ٽوڪيو جو بيجنگ تي جاپاني جهازن کي نشاني تي رکڻ جو الزام

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) جاپان دعويٰ ڪئي آهي ته چيني ويڙهاڪ جهازن اوڪيناوا ڀرسان جاپاني فوجي جهازن تي ريڊار لاڪ ڪيو.
جاپاني وزيراعظم سانائي ناڪائچي ان کي خطرناڪ عمل قرار ڏيندي چيو ته جاپان ان افسوسناڪ واقعي تي چين سان باضابطا طور احتجاج ڪيو آهي.
جاپان جي بچاءَ واري وزير شنجي روڪئزومي ٽوڪيو ۾ پنهنجي آسٽريلوي هم منصب رچرڊ مارلز سان ملاقات دوران چيو ته جاپان خطي جي امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ لاءِ چين جي رويي جو جواب ڏيندو.
هوڏانهن چيني بحريا جي ترجمان ڪرنل وانگ شوئمنگ چيو ته جاپاني جهاز هر هر چيني بحريا جي ڀرسان اچي ان جي سرگرمين ۾ رنڊڪ وجهي رهيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.