقتدرا ڏانھن نرمي ڏيکاري ٿو تھ تحريڪ انصاف هڪ ڀيرو ٻيهر هن جي مذمت ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندي، يعني ته ڪجهه ڏينهن ۾هن جي مرڪزي اهميت ھڪ نھ ھڪ طرف ٿي ويندي. بلاول ڀٽو فرنٽ فوٽ تي کيڏيندي آئيني عدالت جي وڪالت ڪري رھيو آھي،ڏسڻو ھي آھي ته سندس اها نئين سياسي جارحاڻي پاليسي پنجاب ھن جي لاءِ پنجاب ۾جاءِ ٺاهي سگهندي يا نه ؟
آخر ۾اڄ جي حقيقي دنيا تي نظر وجهون ٿا ته جنگ اسان جي دروازي تي دستڪ ڏئي رهي آهي، ايران، اسرائيل آمريڪا سان جنگ جو هڪ وڏو فريق آهي ۽ اسان جو پاڙيسري آهي، ٻئي پاڙيسري افغانستان ۾ به تيزيءَ سان تبديلين جا امڪان آهن، ھڪ پاسي طالبان نياڻين جي تعليم تي پابندي لڳائي رھيا آھن.ڏاڙھي جي حوالي سان قانون ٺاھيا ويا آھن.اھڙي ريت اتي مخالف ڌر گڏ ٿي رهي آهي، ھاڻي اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته ايران ۽ افغانستان ۾ جنگ لڳي ۽ پاڪستان ان کان لاتعلق رھي ؟ پر اسان اسان تائين ھن صورتحال ۽ حقيقي دنيا سان واقفيت جي لاءِ تيار نٿا لڳون.
مخالف ڌر جي سڀ کان وڏي جماعت تحريڪ انصاف به پنهنجي خيالي دنيا ۾ قيد آهي، ان کي حقيقي دنيا ۾ آيل تبديلين جو ڪو نھ ادراڪ آھي ۽ نه ئي وري اھا ڪوشش ڪري رھي آھي تھ انھن تبديلين کي ڄاڻي ڪري پنھنجي پاليسين ۾ ان موجب تبديليون آڻي.تحريڪ انصاف جي قيادت جا اندازا مسلسل غلط ثابت ٿي رھيا آھن.نھ فوج جي اندر بغاوت ٿي آھي نھ ئي وري عدليھ عمران خان جي ازادي جي لاءِ ڪي نوان قدم کنيا آھن ۽ نھ وري عوام جو اھڙو جٿو نڪتو آھي جيڪو حڪومت ۽ مقتدرا کي جھڪائي وجھي