اسان کي ڪانوَ سان ناهي وڙهڻو پر اوچي اڏام ڪرڻي آهي: سهيل آفريدي

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته اسان کي ڪانوَ سان ناهي وڙهڻو پر اوچي اڏام ڪرڻي آهي، اسان کي ويڙهاند واري سياست ناهي ڪرڻي.
پشاور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي سهيل آفريدي چيو ته مون کي جيڪا عزت ملي اها عمران خان جي ڪري ملي، پشاور لاءِ 100 ارب رپين جي ترقياتي پيڪيج جو اعلان ڪيان ٿو، 100 بسترن جي اسپتال ۽ انڊر پاس ٺاهينداسين.
هن چيو ته ٻه سياسي مشڪرا وزير اچي عمران خان خلاف پريس ڪانفرنس ٿا ڪن، هڪ اداري جو ڊي جي پريس ڪانفرنس ڪري ٿو ۽ منهنجي خلاف غلط لفظ استعمال ڪري ٿو، مان قبيلائي آهيان ۽ پاڪستاني ادارن سان محبت ڪيان ٿو، اسان وطن لاءِ قربانيون ڏنيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.