هونئن ته هر ڪنهن کي ڄاڻ آهي ته گڏيل قومن جو ادارو ساليانا عالمي ڏينهن ملهائيندو رهندو آهي پر اهو اعزاز سنڌي ميڊيا کي آهي (جنهن ۾ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا شامل آهي) جنهن ساليانو سنڌي ثقافت جو ڏينهن ملهائڻ جي روايت وڌي آهي. جيئن ته هر روايت جو ڪو پسمنظر هوندو آهي تيئن ئي سنڌي ثقافت جو ڏينهن ملهائڻ جو پڻ هڪ پس منظر آهي سو اهو آهي ته جڏهن آصف زرداري بحيثيت صدر مملڪت سنڌي ٽوپي پائي پرڏيهي ملڪن جو دوروس ڪري رهيو هو ته شاهد مسعود نالي هڪ اردو صحافيءَ ان تي اعتراض واريو هو ته ملڪي صدر کي اهڙو لباس نه پائڻ گهرجي جنهن سان سندس صوبائي سڃاڻپ ظاهر ٿئي پر اسان جو خيال آهي ته جڏهن صدر مملڪت، وزيراعظم يا اشرافيه طبقو يورپين لباس پهري ٿو ته ان تي اعتراض ناهي ڪيو ويندو. سو اهو اعتراض اصل ۾ تعصب جي بنياد تي ڪيو ويو هو، ٻيو ڪو سبب نه هو. بهرحال شاهد مسعود جي ان موقف تي سنڌي قوم فوري طور تي سنڌي ثقافت جو ڏينهن ملهائڻ ڪري انوکو ۽ فخر جوڳو احتجاج ريڪارڊ ڪيو هو ۽ اهو احتجاج جيئن ته ڊسمبر جي مهيني ۾ ٿيو هو ته پوءِ سڄي سنڌي ميڊيا هر سال ڊسمبر جي پهرين آچر تي سنڌي ثقافت جو ڏينهن ملهائڻ جي ريت وڌي جيڪا پوءِ اڄ تائين هر سال پابندي سان جاري رهندي ٿي اچي. اڳتي هلي اها راءِ قائم ٿي ته هر سال سنڌي ثقافت جو ڏينهن ملهائڻ سان گڏ ان کي هر سال ڪو نئون عنوان به ڏجي ته جيئن ان عنوان واري موضوع تي ڳالهائي، بحث ڪري ڪنهن اجتماعي نتيجي تي پهچجي.
ان سلسلي ۾ هن سال ڊسمبر جو پهريون آچر 7 ڊسمبر جي تاريخ تي آيو آهي ۽ عوامي آواز ميڊيا گروپ هن 2025 واري سال ثقافت جي ڏينهن کي جيڪو عنوان ڏنو آهي ۽ جنهن سري هيٺ ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي سو آهي ” عوامي آواز جو نعرو: ڪرپشن کان ڇوٽڪارو.“ اهو عنوان ان ڪري ڏنو ويو آهي جو ڪرپشن اڄ اسان جي ملڪ توڙي سماج اندر ڪينسر جهڙي مرض جي شڪل اختيار ڪري ويو آهي. ڪرپشن جيڪڏهن صرف چند ماڻهن ۾ هجي ته ايڏو مسئلو ناهي پر اها ڪرپشن جڏهن سڄي سماج ۾ ڦهلجي وڃـي، ماڻهن جي رويي ۾ اچي وڃي ته پوءِ يقينن ان تي اجتماعي طور تي سوچڻ ضروري ٿي پوندو آهي. ٻيو ته اهو به تمام وڏو هاڃو ٿيو آهي ته ان ڪرپشن کان هاڻي اسان جا حڪمران ۽ حڪومتون به بچيل ناهن. اڃان به ايئن چئجي ته سڀ کان گهڻي ڪرپشن حڪمران ۽ اشرافيه وارو طبقو ئي ڪري رهيو آهي. ملڪي تاريخ شاهد آهي ته اسان وٽ اڪثر حڪومتون ڪرپشن جي الزام ۾ ئي برطرف ٿينديون رهيون آهن ۽ حڪمرانن تي ڪرپشن جا ڪيس به ٺهندا رهيا آهن ۽ ان وگهي اهي عدالتن مان سزائون به ماڻيندا رهيا آهن، ا ن ڪري قومي احتساب بيورو به قائم ڪيو ويو. هاڻي به آءِ ايم ايف رپورٽ ڏني آهي ته طاقتور اشرافيه طبقي جي ڪرپشن ملڪ ۽ عوام جي ترقي ۾ رنڊڪ آهي.
سو ان مٿين پس منظر جي روشني ۾ عوامي آواز ميڊيا گروپ اها ضرورت محسوس ڪئي ته ان موقعي تي قومي ڊائلاگ ڪرائجي، سيمينار ۽ پروگرام ڪجن ۽ ان اشوءَ تي باقاعدي بحث مباحثو ڪيو وڃي. ايئن عوامي آواز ميڊيا گروپ پنهنجي نيٽ ورڪ ذريعي پهرين ڊسمبر کان نه رڳو ثقافت جو ساليانو ڏڻ ملهايو پر ان موقعي تي سيمينار، پروگرام ۽ ٽيبلوز پيش ڪري ڪرپشن جي موضوع تي نه رڳو کلي ڳالهايو پر ريفرنڊم ڏنو ته سڀني ملڪي مسئلن جو حل ”ڪرپشن کان ڇوٽڪارو“ آهي. ڪرپشن جيئن ته طبي ڪينسر ناهي، هڪ مجرماڻي رويي جو نالو آهي تنهن ڪري اهو لاعلاج ناهي سو ان کي سٺي سوچ، سٺي حڪومتي پاليسي سان قانوني طور تي ختم ڪري سگهجي ٿو، ضرورت صرف اوڏانهن ڌيان ڏيڻ جي آهي خاص ڪري اها وقت جي حڪومت جي پهرين ۽ آخري ذميواري آهي ته اها ملڪ ۽ عوام کي ڪرپشن کان ڇوٽڪارو ڏياري جنهن جو آواز عوامي آواز هميشه کان آواز اٿاريو آهي ۽ اٿاريندي رهندي. ۽ هن سال ثقافت جي ڏينهن تي ته ان باقاعدي هڪ سلوگن ڏنو آهي ته ”ڪرپشن کان ڇوٽڪارو“ گهرجي. اميد ته ان آواز اٿارڻ جو فائدو ٿيندو ۽ عوام ان جو نه رڳو نوٽيس وٺندو پر حڪمرانن ۽ حڪومتن تي دٻاءُ به وجهندو ته ملڪ کي ڪرپشن کان ڇوٽڪارو ڏياريو.
جيستائين ثقافت جي ڏينهن جي اهميت جو معاملو آهي ته نه رڳو سنڌي قوم لاءِ ثقافت جو معاملو جذباتي رهيو آهي پر اردو ۽ انگريزي ميڊيا سان تعلق رکندڙ صحافين جهڙوڪ حامد مير، مظهر عباس، عاصمه شيرازي وغيره جو اهو چوڻ هوندو آهي ته ڌرتي ۽ عوام سان جيڏو ڪمٽيڊ سنڌي پريس آهي ايڏي وابستگي ٻي ڪنهن ٻولي جي ميڊيا جي ناهي. اها واقعي به فخر جوڳي حقيقت آهي جنهن جو اظهار سنڌي ميڊيا هر سال پنهنجي طرفان ملهايل ثقافت جي ڏينهن تي پڻ ڪندي آهي پر اها به حقيقت آهي ته سنڌي ميڊيا کان اڳ به سنڌ جون سياسي ۽ ادبي جماعتون ثقافت جا ۽ ڀٽائي جا ڏينهن ملهائينديون آيون هيون. اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ثقافت جا ڏينهن ملهايا ويندا هيا پر جيڪا هٿي سنڌي ميڊيا طرفان ثقافت جي ڏينهن کي ملهائڻ ڪري سنڌي ثقافت کي ملي آهي سا ريڪارڊ آهي. هڪ دور ته اهڙو به آيو هو جو سنڌي ثقافت ۽ سنڌي ثقافت جون صنعتون تشويش ناڪ حد تائين ختم ٿيڻ لڳيون هيون پر سنڌي ميڊيا ان ثقافتي ڏينهن کي ملهائي سنڌي ثقافت ۽ سنڌي ثقافتي صنعتن ۾ نئون ساهه وجهي ڇڏيو آهي نئون جياپو ڏئي ڇڏيو آهي گڏوگڏ ثقافت جو ڏينهن ملهائڻ ڪري سنڌي ثقافت کي عالمي سطح تي پڻ پذيرائي ملي آهي. اڄ نه رڳو سنڌي قوم جو نئون نسل سنڌي ثقافتي لباس پائڻ تي فخر ڪري رهيو آهي پر هاڻي يورپي ملڪن ۾ به اتان جا ماڻهو سنڌي ثقافتي لباس پائي جهومي نچي ان تي فخر ڪن ٿا. اهو آهي هر سال سنڌي ميڊيا طرفان ثقافت جو ڏينهن ملهائڻ جو فائدو.