ٽنڊو الهيار (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پ پ سڄي سنڌ ۾ ترقياتي ڪم ڪيا، دل جو علاج سڀ کان مهانگو آهي، جيڪو سڄي سنڌ ۾ مفت ڪيو پيو وڃي، اين آءِ سي وي ڊي کي جلد اپ گريڊ ڪيو ويندو.
ٽنڊي الهيار ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته هڪ مهيني ۾ ٽنڊي الهيار کان حيدرآباد تائين پيپلز بس سروس شروع ڪنداسين، اعليٰ قيادت جو حڪم آهي ته عوام جا مسئلا حل ڪيا وڃن.
هن چيو ته ٽول ٽيڪس جي شڪايت تي جلد عوام کي رليف ڏنو ويندو، حيدرآباد کان ميرپورخاص تائين تعمير ڪيل روڊ مثالي آهي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ جو مقابلو ڪنهن صوبي يا شهر سان نه پر دنيا سان آهي، ڪنهن سياسي جماعت کي چيلينج ڪرڻو آهي ته ڀلي ڪري.
ان موقعي تي شرجيل ميمڻ سنڌين کي ثقافتي ڏهاڙي جون مبارڪون پڻ ڏنيون.
Prev Post
You might also like