ثقافتي ڏھاڙو: وقت جي تقاضا ۽ ڪجهه تجويزون

ذلفي چاچڙ

ھر سال جيان ھيل به 7 ڊسمبر تي ثقافتي ڏھاڙو ملھائڻ جو اعلان ٿيندي ئي سموري سنڌ ۾ ثقافتي سرگرميون شروع ٿي چڪيون هيون، اسڪول، پريس ڪلب، درگاھن ۽ اوطاقن تي ميلا متل نظر اچڻ لڳا آھن، سنڌ جي تاريخ ۾ ثقافتي ڏھاڙو ان لاءِ به خاص اھميت جو حامل آھي، جو ان ڏينھن منتشر ۽ پيڙھيل پوري سنڌي قوم پاڻ ۾ بنا ڪنھن تفريق جي پنھنجي ثقافتي ۽ روايتي ويس ۾ گڏ ٿئي ٿي، يقينن سنڌي قوم جو ايئن پاڻ ۾ گڏجڻ انھن بدخواه تعصبي قوتن کي سٺو نه لڳندو ھوندو، جن جا ارادا خطرناڪ ۽ سندن نيتون بد آھن، جيڪي سنڌين جا نه صرف وسيلا، وطن ۽ شھر ڦٻائڻ چاھين ٿا، پر سنڌي ماڻھن جي پنھنجي ئي شھرن ۾ مزدوري ۽ روزگار ڪرڻ لاءِ اچڻ تي پڻ ارھا آھن ۽ کين تعصبي نظرن سان  ڏسندا آھن،

سنڌي قوم کي ويڙھائي ۽ ورھائي رکڻ جون حرفت بازيون وڏي ھٿ جي صفائي، حڪمت عملي ۽ دانشمندي سان ڪيون وڃن ٿيون، جو انھن چالاڪين جو شڪار ٿيندڙ ڪنھن به سنڌي کي ان ڳالهه جو ذرو به احساس ناھي ٿيندو ته ھو ڪنھن معاملي ۾ پنھنجي قوم جي خلاف استعمال ٿي رھيو آھي، مثال طور جڏھن ڪو شخص نه ته خود ڪنھن سياسي سرگرمين ۾ شامل ٿئي ٿو، ۽ نه ئي پنھنجي ڪنھن مٽ مائٽ ۽ واسطيدار جي سياست ۾ شرڪت کي قبول ڪري ٿو، ھو مختلف ھٿ ٺوڪيون ۽ ٻڌل سڌل ڳالھين قصن ۽ ڪھاڻين ۾  ڪجهه وڌاءُ ڪري نوجوانن کي خوفزده ڪندو آھي ۽ کين سياست کان پري رھڻ جي تقلين ڪندو رھندو آھي، پر اھو ئي ساڳيو شخص برادري اتحاد يا ڪنھن مذھبي ۽ پيراڻي تنظيم جو عھديدار خوشي سان بڻجڻ چاھيندو آھي ۽ اھو خود لاءِ اعزاز سمجھي ان تي فخر پڻ ڪندو رھندو آھي، حالانڪه سندس ان قسم جي سرگرمين سان قوم کي ڪو معمولي به فائدو ناھي ٿيندو ويتر ان جو ايترو وڏو نقصان ٿئي ٿو، جنھن جو کيس ڪو گمان ۽ اندازو به ناھي ھوندو۔

سياست ۾ حصو وٺڻ سان ئي قومن ۾ شعور پئدا ٿيندو آھي ۽ اھا ئي سڀ منزلون طئه ڪري ترقي ۽ تعليم يافته قوم بڻجندي آھي، باشعور قومن جو ڪا به طاقت نه ته حق غضب ڪري سگھندي آھي، نڪي وري کين پنھنجو غلام بڻائي ساڻن غير انساني ورتاءُ ڪندي آھي۔ اھو ئي سبب آھي جو عام سنڌي ماڻھوءَ جو سياست ۾ اچڻ غاصب قوتن ۽ قومن کي پسند ناھي ۽ ان جي رستا روڪ ڪرڻ لاءِ مختلف حربا آزمايا ۽ استعمال ڪيا پيا وڃن ۽ اھي سنگين انساني حقن جي ڀڃڪڙي واري ذمري ۾ اچن ٿا، جيڪي سنڌين کي سياسي اٻوجھه رکي پنھنجي زميني خدائي برقرار رکڻ چاھيندا آھن، قاسم چانڊيو جي قتل کان ويندي مشتاق خاصخيلي جي ٽارگيٽ ڪلنگ تائين، باکوڙي موري جي شھيدن کان ويندي مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو جي شھادت تائين اھي سڀ ان ئي سلسلي ۽ ڪوشش جون ڪڙيون آھن ۽ انھن ڪڙين مان ھڪ ڪڙي تازو ڪراچي ۾ قتل ٿيندڙ عرفان مھر جي موت سان به ملي ٿي، پر ھاڻ اھو ممڪن ئي ناھي رھيو جو سنڌ جو چالاڪ ۽ ثقافت جو ويري دشمن، پوءِ اھو ڀل سنڌي ۽ ڪنھن اعلي عھدي تي فائز ئي ڇو نه ھجي۔ ۽ پنھنجي ھر منفي مقصد ۽ سدائين سازش ۾ ڪامياب ٿئي، توڙي جو ھو قوم جي ماڻھن کي گمراه ڪري کين قوم خلاف ئي استعمال ڪرڻ جو ھنر خوب ڄاڻيندو آھي،

جيئن  ڪجهه ماڻھون ڪلچر ڊي ملھائڻ جي مخالفت ڪندي چوندا آھن ته ثقافت جي نالي تي نياڻين کي نچايو وڃي ٿو، يا عورتن جي پٽڪو ٻڌڻ يا ٽوپي پائڻ تي اعتراض ڪن ٿا، اھڙا سوال اھي ماڻھون ڪندا آھن جن کي سنڌي قوم جو تاريخي پسمنظر معلوم ناھي۔ پر حقيقت کي ھارائڻ ايڏو سولو ناھي، کڻي ايئن چئجي ته حقيقت کي ڪير به ھارائي نٿو سگھي۔ ڪالهه جيڪي سنڌين کي طنزيه شھيد مھاراجا ڏھر جو نسل چوندا ھئا، اھي رنجيت سنگهھ کي پنھنجو قومي ھيرو مڃي ورتو آھي، لاھور ۾ ان جو مجسمو نصب ڪري ۽ نصاب ۾ سندس زندگي بابت ڄاڻ تي مشتمل سبق شامل ڪيو ويو آھي، سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ واري اسان جي مطالبي تي ٽوڪ واري انداز ۾ اسان کي غدار چوندڙ اڄ اتي پنجابي ٻولي کي بچائڻ لاءِ تنظيمون قائم ڪري چڪا آھن ۽ پنجاب ۾ پنجابي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ جھدوجھد جي شروعات ٿي چڪي آھي، نه صرف ايترو پر اسان جي ثقافت تي چٿرون ڪرڻ وارا به اڄ پنھنجي ثقافت جو ڏينھن ملھائڻ تي مجبور آھن، توڙي جو سندن شاندار ۽ شاھوڪار ثقافت ۽ تھذيب ناھي۔ تنھن باوجود به اسان کي ڪو اعتراض ناھي، ڇو ته اسين ڪالهه به کين الڳ قوم تسليم ڪندا ھئاسين ۽ اڄ به ڪريون ٿا، پر انھن خود کي الڳ قوم سمجھڻ شروع ڪيو آھي ته اھا حقيقت، اسان جي جھدوجھد ۽ شعور جي فتح آھي، جنھن جي ھو تابع اچي چڪا آھن۔

سنڌ ۾ ثقافتي ڏينھن ملھائڻ جو شروعات تڏھن ٿي ھئي، جڏھن ملڪ جو صدر آصف علي زرداري سنڌي ٽوپي پائي افغانستان جي دوري تي ويو ھو ۽ ان کي ھڪ اڙدو ٽي وي چينل جي اينڪرپرسن جاھلن جي ثقافت سڏيو ھو، جنھن خلاف سموري سنڌ مان سخت ردعمل آيو، جنھن تي ھن سنڌي قوم کان معافي به گھري ھئي۔ سنڌي ماڻھن ۽ ثقافت تي چٿر جو اھو ڪو پھريون واقعو نه ھو، ان کان اڳي ۽ اڃان تائين اھو سلسلو جاري آھي، لياقت علي خان پرويز مشرف شاھد آفريدي ۽ ٻين جا بيان رڪارڊ تي موجود آھن، بلڪه اھو تعصب  ويتر وڌيو آھي، سنڌين خلاف تعصبي عناصر وڌيڪ سرگرم ڏسڻ ۾ اچن ٿا، ۽ ھو سنڌين جي ڪراچي ۾ وڌندڙ آبادي کي روڪڻ جي ھرممڪن ڪوشش ڪري رھيا آھن۔ انھن جي ڪوششن کي ناڪام رڳو سال ۾ ھڪ ڀيرو گڏجڻ سان ڪڏھن به نٿو ڪري سگھجي۔ ان لاءِ اسان کي ھڪ پوري سگھه، تياري، حڪمت عملي ۽ مستقل مزاجي سان ساڻن ڊگھي ويڙھ وڙھڻي پوندي ۽ سياسي جھدوجھد ڪرڻي پوندي، جنھن لاءِ اسان مان جن به ماڻھن کي مالي سگهھ حاصل آھي، اھي ڪراچي ۾ گھٽ ۾ گھٽ پنھنجي لاءِ ھڪ گھر ضرور خريد ڪن پوءِ ڀل ان جي کين ڪا ضرورت ئي نه ھجي ۽ بنا ڪنھن خوف کائڻ جي سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ گھرجي ۽ ان مقصد لاءِ مناسب ۽ وس آھر خرچ ڪرڻ گھرجي، پنھنجا ووٽ ڪراچي ۾ داخل ڪرائي پنھنجي رجسٽرڊ اڪثريت واضح ڪرڻ ۾ ئي عقلمندي، بقا ۽ اھا وقت جي تقاضا پڻ آھي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.