ڊي جي آءِ ايس پي آر جي بيان کي رد ڪيون ٿا: پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ ٺهراءُ

پشاور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي قيادت هڪ ٺهراءَ ذريعي ڊي جي آءِ ايس پي آر جي بيان کي رد ڪيو آهي ته عمران خان يا سندس ساٿي ”قومي سلامتي لاءِ خطرو“ آهن.
پشاور ۾ پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ پيش ڪيل ٺهراءَ ۾ عمران خان جي آزادي ۽ ملاقاتن تي پابندي ختم ڪرڻ جو مطالبو به ڪيو ويو.
ٺهراءَ ۾ صوبي ۾ گورنر راڄ جي حوالي سان بيانن کي رد ڪندي چيو ويو ته گورنر راڄ جي نتيجي ۾ ٺهندڙ ڪا به حڪومت عوام جي نظر ۾ غير قانوني ۽ غير آئيني هوندي.
ٺهراءَ ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر جي تازي پريس ڪانفرنس ۾ لهجي ۽ رويي جي سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو.
ان کانسواءِ ٺهراءَ ۾ مطالبو ڪيو ويو ته افغانستان سان ٻه طرفن لاڳاپن ۽ واپار کي فوري طور بحال ڪيو وڃي ۽ تڪرار سفارتي انداز ذريعي حل ڪيا وڃن ته جيئن ٻه طرفا لاڳاپا ۽ معاشي حالتون بهتر ٿي سگهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.