واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) وينزويلا جي صدر خلاف آپريشن جي ڳجهي ڄاڻ استعمال ڪري لکين ڊالر کٽيندڙ آمريڪي اسپيشل فورسز جي اهلڪار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
آمريڪي انصاف واري کاتي موجب، گرفتار فوجي اهلڪار وينزويلا جي صدر خلاف آپريشن جي رٿابندي ۾ شامل هو.
اختيارين موجب، جوابدار سرڪاري ڳجهي ڄاڻ جو استعمال ڪندي آن لائن بيٽنگ پليٽ فارم تي اٽڪل 32 هزار ڊالرن جي شرط لڳائي هئي ته صدر مادورو جنوري تائين اقتدار مان ٻاهر ٿي ويندو، ان شرط ذريعي اهلڪار 4 لک ڊالرن کان وڌيڪ رقم ڪمائي.
رپورٽن موجب، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فوجي اهلڪار جي گرفتاري کان بي خبر نڪتو. آمريڪي صدر ان بابت ردعمل ڏيندي چيو ته هو ”ان سائڊر ٽريڊنگ“ ۽ جنگ بابت شرطن جي حق ۾ ناهي.
هن چيو ته سڄي دنيا هڪ ڪسينو (جوا جي اڏي) جهڙي ٿي آهي، ماڻهو شرطون لڳائي رهيا آهن جيڪو کيس پسند ناهي، هي هڪ چري دنيا آهي جيڪا اڳ جي ڀيٽ ۾ گهڻي مختلف آهي.
ياد رهي ته جنوري ۾ آمريڪي فوج وينزويلا جي راڄڌاني سميت مختلف هنڌن تي حملا ڪيا هئا، جنهن دوران صدر مادورو ۽ سندس گهرواري کي گرفتار ڪري آمريڪا منتقل ڪيو ويو هو.