ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال بلاڪ ون ۾ هڪ گهر مان 3 عورتن جا لاش هٿ آيا آهن.
پوليس موجب شروعاتي طور لڳي ٿو ته گيس ليڪيج سبب ٽئي عورتون ساهه منجهڻ سبب فوت ٿيون.
ريسڪيو اداري جو چوڻ آهي ته گهر مان هڪ مرد به بيهوشي واري حالت ۾ هٿ آيو.
هوڏانهن گهرو وزير واقعي جي حوالي سان ايس ايس پي اوڀر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
You might also like